|
| 1 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! آءٌ جيڪي ڳالهيون اوهان کي سيکاريان ٿو سي سکي وٺو. آءٌ جيڪي ڪجھہ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان ٿو سو ڪڏهن بہ نہ وسارجو. |
|
| 2 |
|
| اوهين دانائيءَ واريون ڳالهيون ٻڌو ۽ انهن کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪريو. |
|
| 3 |
|
| هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ کي حاصل ڪرڻ لاءِ پڪاريندا رهو. |
|
| 4 |
|
| اوهين ڏاهپ کي ائين ڳوليندا رهو، جيئن سون چانديءَ يا ڪنهن لڪل خزاني جي ڳولا ڪبي آهي. |
|
| 5 |
|
| جيڪڏهن اوهان ائين ڪيو، تہ پوءِ اوهين ڄاڻي سگھندا تہ خدا جو خوف رکڻ جو ڇا مطلب آهي، تڏهن اوهين خدا کي سڃاڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. |
|
| 6 |
|
| بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي. |
|
| 7 |
|
| جيڪي سچار ۽ شريف آهن، تن جو خدا مددگار ۽ محافظ آهي. |
|
| 8 |
|
| هائو، اهي جيڪي سندس نيڪ بندا آهن ۽ ٻين سان انصاف سان ٿا هلن، تن جي هو حفاظت ۽ نگهباني ٿو ڪري. |
|
| 9 |
|
| سو ڏاهپ سان ئي اوهين ايمانداري، انصاف ۽ سچائيءَ کي بلڪ هر چڱي راهہ کي سمجھي سگھندا. |
|
| 10 |
|
| اوهين ڏاها ٿي پوندا ۽ اوهان جي سمجھہ اوهان کي خوشيون ڏيندي. |
|
| 11 |
|
| دانائي ۽ سمجھہ اوهان جي نگهباني ۽ حفاظت ڪندي |
|
| 12 |
|
| ۽ اوهان کي برن ڪمن کان روڪيندي. هائو، اها اوهان کي انهن ماڻهن کان دور رکندي، جيڪي اوهان کي برغلائي اوهان لاءِ مشڪلاتون کڙيون ڪن ٿا. |
|
| 13 |
|
| انهن ماڻهن سچائيءَ وارا رستا ڇڏي ڏنا آهن ۽ اونداهيءَ وارن رستن تي ٿا هلن. |
|
| 14 |
|
| اهي بدڪاري ۽ بڇڙائي ڪندي خوشيون ملهائين ٿا. |
|
| 15 |
|
| هائو، اهي بلڪل ٺڳ آهن، جن تي ڪوبہ ڀروسو ڪري نہ ٿو سگھجي. |
|
| 16 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ اوهان کي بدڪار عورت کان بچائيندي. هائو، انهيءَ گنهگار عورت کان، جيڪا اوهان کي بدڪاريءَ لاءِ پيار وچان سڏي ٿي. |
|
| 17 |
|
| هوءَ شاديءَ واري وقت خدا آڏو ڪيل عهد اقرار کي وساري ٿي ڇڏي ۽ پنهنجي مڙس سان بيوفائي ٿي ڪري. |
|
| 18 |
|
| جيڪڏهن اوهين سندس گھر ڏانهن ويندا، تڏهن اوهين ڄڻ موت واري رستي تي سفر ٿا ڪريو. هائو، انهيءَ رستي سان هلڻ مئلن جي دنيا کي ويجھو وڃڻ برابر آهي. |
|
| 19 |
|
| جيڪو بہ هن وٽ وڃي ٿو، سو واپس ڪونہ ٿو موٽي. هائو، اوڏانهن وڃڻ وارو زندگيءَ جي راهن ڏانهن وري نہ ٿو موٽي. |
|
| 20 |
|
| تنهنڪري اوهين نيڪ ماڻهن جي رستي تي هلو، ۽ ايمانداريءَ واري زندگي گذاريو. |
|
| 21 |
|
| جيڪڏهن اوهين سچار ۽ شريف هوندا تہ پنهنجي ملڪ ۾ قائم وَ دائم رهندا. |
|
| 22 |
|
| پر جيڪڏهن اوهين بدڪار ۽ دغاباز هوندا تہ اوهان جو پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڪو حق نہ رهندو ۽ بيڪار ٻوٽن جيان اوهان کي پاڙان پٽي ڦٽو ڪيو ويندو. |
|
|
|
|