|
| 1 |
|
| جيڪو پاڻ کي سڀني کان ڌار ٿو ڪري سو پنهنجي مراد ڳولي ٿو، ۽ سالم ڏاهپ سان بگڙيل رهي ٿو. |
|
| 2 |
|
| بي عقل کي سمجهہ مان ڪابہ خوشي حاصل نٿي ٿئي، سواءِ هن جي تہ سندس دل پنهنجو حال ظاهر ڪري. |
|
| 3 |
|
| جڏهن شرير اچي ٿو تڏهن اُتي نفرت بہ اچي ٿي، ۽ بدناميءَ سان گڏ ملامت اچي ٿي. |
|
| 4 |
|
| ماڻهوءَ جي وات جون ڳالهيون اونهي پاڻيءَ وانگر آهن: ڏاهپ جو چشمو وهندڙ نديءَ وانگر آهي. |
|
| 5 |
|
| شرير جي پاسداري ڪرڻ چڱي ڳالهہ ناهي، نڪي عدالت ۾ سچي کي هڪالي ڪڍڻ. |
|
| 6 |
|
| بي عقل جا چپ جهيڙي ۾ گهڙن ٿا، ۽ ان جو وات چهبڪ گهريو وٺي. |
|
| 7 |
|
| بي عقل جو وات سندس موت آهي، ۽ سندس چپ سندس روح جو ڦانڌو آهن. |
|
| 8 |
|
| چغل خور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، ۽ اهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ لهيو وڃن. |
|
| 9 |
|
| جيڪو پنهنجي ڪم ۾ ڍرو آهي سو بہ انهيءَ جو ڀاءُ آهي جو ناس ڪندڙ آهي. |
|
| 10 |
|
| خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو. |
|
| 11 |
|
| دولت مند ماڻهوءَ جي دولت سندس مضبوط شهر آهي، ۽ سندس خيال ۾ هڪڙي وڏي ڀت آهي. |
|
| 12 |
|
| ناس ٿيڻ کان اڳي ماڻهوءَ جي دل مغرور ٿي ٿئي، پر عزت جي اڳيان نماڻائي هلي ٿي. |
|
| 13 |
|
| جيڪو ٻڌڻ کان اڳي جواب ڏئي ٿو تنهنجي لاءِ اهو بي عقلي ۽ شرمندگي آهي. |
|
| 14 |
|
| ماڻهو جو روح پنهنجي ضعيفائي کڻي وٺندو؛ پر شڪستو روح ڪير کڻي سگهندو؟ |
|
| 15 |
|
| سياڻي جي دل علم حاصل ڪري ٿي، ۽ ڏاهي جو ڪن علم ڳولي ٿو. |
|
| 16 |
|
| ماڻهوءَ جو تحفو هن جي لاءِ جاءِ ڪري ٿو، ۽ هن کي وڏن ماڻهن جي اڳيان آڻي ٿو. |
|
| 17 |
|
| جيڪو پنهنجي دعويٰ جو پهرين حجت دليل ڏئي ٿو سو سچو ڏسڻ ۾ ٿو اچي: پر هن جو پاڙيسري اچي هن جي حقيقت ظاهر ڪري ٿو. |
|
| 18 |
|
| ڪڻي وجهڻ ڪري تڪرار بند ٿي وڃن ٿا، ۽ زور وارن جي وچ ۾ فيصلو ٿئي ٿو. |
|
| 19 |
|
| رنج ٿيل ڀاءُ کي راضي ڪرڻ مضبوط شهر کي فتح ڪرڻ کان مشڪل آهي: ۽ اهڙا جهيڙا ڪوٽ جي گزن وانگر آهن. |
|
| 20 |
|
| ماڻهوءَ جو پيٽ سندس وات جي ڦر سان ڀربو؛ پنهنجن چپن جي پيدائش مان هو ڍءُ ڪندو. |
|
| 21 |
|
| حياتي ۽ موت زبان جي وس آهن؛ ۽ جيڪي انهيءَ کي پيار ڪن ٿا سي انهيءَ جو ڦر کائيندا. |
|
| 22 |
|
| جنهن کي زال ملي ٿي تنهن کي هڪڙي چڱي شيءِ ملي ٿي، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ٿو ڪري. |
|
| 23 |
|
| غريب منٿون آزيون ٿو ڪري: پر دولتمند کهرو جواب ڏئي ٿو. |
|
| 24 |
|
| جيڪو گهڻا دوست ٿو ڪري سو خود پنهنجي ناس ٿيڻ لاءِ ٿو ڪري: پر اهڙو بہ ڪو دوست ٿيندو آهي جو ڀاءُ کان بہ وڌيڪ پيار ٿو ڪري. |
|
|
|
|