|
| 1 |
|
| دل جون تياريون ماڻهوءَ جي بِلي آهن: پر زبان جو جواب خداوند وٽان آهي. |
|
| 2 |
|
| ماڻهوءَ جا سڀ رستا سندس نظر ۾ صاف آهن: پر خداوند روح کي توري ٿو. |
|
| 3 |
|
| پنهنجا ڪم خداوند جي حوالي ڪر تہ پوءِ تنهنجا ارادا قائم رهندا. |
|
| 4 |
|
| خداوند سڀڪا شيءِ پنهنجي مطلب لاءِ جوڙي آهي: هائو، بلڪ شريرن کي برائيءَ جي ڏينهن لاءِ بہ. |
|
| 5 |
|
| جيڪو پنهنجي دل ۾ مغرور آهي تنهن کان خداوند کي نفرت ٿي اچي: بيشڪ هو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو. |
|
| 6 |
|
| رحم ۽ سچ سان بي انصافي دفع ٿي وڃي ٿي! ۽ خداوند جي خوف سان ماڻهو بديءَ کان پري رهن ٿا. |
|
| 7 |
|
| جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو. |
|
| 8 |
|
| ٿوري پيدائش سچائيءَ سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهڻيءَ آمدنيءَ کان جا بي انصافيءَ سان گڏي ڪيل آهي. |
|
| 9 |
|
| ماڻهو جي دل سندس رستو رٿي ٿي: پر خداوند ان جي قدمن کي هلائي ٿو. |
|
| 10 |
|
| بادشاهہ جي چپن ۾ خدائي فيصلو آهي: هن جو وات عدالت ۾ خطا نہ ڪندو. |
|
| 11 |
|
| پوري ساهمي ۽ پڙ خداوند جا آهن: ڳوٿريءَ جا سڀ تورا سندس ڪم آهن. |
|
| 12 |
|
| شرارت جو ڪم ڪرڻ بادشاهن جي لاءِ ڪراهت جهڙي ڳالهہ آهي: ڇالاءِ جو تخت سچائيءَ سان قائم ٿو رهي. |
|
| 13 |
|
| سچا چپ بادشاهن جي خوشي آهن: ۽ جيڪو سچ ڳالهائيندو آهي تنهن کي هو پيار ڪندا آهن. |
|
| 14 |
|
| بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصدن وانگر آهي: پر ڏاهو ماڻهو انهيءَ کي جهڪو ڪندو. |
|
| 15 |
|
| بادشاهہ جي شڪل جي روشنائيءَ ۾ حياتي آهي: ۽ هن جي مهرباني پڇاڙيءَ واري مينهن جي ڪڪر جهڙي آهي. |
|
| 16 |
|
| ڏاهپ هٿ ڪرڻ سون کان ڪيترو نہ گهڻو بهتر آهي! هائو، سمجهہ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان زيادہ پسند ڪرڻ جي لائق آهي. |
|
| 17 |
|
| سچي جو شاهي رستو آهي بديءَ کان پري ڀڄڻ؛ جيڪو پنهنجو رستو سنڀالي ٿو، سو پنهنجو ساهہ بچائي ٿو. |
|
| 18 |
|
| مغروري موت کان اڳي ٿي هلي، ۽ هٺيلي دل ڪرڻ کان اڳي. |
|
| 19 |
|
| دل جو نماڻو ٿي غريبن سان گذارن بهتر آهي: انهيءَ کان تہ مغرور ماڻهن سان لٽ جو مال ورهائي وٺجي. |
|
| 20 |
|
| جيڪو ڪلام تي ڌيان ڏئي ٿو سو چڱائي لهندو: ۽ جيڪو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي سو سڀاڳو آهي. |
|
| 21 |
|
| ڏاهپ واري دل سياڻي سڏبي: ۽ چپن جو مٺاڻ علم وڌائي ٿو. |
|
| 22 |
|
| جنهن کي سمجهہ آهي تنهنجي لاءِ اُها حياتيءَ جو هڪڙو چشمو آهي: پر بي عقلن کي فهمائش ڏيڻ انهن جي بي عقلي آهي. |
|
| 23 |
|
| ڏاهي جي دل سندس وات کي تعليم ڏئي ٿي، ۽ سندس چپن ۾ علميت زيادہ ڪري ٿي. |
|
| 24 |
|
| وڻندڙ ڳالهيون ماکيءَ جي ماناري جهڙيون آهن، روح جي لاءِ مٺيون آهن ۽ هڏن جي لاءِ تندرستي آهن. |
|
| 25 |
|
| هڪڙو رستو آهي جو ماڻهوءَ کي سنئون ڏسڻ ۾ ٿو اچي، پر ان جي پڇاڙيءَ ۾ موت جا رستا آهن. |
|
| 26 |
|
| پورهئي ڪندڙ ماڻهوءَ جي اشتها ان جي لاءِ پورهيو ٿي ڪرائي؛ ڇالاءِ جو هن جو وات اهو هن کان گهري ٿو. |
|
| 27 |
|
| نالائق ماڻهو شرارت جون رٿون ڪري ٿو: ۽ هن جي چپن ۾ ساڙيندڙ باهہ آهي. |
|
| 28 |
|
| بيهودو ماڻهو جهيڙو جهڳڙو پکيڙي ٿو: ۽ چغل خور خاص دوستن کي دشمن ڪري ڇڏي ٿو. |
|
| 29 |
|
| ظالم ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ڌتاري وٺي وڃي ٿو، ۽ انهيءَ رستي تي وٺي ٿو وڃيس جو چڱو ناهي. |
|
| 30 |
|
| جيڪو پنهنجون اکيون بند ٿو ڪري سو انهيءَ لاءِ ٿو ڪري تہ بيهوديون ڳالهيون رٿي: جيڪو پنهنجا چپ ڀيڙي ٿو سو خرابيءَ پيدا ڪري ٿو. |
|
| 31 |
|
| اڇو مٿو فخر جو ڇٽ آهي، اُهو سچائيءَ جي رستي ۾ لڀندو. |
|
| 32 |
|
| جيڪو جلدي نٿو ڪاوڙجي سو زور واري ماڻهوءَ کان بهتر آهي؛ ۽ جيڪو پنهنجي کي روح قبضي ۾ رکي ٿو سو انهيءَ کان بهتر آهي جو شهر ٿو وٺي. |
|
| 33 |
|
| ڪڻو جهوليءَ ۾ اُڇلايو ٿو وڃي؛ پر انهيءَ جو انتظام خدا وٽان آهي. |
|
|
|
|