|
| 1 |
|
| عقلمند عورت پنهنجو گھر آباد ٿي ڪري، مگر بيوقوف عورت پنهنجو گھر پاڻ برباد ڪريو ڇڏي. |
|
| 2 |
|
| سڌي رستي تي هلڻ وارو خدا جو فرمانبردار ٿو رهي، مگر ڏنگي رستي تي هلڻ وارو سندس نافرماني ٿو ڪري. |
|
| 3 |
|
| بيوقوف جو غرور منجھان ڳالهائڻ اهڙيءَ لٺ مثل آهي، جيڪا سندس ئي پٺيءَ تي ٿي وسي. مگر عقلمندن جون ڳالهيون سندن حفاظت ٿيون ڪن. |
|
| 4 |
|
| جتي هر ڪاهڻ لاءِ ڏاند ناهن، اتي گدام اناج کان خالي ٿا رهن، مگر ڏاندن جي هجڻ سان جھجھو اناج حاصل ڪري ٿو سگھجي. |
|
| 5 |
|
| ايماندار شاهد سچ ٿو ڳالهائي، مگر بيايمان شاهد ڪوڙ ئي ڪوڙ ٿو ڳالهائي. |
|
| 6 |
|
| ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙ ماڻهو، ڪڏهن بہ ڏاهپ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي. مگر جنهن ماڻهوءَ کي سمجھہ آهي، سو آسانيءَ سان ڏاهپ حاصل ڪري سگھي ٿو. |
|
| 7 |
|
| بيوقوفن کان پري رهو، ڇاڪاڻ تہ انهن مان سکڻ لاءِ اوهان کي ڪجھہ نہ ملندو. |
|
| 8 |
|
| عقلمند ماڻهو پنهنجي سمجھہ سان صحيح راهہ تي هلي ٿو، مگر بيعقل ماڻهو پنهنجي نادانيءَ سان پاڻ کي دوکو ٿو رسائي. |
|
| 9 |
|
| بيعقل ماڻهو گناهہ ڪرڻ کان روڪڻ تي کل ٺٺولي ٿا ڪن، مگر جيڪي سڌي راهہ تي ٿا هلن تن سان خدا راضي ٿو رهي. |
|
| 10 |
|
| هر ڪو پنهنجا ڏک سک پاڻ ئي ٿو ڄاڻي، ٻئي کي ڪنهن جي دل جي ڪهڙي خبر. |
|
| 11 |
|
| بدڪارن جون پڪيون جايون برباد ٿي وينديون، جڏهن تہ سچارن جون جھڳيون بہ قائم وَ دائم رهنديون. |
|
| 12 |
|
| ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي. |
|
| 13 |
|
| ڪڏهن تہ دل غمگين هئڻ باوجود کلڻو ٿو پوي، پر کلڻ کان پوءِ وري غم ياد ٿو اچي. |
|
| 14 |
|
| انسان جيڪي پوکيندو سو ئي لڻندو، پوءِ نيڪي پوکي چاهي بڇڙائي. |
|
| 15 |
|
| نادان ماڻهو سڀ ڪنهن ڳالهہ تي ويساہ ٿو ڪري، مگر سياڻو ماڻهو سوچي سمجھي قدم ٿو کڻي. |
|
| 16 |
|
| عقلمند ماڻهو خبرداريءَ کان ڪم وٺي ٿو، ۽ مشڪلاتن کان پاسو ٿو ڪري. مگر بيوقوف ماڻهو بيپرواهي ڪري ٿو، ۽ هر معاملي ۾ ٽنگ اڙايو ڇڏي. |
|
| 17 |
|
| جذباتي ماڻهو بيوقوفي ڪريو وجھي، ۽ سازش ڪندڙن کان ماڻهو نفرت ٿا ڪن. |
|
| 18 |
|
| نادانيءَ جو نتيجو بيعقلي آهي، مگر دانائي سمجھہ جو تاج ٿي پهرائي. |
|
| 19 |
|
| بڇڙا ماڻهو چڱن جي اڳيان نيٺ ڪنڌ جھڪائيندا. هائو، بدڪار ماڻهو سچارن جي درن تي نيٺ جھڪندا. |
|
| 20 |
|
| سائي جا سالا بہ گھڻا، ڀينگي جو ڀيڻويو ئي نہ لڀي. |
|
| 21 |
|
| جيڪي غريبن تي رحم ٿا ڪن سي سڀاڳا آهن، مگر جيڪي انهن کان نفرت ٿا ڪن سي گناهہ ٿا ڪن. |
|
| 22 |
|
| جيڪو بڇڙائيءَ جا منصوبا ٿو جوڙي سو گمراهہ آهي، مگر جيڪو هر ڪنهن جو خيرخواهہ آهي، سو سڀني لاءِ معتبر ۽ معزز آهي. |
|
| 23 |
|
| هر طرح جي محنت مان فائدو ٿو ملي، مگر رڳو بڪواس ڪرڻ سان محتاجيءَ کان سواءِ ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ٿئي. |
|
| 24 |
|
| عقلمندن کي سندن ڏاهپ دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بيعقل وڌيڪ بيوقوف ٿيو وڃن. |
|
| 25 |
|
| سچو شاهد ماڻهوءَ جي زندگي بچائي ٿو، مگر ڪوڙو شاهد دغابازي ٿو ڪري. |
|
| 26 |
|
| جيڪڏهن ڪو خداوند جو خوف رکندو، تہ خداوند هن جي ۽ سندس ڪٽنب جي مضبوط پناهہگاهہ بڻبو. |
|
| 27 |
|
| خداوند جو خوف حياتي ڏيندڙ چشمو آهي، جنهن ڪري ماڻهو موت جي ڦندي کان بچي وڃي ٿو. |
|
| 28 |
|
| عوام جي گھڻائي ئي بادشاهہ جو شان آهي، باقي بنا عوام جي بادشاهہ جو ڪهڙو شان؟ |
|
| 29 |
|
| جذباتي انسان پنهنجي بيوقوفي ظاهر ڪيو ڇڏي، مگر صبر وارو انسان نهايت عقلمند ٿئي ٿو. |
|
| 30 |
|
| دل جو سڪون بدن کي تندرستي ٿو بخشي، مگر حسد وَ ساڙ انسان جون هڏيون بہ ڳاريو ڇڏي. |
|
| 31 |
|
| جيڪو غريبن تي ظلم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ پنهنجي خالق جي بيحرمتي ٿو ڪري. مگر جيڪو محتاجن تي رحم ٿو ڪري، سو خدا جي تعظيم ٿو ڪري. |
|
| 32 |
|
| بدڪار ماڻهو پنهنجي بڇڙن ڪمن جي ڪري برباد ٿيو وڃي، مگر سچار ماڻهو پنهنجي ايمانداريءَ جي ڪري محفوظ رهي ٿو. |
|
| 33 |
|
| عقلمند جي دل ۾ ڏاهپ گھر ڪريو ويهي، مگر بيعقلن جي دل ۾ انهيءَ جي ڪا ڄاڻ ئي نہ ٿي رهي. |
|
| 34 |
|
| سچائي قوم کي سربلند ڪري ٿي، مگر ناانصافي قوم جي لاءِ خواري ٿي آڻي. |
|
| 35 |
|
| بادشاهہ انهيءَ نوڪر تي مهربان ٿو رهي، جيڪو ڏاهپ سان ٿو هلي، مگر بيوقوفيءَ سان هلڻ واري تي بادشاهہ ڪاوڙجي کيس سزا ٿو ڏئي. |
|
|
|
|