|
| 1 |
|
| جيڪو سڌاري کي پيار ڪري ٿو سو علم کي پيار ڪري ٿو: پر جيڪو عتاب کي ڌڪاري ٿو سو حيوان آهي. |
|
| 2 |
|
| چڱو ماڻهو خداوند جي مهرباني حاصل ڪندو: پر خراب تجويزن واري ماڻهوءَ کي هو ڏوهي ٺهرائيندو. |
|
| 3 |
|
| ماڻهو شرارت جي ڪري قائم نہ رهندو: پر سچي جي پاڙ ڪڏهن بہ چورڻ جي ناهي. |
|
| 4 |
|
| نيڪ زال پنهنجي مڙس جو ڇٽ آهي: پر جيڪا شرمندگي ٿي آڻي سا اُن جي هڏن ۾ ساڙ وانگر آهي. |
|
| 5 |
|
| سچن جا خيال انصاف جهڙا آهن: پر شريرن جون مصلحتون ٺڳي آهن. |
|
| 6 |
|
| شريرن جون ڳالهيون خون ڪرڻ جي لاءِ لڪي ويهڻ جهڙيون آهن: پر سچن جو وات انهن کي ڇڏائي ٿو. |
|
| 7 |
|
| شرير اونڌا اُڇلايا وڃن ٿا ۽ هستيءَ ۾ ناهن: پر سچن جو گهر قائم بيٺو رهندو. |
|
| 8 |
|
| ماڻهو پنهنجي ڏاهپ آهر ساراهيو ويندو: پر جيڪو ڏنگيءَ دل وارو آهي سو ڌڪاريو ويندو. |
|
| 9 |
|
| اُهو ماڻهو جو گهٽ قدر وارو آهي ۽ جنهن کي ڪو نوڪر آهي سو انهيءَ کان بهتر آهي، جو پاڻ کي عزت ٿو ڏئي پر ماني ڪانہ اٿس. |
|
| 10 |
|
| سچو ماڻهو پنهنجي جانور جي ساهہ جي سنڀال رکي ٿو: پر شريرن جون رحم جهڙيون مهربانيون بہ ظلم جهڙيون آهن. |
|
| 11 |
|
| جيڪو پنهنجي زمين پوکي ٿو تنهن کي ججهي ماني ملندي: پر جيڪو اجاين شين جي پٺيان لڳي ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي. |
|
| 12 |
|
| شرير خراب ماڻهن جو ڄار چاهي ٿو: پر سچي جي پاڙ ڦر پيدا ڪري ٿي. |
|
| 13 |
|
| چپن جي گنهگاريءَ ۾ خراب ڦانڌو آهي: پر سچو ماڻهو تڪليف مان نڪري ايندو. |
|
| 14 |
|
| ماڻهو پنهنجي ڪلام جي وسيلي چڱائيءَ سان ڍءُ ڪندو: ۽ هن جي هٿن جو ڪيتو کيس ڏنو ويندو. |
|
| 15 |
|
| بي عقل جو رستو سندس نظر ۾ سنئون آهي: پر جيڪو ڏاهو آهي سو مصلحت ٻڌي ٿو. |
|
| 16 |
|
| بي عقل جي چڙ هڪدم معلوم ٿي وڃي ٿي: پر سياڻو ماڻهو خواري لڪائي ڇڏي ٿو. |
|
| 17 |
|
| جيڪو سچ چوي ٿو سو سچائي ظاهر ڪري ٿو، پر ڪوڙو شاهد ٺڳي ظاهر ڪري ٿو. |
|
| 18 |
|
| ڪو اهڙو بہ آهي جو اُٻهرو ڳالهائي ترار وانگر گهائل ٿو ڪري: پر ڏاهي جي زبان صحت بخش آهي. |
|
| 19 |
|
| سچ جي ڳالهہ هميشہ قائم رهندي: پر ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان رڳو هڪڙي لحظي لاءِ آهي. |
|
| 20 |
|
| جيڪي خرابيءَ جون رٿون ڪن ٿا تن جي دل ۾ ٺڳي آهي: پر صلح جي مصلحت ڪرڻ وارن لاءِ خوشي آهي. |
|
| 21 |
|
| سچي کي ڪوبہ نقصان نہ رسندو: پر شرير خرابيءَ سان ڀرجي ويندو. |
|
| 22 |
|
| ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: پر جي سچائيءَ سان هلت ٿا ڪن تن مان هن کي خوشي ٿئي ٿي. |
|
| 23 |
|
| سياڻو ماڻهو علم لڪائي ٿو: پر بي عقلن جي دل بي عقليءَ جو ڍنڍورو ڏئي ٿي. |
|
| 24 |
|
| محنتي ماڻهوءَ جو هٿ حڪمراني ڪندو: پر سست ماڻهوءَ کان زور سان سخت ڪم ورتو ويندو. |
|
| 25 |
|
| دل جو فڪر ماڻهوءَ کي جهڪائي ڇڏي ٿو، پر چڱي گفتگو انهيءَ کي خوش ڪري ٿي. |
|
| 26 |
|
| سچو پنهنجي پاڙيسريءَ جو رهنما آهي: پر شريرن جو رستو انهن کي گمراهہ ڪري ٿو. |
|
| 27 |
|
| سست ماڻهو جيڪو شڪار پڪڙي ٿو سو ڪباب نٿو ڪري: پر ماڻهن جو قيمتي مال محنتيءَ جي لاءِ آهي. |
|
| 28 |
|
| سچائيءَ جي رستي ۾ حياتي آهي؛ ۽ ان جي دڳ تي موت ڪونهي. |
|
|
|
|