|
| 1 |
|
| اُهو غريب ماڻهو جو پنهنجي سچائيءَ ۾ هلي ٿو سو بهتر آهي، انهيءَ ماڻهو کان جو پنهنجن چپن ۾ ڏنگو آهي ۽ بي عقل آهي. |
|
| 2 |
|
| روح علم ڌاران رهي، سو بہ چڱو ناهي؛ ۽ جيڪو پنهنجن پيرن سان تڪڙ ڪري ٿو سو گمراهہ ٿئي ٿو. |
|
| 3 |
|
| ماڻهوءَ جي بي عقلي هن کي گمراهہ ڪيو ڇڏي؛ ۽ اُن جي دل خداوند جي برخلاف بيزار ٿئي ٿي. |
|
| 4 |
|
| دولت گهڻا دوست پيدا ڪري ٿي: پر غريب ماڻهو پنهنجي دوست کان ڌار ٿئي ٿو. |
|
| 5 |
|
| ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو اُهو بچي نہ ويندو. |
|
| 6 |
|
| سخي ماڻهوءَ جي مهرباني حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا ئي خوشامد ڪندا: ۽ جيڪو بخششون ٿو ڏئي تنهن جو سڀ ڪو ماڻهو دوست ٿو ٿئي. |
|
| 7 |
|
| غريب جا سڀ ڀائر کيس ڌڪارين ٿا؛ سندس دوست کانئس ڪيترو نہ وڌيڪ پري وڃن ٿا! هو ڳالهائيندو هنن جي پٺيان وڃي ٿو پر هو هليا وڃن ٿا. |
|
| 8 |
|
| جنهن کي ڏاهپ حاصل ٿئي ٿي سو پنهنجي روح کي پيار ڪري ٿو: جيڪو سمجهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو چڱائي لهندو. |
|
| 9 |
|
| ڪوڙو شاهد اڻ سزا ڏنل رهجي نہ ويندو؛ ۽ جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ٿو سو ناس ٿي ويندو. |
|
| 10 |
|
| نازڪئي وارو گذران بي عقل جو لائق ناهي؛ ڪنهن نوڪر جو شهزادن جي مٿان حڪم هلائڻ انهيءَ کان بہ گهٽ لائق آهي. |
|
| 11 |
|
| ماڻهوءَ جي سياڻپ هن کي ڪاوڙجڻ ۾ ڍرو ٿي ڪري؛ چُڪ تي گذر ڪرڻ کي هو پنهنجو فخر ٿو سمجهي. |
|
| 12 |
|
| بادشاهہ جي ڪاوڙ شينهن جي گجڻ وانگر آهي؛ پر هن جي مهرباني اهڙي آهي جهڙي گاهہ تي ماڪ. |
|
| 13 |
|
| بي عقل پٽ پنهنجي پيءُ جي آفت آهي: ۽ زال جا جهيڙا جهڳڙا هميشہ ٽمندڙ پاڻيءَ وانگر آهن. |
|
| 14 |
|
| گهر ۽ دولت ابن کان ملڻ واري ميراث آهي: پر سياڻي زال خداوند کان ٿي ملي. |
|
| 15 |
|
| سستي گهاٽيءَ ننڊ ۾ غرق ٿي ڪري؛ ۽ سست جيءَ بک ڪڍندو. |
|
| 16 |
|
| جيڪو حڪم جي سنڀال ٿو ڪري سو پنهنجي جان جي سنڀال ٿو ڪري: پر جيڪو پنهنجن رستن کان بي پرواهہ ٿو رهي اهو مرندو. |
|
| 17 |
|
| جنهن کي مسڪين تي رحم ٿو اچي سو خداوند کي اُڌارو ٿو ڏئي، ۽ انهيءَ جي چڱي ڪم جو بدلو هو کيس پاڻيهي وري ڏيندو. |
|
| 18 |
|
| جڏهن اُميد آهي تڏهن پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي؛ پنهنجي دل هن جي برباد ٿيڻ لاءِ نہ ڇڏ. |
|
| 19 |
|
| گهڻي ڪاوڙ وارو ماڻهو نيٺ سزا کائيندو: ڇالاءِ جو جي تون هن کي ڇڏائيندين تہ توکي وري وري ائين ڪرڻو پوندو. |
|
| 20 |
|
| صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين. |
|
| 21 |
|
| ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي. |
|
| 22 |
|
| ماڻهوءَ جي خواهش سندس مهربانيءَ جو ماڻ آهي: ۽ غريب ماڻهو ڪوڙ ڳالهائيندڙ کان بهتر آهي. |
|
| 23 |
|
| خداوند جو خوف حياتيءَ جو سبب آهي: ۽ جنهن کي اُهو آهي سو هميشہ راضي رهندو؛ انهيءَ کي ڪابہ خرابي ڪانہ رسندي. |
|
| 24 |
|
| سست ماڻهو پنهنجو هٿ رڪابيءَ ۾ ٻوڙي ٿو، پر ايترو بہ نہ ڪندو جو هو وري وات تائين آڻي. |
|
| 25 |
|
| ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻ تہ ڀورڙو عقل سکي: سمجهہ واري کي عتاب ڏي ۽ هو علم سکندو. |
|
| 26 |
|
| جيڪو پنهنجي پيءُ کي هلاڪ ڪري ٿو، ۽ پنهنجي ماءُ کي پٺيان پئي ڀڄائي ٿو، سو اهڙو پٽ آهي جو شرمندگي پيدا ٿو ڪري ۽ خواري آڻي ٿو. |
|
| 27 |
|
| اي منهنجا پٽ، اهڙي تعليم سکڻ کان بس ڪر، جا علم جي ڳالهين کان توکي ڀلائي ٿي. |
|
| 28 |
|
| نڪمو شاهد عدالت تي ٺٺوليون ڪري ٿو: ۽ شرير جو وات گناهہ ڳهي وڃي ٿو. |
|
| 29 |
|
| سزا جا فيصلا ٺٺوليون ڪندڙن جي لاءِ تيار ڪيا ويندا آهن، ۽ چهبڪ بي عقلن جي پٺن لاءِ |
|
|
|
|