|
| 1 |
|
| سڪل گرهہ صلح سان گڏ بهتر آهي، انهيءَ گهر کان جو عمدن طعامن سان ڀريل آهي، مگر جهيڙو اُن سان شامل آهي. |
|
| 2 |
|
| جيڪو نوڪر ڏاهپ سان ڪم ڪار ڪري ٿو سو انهيءَ پٽ تي حڪم هلائيندو جو خواري پيدا ٿو ڪري، ۽ انهيءَ کي ڀائرن سان گڏ ورثي جو حصو ملندو. |
|
| 3 |
|
| صاف ڪرڻ جو بوتو چانديءَ لاءِ آهي ۽ کورو سون جي لاءِ آهي: پر خداوند دلين جو پرکڻ وارو آهي. |
|
| 4 |
|
| بدڪار ماڻهو خراب ڳالهين تي ڌيان ڏئي ٿو، ۽ ڪوڙو ماڻهو شرارتي زبان ڏانهن ڪن ڏئي ٿو. |
|
| 5 |
|
| جيڪو غريبن تي ٺٺوليون ٿو ڪري سو خالق جي حقارت ٿو ڪري: ۽ جيڪو آفت تي خوش ٿو ٿئي سو اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو. |
|
| 6 |
|
| اولاد جو اولاد ٻڍن ماڻهن جو ڇٽ آهي؛ ۽ ٻارن جو فخر سندن ابا آهن. |
|
| 7 |
|
| عمدي تقرير بي عقل کي نٿي سونهين: بادشاهہ کي ڪوڙ ڳالهائيندڙ چپ انهيءَ کان بہ گهٽ. |
|
| 8 |
|
| سوکڙي جنهن کي ملي ٿي تنهن جي نظر ۾ هڪڙو جواهر آهي: جيڏانهن هو ڦري ٿو اوڏانهن هو فتحياب ٿئي ٿو. |
|
| 9 |
|
| جيڪو ڪو قصور لڪائي ٿو سو محبت ڳولي ٿو: پر جيڪو هڪڙيءَ ڳالهہ تي پيو پتوڙي سو گهاٽا دوست جدا ڪري ڇڏي ٿو. |
|
| 10 |
|
| جنهن کي سمجهہ آهي تنهن تي ڇڙٻ اهڙو اونهو اثر ٿي ڪري جهڙو ڪنهن بي عقل کي سؤ چهبڪ نٿا ڪن. |
|
| 11 |
|
| خراب ماڻهو رڳو فساد ڳولي ٿو؛ جنهن ڪري انهيءَ جي برخلاف هڪڙو سخت قاصد موڪليو ويندو. |
|
| 12 |
|
| مادي رڇ، جنهن جا ٻچا چورايا ويا هجن، سا ڪنهن ماڻهوءَ کي گڏجي تہ ڀلي گڏجي، پر بي عقل پنهنجي بي عقليءَ ۾ هن کي نہ گڏجي. |
|
| 13 |
|
| جيڪو چڱائيءَ جي بدران بڇڙائي ڪري ٿو، تنهن جي گهر کان بڇڙائي ڪڏهن بہ پري نہ ويندي. |
|
| 14 |
|
| جهيڙي جو شروع ٿيڻ اهڙو آهي جهڙو پاڻي ڇوڙي ڇڏڻ: تنهن ڪري جهيڙو ٿئي تنهن کان اڳي تڪرار ڇڏي ڏي. |
|
| 15 |
|
| جيڪو شرير کي سچو ٺهرائي ۽ جيڪو سچي کي شرير ٺهرائي. تن ٻنهي کان خداوند کي نفرت ٿي اچي. |
|
| 16 |
|
| ڪهڙي سبب ڏاهپ کي خريد ڪرڻ لاءِ بيوقوف جي هٿ ۾ قيمت موجود آهي، جڏهن هن کي ڪا سمجهہ ڪانهي؟ |
|
| 17 |
|
| دوست هر وقت پيار ڪري ٿو، ۽ ڀاءُ مصيبت جي وقت لاءِ ڄائو آهي. |
|
| 18 |
|
| جيڪو ماڻهو سمجهہ کان خالي آهي سو تاڙي ڏي ٿو ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ جي روبرو ضامن پوي ٿو. |
|
| 19 |
|
| جيڪو جهيڙي جهڳڙي کي پيار ڪري ٿو سو گناهہ کي پيار ڪري ٿو: جيڪو پنهنجو دروازو بلند ٿو ڪري سو پنهنجي خرابي ٿو ڳولي. |
|
| 20 |
|
| جنهن جي دل بيهودي آهي تنهن کي ڪابہ چڱائي حاصل نہ ٿي ٿئي: ۽ جنهن جي زبان ڏنگي آهي سو نقصان ۾ ٿو پوي. |
|
| 21 |
|
| جيڪو بيوقوف ٻار ٿو ڄڻي سو پنهنجي لاءِ ڏک ٿو پيدا ڪري: ۽ بيوقوف جي پيءُ کي ڪابہ خوشي حاصل ڪانهي. |
|
| 22 |
|
| خوشيءَ واري دل چڱي دوا آهي: پر شڪستو روح هڏا سڪائي ڇڏي ٿو. |
|
| 23 |
|
| شرير ماڻهو بغل مان رشوت ڪڍي ڏئي ٿو، انهيءَ لاءِ تہ عدالت جا رستا اُبتا ڪري ڇڏي. |
|
| 24 |
|
| ڏاهپ انهيءَ جي منهن جي اڳيان آهي جنهن کي سمجهہ آهي: پر بي عقل جون اکيون زمين جي ڪنارن تي آهن. |
|
| 25 |
|
| بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي لاءِ ڏک آهي، ۽ جنهن ڄڻيو اٿس تنهنجي لاءِ ڪَڙاڻ آهي. |
|
| 26 |
|
| سچن کي سزا ڏيڻ بہ چڱو نہ آهي، نڪي شريفن کي سندن سچائيءَ لاءِ مارڻ. |
|
| 27 |
|
| جيڪو علم وارو آهي سو ٿورو ٿو ڳالهائي: ۽ جيڪو ٿڌي طبيعت وارو آهي سو سمجهو آهي. |
|
| 28 |
|
| بي عقل بہ جڏهن ماٺ ڪري ٿو تڏهن ڏاهو شمار ڪيو وڃي ٿو: جڏهن هو پنهنجا چپ بند ڪري ٿو تڏهن سياڻو سمجهيو ٿو وڃي. |
|
|
: |
| ١ | | ٢ | | ٣ | | ٤ | | ٥ | | ٦ | | ٧ | | ٨ | | ٩ | | ١٠ | | ١١ | | ١٢ | | ١٣ | | ١٤ | | ١٥ | | ١٦ | | ١٧ | | ١٨ | | ١٩ | | ٢٠ | | ٢١ | | ٢٢ | | ٢٣ | | ٢٤ | | ٢٥ | | ٢٦ | | ٢٧ | | ٢٨ | 1
1
1 |
|
|---|
|
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/proverbs/017.mp3
31
17