|
| 1 |
|
| ڀلي غربت هجي، پر ايمانداري هجي، اها انهيءَ نادانيءَ کان بهتر آهي جنهن ۾ ڪوڙ آهي. |
|
| 2 |
|
| سوچ ويچار کان سواءِ جوش وَ جذبي جو ڪو فائدو ڪونهي، جيڪو هلڻ ۾ جلدبازي ٿو ڪري سو ٿاٻڙجي ڪري ٿو. |
|
| 3 |
|
| ماڻهوءَ جي پنهنجي بيوقوفي ئي کيس گمراهہ ڪريو ڇڏي، مگر هو وري الزام خداوند تي ٿو مڙهي. |
|
| 4 |
|
| دولتمنديءَ ۾ دوست وڌندا ٿا رهن، مگر غريبيءَ ۾ دوست گھٽبا ٿا رهن. |
|
| 5 |
|
| ڪوڙي شاهد کي ضرور سزا ملندي. هائو، اهو هرگز بچي نہ سگھندو. |
|
| 6 |
|
| امير ماڻهوءَ جي گھڻا ئي خوشامند ڪندا آهن، ۽ بخشش ڏيڻ واري جو هر ڪو دوست بڻجيو وڃي. |
|
| 7 |
|
| جڏهن غريب ماڻهوءَ کان سندس ڀائر ئي نفرت ٿا ڪن، تڏهن سندس دوست کانئس ڪيڏو نہ پري ڀڄندا، توڙي جو هو مدد لاءِ سندن پٺيان ڊوڙندو وتي. |
|
| 8 |
|
| جيڪو ڏاهپ ٿو حاصل ڪري، سو پنهنجو پاڻ کي پيار ٿو ڪري. هائو، جيڪو سمجھہ سان هلندو رهي ٿو، تنهن کي چڱائي حاصل ٿئي ٿي. |
|
| 9 |
|
| ڪوڙو شاهد سزا کان بچي نہ سگھندو. هائو، اهو تباهہ وَ برباد ٿي ويندو. |
|
| 10 |
|
| جيڪڏهن بيوقوف کي سکي زندگي گذارڻ نہ ٿي سونهين، تہ ڇا ڪنهن غلام کي بادشاهہ جي جاءِ تي حڪمراني ڪرڻ سونهين ٿي؟ |
|
| 11 |
|
| غصي کي قابوءَ ۾ رکڻ عقلمندي آهي، ۽ خطا کي درگذر ڪرڻ ۾ مان مرتبو آهي. |
|
| 12 |
|
| بادشاهہ جو غصو شينهن جي گجگوڙ وانگر آهي، پر هن جي مهرباني بيابان ۾ مينهن وسڻ جهڙي آهي. |
|
| 13 |
|
| بيوقوف اولاد والدين لاءِ مصيبت آهي، ۽ جھيڙاڪ زال سياري جي برسات جي جھَڪ مثل آهي. |
|
| 14 |
|
| مال ملڪيت تہ ابن ڏاڏن کان ميراث ۾ ٿي ملي، پر سياڻي زال خداوند جي طرفان ئي تحفو آهي. |
|
| 15 |
|
| سُست ماڻهو ڄڻ تہ ننڊ ۾ ٿو رهي، جنهن ڪري اهو بکون ٿو ڪاٽي. |
|
| 16 |
|
| جيڪو خداوند جي حڪمن تي عمل ٿو ڪري، سو وڏي ڄمار ماڻيندو، مگر جيڪو سندس نافرماني ڪندو سو ضرور مرندو. |
|
| 17 |
|
| جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو. |
|
| 18 |
|
| پنهنجي ٻارن کي ننڍپڻ کان ئي سيکت ڏيو، انهيءَ کان اڳ جو وقت گذري وڃي. جيڪڏهن اوهين هنن کي نہ سڌاريندا تہ سندن برباديءَ ۾ اوهان جو هٿ آهي. |
|
| 19 |
|
| غصيلو ماڻهو هميشہ مشڪلاتن ۾ ٿو رهي، ڀلي تہ جيڪڏهن ڪو ڪنهن مشڪل مان کيس ڇڏائي، تہ بہ اهو وري وري ائين ئي ڪندو رهي ٿو. |
|
| 20 |
|
| صلاح مصلحت ۽ نصيحت تي ڌيان ڏيڻ سان، ماڻهو ڏاهو بڻجي وڃي ٿو. |
|
| 21 |
|
| ماڻهو تہ پنهنجيءَ دل ۾ گھڻا ئي منصوبا ٿو جوڙي، مگر ٿئي اهو ٿو جيڪو خداوند چاهي ٿو. |
|
| 22 |
|
| وفاداري هڪ سٺي ۽ پسنديدہ خوبي آهي. ڪوڙي شاهديءَ جي ڪمائيءَ کان غربت بهتر آهي. |
|
| 23 |
|
| خدا جو خوف حياتيءَ جا ڏينهن وڌائي ٿو. بلڪ خداترس ماڻهو هميشہ آرام سان سمهن ٿا، ۽ هر برائيءَ کان محفوظ رهن ٿا. |
|
| 24 |
|
| ڪي ماڻهو ايترا تہ سُست ٿا ٿين جو پنهنجو کاڌو رڪابيءَ مان کڻي وات تائين آڻڻ کان بہ ڪيٻائين ٿا. |
|
| 25 |
|
| ٺٺولي ڪندڙ کي ڌڪ هڻڻ سان اٻوجھہ ماڻهو هوشيار ٿي وڃي ٿو، پر سمجھہ وارو تنبيهہ ڪرڻ سان ئي ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. |
|
| 26 |
|
| جيڪو اولاد پنهنجي والدين سان خراب هلت هلي کين گھر مان ڪڍي ٿو ڇڏي، سو نفرت جوڳو ۽ خوار خراب اولاد آهي. |
|
| 27 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! جيڪڏهن اوهان نصيحت وٺڻ ڇڏي ڏني، تہ جيڪا اوهان اڳ ۾ حاصل ڪئي آهي، تنهن کان بہ گمراهہ ٿي ويندا. |
|
| 28 |
|
| بيايمان شاهد انصاف کي خسيس ٿا سمجھن، ۽ بدڪار ماڻهو برائيءَ کي پسند ٿا ڪن. |
|
| 29 |
|
| ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙن لاءِ سزا تيار آهي، ۽ بيوقوفن جي پٺيءَ لاءِ چهبڪ. |
|
|
|
|