|
| 1 |
|
| انسان پنهنجيءَ دل ۾ ڪهڙا بہ منصوبا جوڙي ٿو، مگر سندس زبان مان اهو ئي ٿو نڪري، جيڪو خداوند چاهي ٿو. |
|
| 2 |
|
| انسان سوچي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو سو سڀ صحيح آهي، مگر خداوند دلين کي بہ جاچي ٿو. |
|
| 3 |
|
| پنهنجا سڀ ڪم خداوند جي حوالي ڪريو، تڏهن اوهان جا منصوبا ڪامياب ٿيندا. |
|
| 4 |
|
| خداوند هر شيءِ ڪنهن نہ ڪنهن مقصد لاءِ بڻائي آهي، بلڪ بدڪار ماڻهوءَ جي قسمت ۾ هن بربادي لکي ڇڏي آهي. |
|
| 5 |
|
| هر مغرور انسان کان خداوند کي نفرت آهي، يقيناً اهي سزا کان بچي نہ سگھندا. |
|
| 6 |
|
| شفقت ۽ سچائيءَ جي وسيلي گناهن جو ڪفارو ادا ڪري سگھجي ٿو، بلڪ خداوند جو خوف رکڻ سان انسان بڇڙائيءَ کان باز رهي سگھي ٿو. |
|
| 7 |
|
| جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي. |
|
| 8 |
|
| بيايمانيءَ سان جھجھي دولت گڏ ڪرڻ کان ايمانداريءَ سان ٿوري تي گذارو ڪرڻ وڌيڪ بهتر آهي. |
|
| 9 |
|
| انسان پنهنجي لاءِ هڪڙي راهہ سوچي ٿو، مگر سندس هر قدم خداوند جي وس ۾ آهي. |
|
| 10 |
|
| بادشاهہ جي زبان تي خدائي فيصلو هوندو آهي، سو فتويٰ ٻڌائڻ ۾ هن کان ڪا خطا نہ ٿيندي. |
|
| 11 |
|
| تور ۽ ماپ ۾ ايمانداريءَ کي خداوند پسند ٿو ڪري، هائو، سچائيءَ سان واپار ڪرڻ ۾ هو خوش ٿو ٿئي. |
|
| 12 |
|
| بڇڙائي ڪرڻ بادشاهن جي نظر ۾ نفرت جهڙي ڳالهہ آهي، ڇاڪاڻ تہ سندن تخت سچائيءَ سان ئي قائم رهي ٿو. |
|
| 13 |
|
| بادشاهہ سچ ٻڌڻ کي پسند ٿا ڪن، سو هو سچ ڳالهائڻ وارن کي پيارو ٿا گھرن. |
|
| 14 |
|
| بادشاهہ جي ڪاوڙ موت جي قاصد جيان آهي، سو عقلمند انسان اهو آهي، جيڪو انهيءَ جي ڪاوڙ کي ٿڌو ٿو ڪري. |
|
| 15 |
|
| بادشاهہ جي منهن تي سرهائي ماڻهن لاءِ زندگيءَ جي علامت آهي. هائو، هن جي مهربانيءَ جي نظر بهار ۾ برسات وسائيندڙ بادل جيان آهي. |
|
| 16 |
|
| ڏاهپ حاصل ڪرڻ چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي، بلڪ سون کان بہ وڌيڪ افضل آهي. |
|
| 17 |
|
| سچار ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪابہ بدڪاري نہ ٿي اچي، بلڪ سچائي سندس رستي جي نگهباني ڪري سندس جان جي حفاظت ٿي ڪري. |
|
| 18 |
|
| مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو. |
|
| 19 |
|
| مغرورن سان گڏ لٽ ڦر جو مال ويهي ورهائڻ کان غريبن سان گڏ نهٺو ٿي گذارڻ وڌيڪ بهتر آهي. |
|
| 20 |
|
| جيڪو ڏاهپ جي ڳالهين تي ڌيان ٿو ڏئي، سو خوشحال ٿيندو. جيڪو خداوند تي ڀروسو ٿو رکي سو برڪتن وارو ٿيندو. |
|
| 21 |
|
| عقلمند انسان سمجھہ وارو سڏجي ٿو، مِٺَ زبانيءَ جي ڪري گھڻن ماڻهن ۾ ڄاڻ ورهائجي ٿي. |
|
| 22 |
|
| عقلمند انسان لاءِ عقل حياتي بخشيندڙ چشمو آهي، مگر بيعقل بيوقوفيءَ جي تربيت حاصل ڪري ٿو. |
|
| 23 |
|
| عقلمند انسان ڳالهائڻ کان اڳ سوچ ويچار ڪري ٿو، تڏهن ئي تہ سندس ڳالهيون ٻين تي اثر ڪن ٿيون. |
|
| 24 |
|
| مهربانيءَ وارا لفظ ماکيءَ جهڙا ٿا ٿين. هائو، اهي ماکيءَ جهڙا مٺا ۽ تازگي بخشيندڙ آهن. |
|
| 25 |
|
| ڪي راهون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي ڏسڻ ۾ تہ سنئيون سڌيون نظر اينديون آهن، مگر انهن جي پڇاڙي موت هوندو آهي. |
|
| 26 |
|
| بک ئي انسان کان محنت مزدوري ڪرائي ٿي، هائو، بک انسان کي مجبور ڪريو وجھي. |
|
| 27 |
|
| بدڪار ماڻهو ٻين لاءِ کڏون ٿا کوٽين. هائو، سندن لفظ ڀڙڪندڙ باهہ مثل آهن. |
|
| 28 |
|
| دوکيباز ماڻهو ٻين ۾ جھيڙا جھڳڙا ٿا پيدا ڪن، ۽ چغلخور ماڻهو دوستن ۾ دشمنيون وجھيو ڇڏين. |
|
| 29 |
|
| ظالم ماڻهو پنهنجي دوستن کي بہ ڌتاريو ڇڏي، ۽ کين اهڙي راهہ ٿو وٺائي جو هو وڃي مصيبت ۾ ڦاسن. |
|
| 30 |
|
| اکيون هڻندڙ ماڻهو دوکيبازيءَ جون رٿون ٿو رٿي، هائو، اهڙو ماڻهو بدڪاريءَ جا منصوبا ٿو بڻائي. |
|
| 31 |
|
| ڊگھي ڄمار سچارن جو اجر آهي. هائو، اڇو مٿو عزت ۽ عظمت وارو تاج آهي. |
|
| 32 |
|
| وڏو زورآور ٿيڻ کان اهو بهتر آهي جو اوهين پنهنجي غصي کي ضابطي ۾ رکو، ڇاڪاڻ تہ شهرن تي قبضو ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ تي ضابطو رکڻ بهتر آهي. |
|
| 33 |
|
| انسان پنهنجا فيصلا پاڻ ٿو رٿي، مگر ٿئي اهو ئي ٿو جيڪي خداوند ٿو چاهي. |
|
|
|
|