|
| 1 |
|
| ڏاهو پٽ پنهنجي پيءُ جي تعليم ٻڌي ٿو: پر ٺٺولي ڪندڙ ملامت نٿو ٻڌي. |
|
| 2 |
|
| ماڻهو پنهنجي وات جي ڦل جي ڪري چڱائي کائيندو: پر دغابازن جي روح لاءِ ظلم زبردستي آهي. |
|
| 3 |
|
| جيڪو پنهنجو وات سنڀالي ٿو سو پنهنجي حياتي سنڀالي ٿو: پر جيڪو پنهنجا چپ وڏا ٿو پٽي سو ناس ٿي ويندو. |
|
| 4 |
|
| سست ماڻهو خواهش ڪري ٿو، ۽ حاصل ڪجهہ بہ نٿو ٿئيس: پر محنتي ماڻهوءَ جي جان ٿلهي ٿي ٿئي. |
|
| 5 |
|
| سچو ماڻهو ڪوڙ ڳالهائڻ کي ڌڪاري ٿو: پر شرير ماڻهو نفرت جهڙو آهي، ۽ نيٺ شرمندو ٿئي ٿو. |
|
| 6 |
|
| سچائي انهيءَ جي نگهباني ڪري ٿي جو پنهنجي رستي ۾ سچو آهي: پر شرارت گنهگار کي اونڌو اُڇلايو ڇڏي. |
|
| 7 |
|
| ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي دولتمند ڪري ٿو، تہ بہ وٽس ڪي ڪين آهي: ڪو اهڙو بہ آهي جو پاڻ کي غريب ڪري ٿو، تہ بہ وٽس گهڻي دولت آهي. |
|
| 8 |
|
| دولتمند جي حياتيءَ جو عيوضو سندس دولت آهي: پر غريب ڪوبہ دڙڪو ڪونہ ٿو ٻڌي. |
|
| 9 |
|
| سچن جي روشني چمڪي ٿي: پر شريرن جو ڏيئو اُجهامي ويندو. |
|
| 10 |
|
| مغروريءَ مان فقط تڪرار پيدا ٿئي ٿو: پر چڱي صلاح مصلحت ڪرڻ وارن وٽ ڏاهپ آهي. |
|
| 11 |
|
| اجائي هلت سان حاصل ڪيل دولت گهٽجي ويندي: پر جيڪو پورهيو ڪري اُها گڏ ڪري ٿو تنهنجي وڌندي ويندي. |
|
| 12 |
|
| ترسايل اُميد دل کي بيمار ڪري ٿي: پر جڏهن مراد پوري ٿئي ٿي تڏهن اُها حياتيءَ جو وڻ آهي. |
|
| 13 |
|
| جيڪو ڪلام کي ڌڪاري ٿو سو پاڻ کي ناس ڪري ٿو: پر جيڪو حڪم کان ڊڄي ٿو تنهن کي انعام ملندو. |
|
| 14 |
|
| ڏاهن جي تعليم حياتيءَ جو چشمو آهي، جنهن ڪري موت جي ڦانڌن مان ڇُٽجي ٿو. |
|
| 15 |
|
| چڱي سمجهہ قبوليت ٿي بخشي: پر دغابازن جو رستو ڏکيو آهي. |
|
| 16 |
|
| سڀڪو سياڻو ماڻهو علم سان ڪم ڪري ٿو: پر بي عقل بي عقلي پکيڙي ٿو. |
|
| 17 |
|
| شرير قاصد خرابيءَ ۾ ڦاسي پوي ٿو: پر ايماندار ايلچي تندرستي آڻيندڙ آهي. |
|
| 18 |
|
| جيڪو سيکت قبول نٿو ڪري تنهن کي غريبي ۽ شرمندگي حاصل ٿيندي: پر جيڪو عتاب تي ڌيان ڏئي ٿو سو عزت حاصل ڪندو. |
|
| 19 |
|
| حاصل ٿيل مراد دل کي مٺي ٿي لڳي: پر برائيءَ کان پري ڀڄڻ بي عقلن جي لاءِ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي. |
|
| 20 |
|
| ڏاهن سان گهم ڦر تہ تون بہ ڏاهو ٿين: پر بي عقلن جو سنگتي انهيءَ لاءِ هلاک ٿيندو. |
|
| 21 |
|
| بدي گنهگارن جي پٺيان پوي ٿي: پر سچن کي چڱو بدلو ملي ٿو. |
|
| 22 |
|
| چڱو ماڻهو پنهنجي اولاد جي اولاد لاءِ بہ ورثو ڇڏي ٿو؛ پر گنهگارن جي دولت سچن جي لاءِ سانڍي رکيل آهي. |
|
| 23 |
|
| غريبن جي ٻنيءَ ۾ گهڻو اَنُ آهي: پر اهڙا بہ ڪي آهن جي بي انصافيءَ جي ڪري ناس ٿا ٿين. |
|
| 24 |
|
| جيڪو پنهنجو لڪڻ نٿو ڪم آڻي سو پنهنجي پٽ کي ڌڪاري ٿو: پر جيڪو انهيءَ کي پيار ڪري ٿو سو بروقت انهيءَ کي سيکت ڏئي ٿو. |
|
| 25 |
|
| سچو پيٽ ڀري کائي خوش ٿئي ٿو: پر بي عقل جو پيٽ ڀرجڻ جو ناهي. |
|
|
|
|