|
| 1 |
|
| نرم جواب ڪاوڙ وڃايو ڇڏي، مگر کهري زبان ڪاوڙ وڌايو ڇڏي. |
|
| 2 |
|
| جيڪا نصيحت عقلمندن جي زبان مان ٿي نڪري، سا وڻندڙ آهي. مگر بيعقلن جي وات مان بيوقوفي وهيو نڪري. |
|
| 3 |
|
| خداوند هر هنڌ حاضر آهي، هو چڱن توڙي بڇڙن سڀني تي نظر رکي ٿو. |
|
| 4 |
|
| مهربانيءَ وارا لفظ حياتي بچائيندڙ دوا مثل آهن. مگر ٺڳيءَ واريون ڳالهيون دل کي ٽوڙيو ڇڏين. |
|
| 5 |
|
| بيعقل ٻار پنهنجي والدين جي سيکت کي ڌڪارين ٿا، مگر جيڪي سندن تنبيهہ تي ڌيان ٿا ڏين سي عقلمند آهن. |
|
| 6 |
|
| سچار ماڻهوءَ جي سچائي کيس دولتمند بڻايو ڇڏي، مگر بدڪار ماڻهوءَ جي دولت کيس ڏکيائيءَ ۾ وجھيو ڇڏي. |
|
| 7 |
|
| عقلمند ماڻهو ڄاڻ ٿا ورهائين، مگر بيوقوفن جا خيال ڪنهن ڪم جا ناهن. |
|
| 8 |
|
| سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي. |
|
| 9 |
|
| بدڪارن جي چال چلت کان خداوند کي نفرت آهي، مگر جيڪي سچائيءَ سان ٿا هلن تن سان هو محبت ٿو رکي. |
|
| 10 |
|
| جيڪو سڌي رستي کان ڦري ٿو وڃي، تنهن لاءِ سخت سزا آهي، ۽ جيڪو تنبيهہ کي ڌڪاري ٿو سو ضرور مرندو. |
|
| 11 |
|
| جڏهن تہ قبر ۽ پاتال ئي خداوند کان ڳجھا ڪين آهن، تڏهن انسان پنهنجي دلين جا خيال کانئس ڪيئن ٿا لڪائي سگھن؟ |
|
| 12 |
|
| هٺيلو ماڻهو تنبيهہ کي پسند نہ ٿو ڪري، تنهنڪري هو عقلمندن جي مجلس ۾ هرگز نہ ٿو وڃي. |
|
| 13 |
|
| دل جي خوشي چهري کي رونق بخشيو ڇڏي، مگر دل جي غمگيني انسان جو حليو ئي بگاڙيو ڇڏي. |
|
| 14 |
|
| سمجھہ واري ماڻهوءَ جي دل وڌيڪ ڄاڻ جي طلب ۾ رهي ٿي، مگر بيعقل ماڻهو بيوقوفيءَ جا ئي بکايل ٿا رهن. |
|
| 15 |
|
| بيشڪ غريب ماڻهوءَ جي زندگي مشڪلاتن ۾ ٿي گذري، مگر خوشدل ماڻهو ان حال ۾ بہ زندگيءَ جو لطف پيا ماڻين. |
|
| 16 |
|
| خدا جو خوف رکندي گھٽ دولتمند هجڻ، انهيءَ وڏي دولتمند هجڻ کان بهتر آهي، جنهن ۾ پريشانيون ئي پريشانيون هجن. |
|
| 17 |
|
| ڪلفت وارن قوفتن کان، سڪ واري سبزي ڀلي. |
|
| 18 |
|
| جذباتي ماڻهو جھڳڙا ڪرايو وجھي، مگر ٿڌي طبيعت وارو ماڻهو جھڳڙا ٽاريو ڇڏي. |
|
| 19 |
|
| سُست ماڻهوءَ جو رستو ائين آهي، جيئن ڪنڊن وارو پيچرو هجي، مگر سچائيءَ وارن جي واٽ ائين آهي، جيئن سنئين سڌي شاهي سڙڪ هجي. |
|
| 20 |
|
| ڏاهن ٻارن مان والدين خوش ٿا رهن، مگر بيعقل پنهنجي والدين کي ڏک ٿا رسائين. |
|
| 21 |
|
| بيعقل ماڻهو پنهنجي بيوقوفيءَ تي خوش ٿا ٿين، مگر عقلمند ماڻهو اهو ئي ٿا ڪن جيڪو درست آهي. |
|
| 22 |
|
| صلاح مشوري کان سواءِ ڪوبہ منصوبو ڪاميابيءَ سان پورو ٿي نہ ٿو سگھي، مگر گھڻن جي صلاح سان ئي اهو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿئي ٿو. |
|
| 23 |
|
| چڱي ڳالهہ ٻڌائڻ سان خوشي ٿي ٿئي، بلڪ موزون وقت تي صحيح جواب ٻڌائڻ ۾ بہ مزو اچي ٿو. |
|
| 24 |
|
| عقلمند ماڻهو اهڙو رستو اختيار ٿا ڪن، جيڪو کين زندگيءَ ڏانهن وٺيو وڃي. هو اهو رستو نہ ٿا وٺن جيڪو موت ڏانهن وٺيو وڃي. |
|
| 25 |
|
| جيڪي مغرور آهن، تن جا پڪا گھر بہ خداوند برباد ڪريو ڇڏي. مگر جيڪي رنونزالون آهن، تن جي ملڪيت جي هو حفاظت ٿو ڪري. |
|
| 26 |
|
| بدڪار ماڻهن جي خيالن کان خداوند کي نفرت آهي، مگر نيڪ ماڻهن جي چڱين ڳالهين کي هو پسند ٿو ڪري. |
|
| 27 |
|
| ناجائز نفعي جو لالچي پنهنجي گھر جي برباديءَ جو سبب ٿو بڻجي، مگر رشوت کان نفرت ڪرڻ وارو ڊگھي ڄمار ماڻي ٿو. |
|
| 28 |
|
| سچار ماڻهو سوچي سمجھي ورندي ڏيندا آهن، مگر بدڪار ماڻهن جي بڪواس ۾ بڇڙائيءَ واريون ڳالهيون آهن. |
|
| 29 |
|
| خداوند بدڪارن کان منهن موڙيو ڇڏي، مگر هو سچارن جون دعائون ٻڌي ٿو. |
|
| 30 |
|
| مرڪندڙ چهرو دل خوش ڪريو ڇڏي، ۽ خوشخبري چهري ۾ تازگي آڻيو ڇڏي. |
|
| 31 |
|
| جيڪو زندگي سڌاريندڙ سيکت تي ڌيان ٿو ڏئي، سو عقلمندن ۾ شمار ڪيو ويندو. |
|
| 32 |
|
| تربيت کان منهن موڙڻ وارو پنهنجي جان جو دشمن آهي، مگر تنبيهہ تي ڌيان ڏيڻ وارو سمجھہ حاصل ڪري ٿو. |
|
| 33 |
|
| خداوند جو خوف ڏاهپ جي سکيا آهي، نماڻائيءَ سان ئي مان مرتبو ملي ٿو. |
|
|
|
|