|
| 1 |
|
| شراب يا مئي جي زيادتي طعنن جو سبب بڻجي ٿي. بيشڪ اهڙو نشو انسان کي جھڳڙالو ٿو بڻائي، ۽ نشي ۾ ڦاسندڙ ڏاهو ناهي. |
|
| 2 |
|
| جيئن گجندڙ شينهن خطرناڪ آهي، تيئن بادشاهہ جي ڪاوڙ ۾ بہ جان جو خطرو آهي. |
|
| 3 |
|
| جيڪي جھيڙي کان پري ٿا رهن، سي ئي شريف ماڻهو سمجھيا ٿا وڃن. رڳو بيوقوف ماڻهو ئي جھڳڙو ڪرڻ جا عادي آهن. |
|
| 4 |
|
| سُست هاري جيڪو مند تي ٻنيءَ ۾ هر نہ ٿو ڪاهي، سو فصل لهڻ وقت ڪجھہ بہ حاصل نہ ٿو ڪري سگھي. |
|
| 5 |
|
| ڪن ماڻهن جا خيال اونهي کوهہ وانگر هوندا آهن، مگر سمجھہ وارا انهن کي ڳولي ڪڍندا آهن. |
|
| 6 |
|
| هر ڪو ماڻهو پاڻ کي سچار ۽ ايماندار پيو چوائي، پر جيڪي سچ پچ ايماندار آهن، تن کي ڳولڻ ڏکيو ڪم آهي. |
|
| 7 |
|
| جن جا والدين سچار ۽ سڌي رستي تي ٿا هلن، سي ڪيڏا نہ خوشنصيب آهن! |
|
| 8 |
|
| بادشاهہ جيڪو عدالت ۾ انصاف ٿو ڪري، سو هر بڇڙائيءَ کي پرکي وٺي ٿو. |
|
| 9 |
|
| اهو ڪير آهي جيڪو پنهنجو پاڻ چئي تہ ”مون پنهنجيءَ دل کي پاڪ صاف رکي پاڻ کي گناهن کان آجو ڪيو آهي.“ |
|
| 10 |
|
| ماپ ۽ تور ۾ بيايماني ڪرڻ کان خداوند کي نفرت آهي. |
|
| 11 |
|
| انسان جي ڪمن مان ڄاڻي سگھجي ٿو تہ سندس ڪم چڱا ۽ نيڪ آهن يا نہ، توڙي جو کڻي اهو ٻار ڇو نہ هجي. |
|
| 12 |
|
| ٻڌڻ لاءِ ڪن ۽ ڏسڻ لاءِ اکيون، اهي ٻيئي خداوند جي طرفان نعمتون آهن. |
|
| 13 |
|
| جيڪو سدائين ننڊون ٿو ڪري سو محتاج بڻجيو وڃي، مگر جيڪو سجاڳ رهي محنت ٿو ڪري، تنهن وٽ ڪا کوٽي ڪانهي. |
|
| 14 |
|
| خريداريءَ وقت هر ڪو مهانگائيءَ جون دانهون ٿو ڪري، مگر ٻاهر نڪري ٻٽاڪ هڻي ٿو تہ اها شيءِ سستي ملي آهي. |
|
| 15 |
|
| بيشڪ سون ۽ هيرا جواهر قيمتي آهن، مگر ڏاهپ واريون ڳالهيون انهن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهن. |
|
| 16 |
|
| جيڪو ڪنهن اڻواقف ماڻهوءَ جو ضامن ٿو پوي، سو انهيءَ لائق آهي تہ سندس ڪپڙا لاهي رکيا وڃن، بلڪ سندس مال ملڪيت بہ گروي رکيو وڃي. |
|
| 17 |
|
| ٺڳيءَ سان حاصل ڪيل کاڌو انسان کي مزيدار تہ لڳي ٿو، مگر بعد ۾ انهيءَ جو وات ڄڻ تہ واريءَ سان ڀريل آهي. |
|
| 18 |
|
| ڪنهن بہ ڪم جي ڪاميابيءَ جو دارومدار بهتر صلاح مشوري تي آهي، خاص طور جنگ ۾ ائين ڪرڻ ضروري آهي. |
|
| 19 |
|
| چغلخور ماڻهو راز کي راز ۾ رهڻ نہ ٿو ڏئي، تنهنڪري اهڙي بڪواسي ماڻهوءَ کان پاسو ڪرڻ گھرجي. |
|
| 20 |
|
| جيڪو پنهنجي والدين سان گھٽ وڌ ڳالهائي ٿو، تنهن جي زندگي ائين ختم ٿي ويندي، جيئن آڌيءَ رات جي اونداهيءَ ۾ ڏيئو اجھامي وڃي. |
|
| 21 |
|
| جيڪو ورثو تڪڙ ۾ حاصل ڪيو وڃي ٿو، تنهن ۾ برڪت نہ ٿي ٿئي. |
|
| 22 |
|
| بڇڙائيءَ جو بدلو وٺڻ بابت نہ سوچو، بلڪ خداوند تي ڀروسو رکو، هو پاڻ اوهان جو انصاف ڪندو. |
|
| 23 |
|
| ماپ ۽ تور ۾ بيايماني ڪرڻ کان خداوند کي نفرت آهي، هائو، کوٽي تارازي رکڻ بڇڙائي آهي. |
|
| 24 |
|
| انسان جو هر قدم خداوند جي اختيار ۾ آهي، تڏهن هن کي اها خبر نہ آهي تہ اڳتي هلي ڇا ٿيندو. |
|
| 25 |
|
| جلدبازيءَ وچان ڪنهن شيءِ کي خداوند لاءِ مخصوص ڪرڻ، ۽ بنا سوچڻ سمجھڻ جي باس باسڻ سان انسان ڦاسي ٿو پوي. |
|
| 26 |
|
| عقلمند بادشاهہ بدڪارن کي ڳوليو ڪڍي، ۽ کين سختيءَ سان چيڀاٽيو ڇڏي. |
|
| 27 |
|
| انسان جو ضمير خداوند لاءِ آئينو آهي، جنهن جي وسيلي اندر جو سمورو احوال معلوم ٿو ٿئي. |
|
| 28 |
|
| خدا جي رحم ۽ وفا جي ڪري بادشاهن جي بادشاهت قائم ٿي رهي، بشرطيڪ انهن کي بہ پاڻ رحمدل هجڻ گھرجي. |
|
| 29 |
|
| نوجوان پنهنجي جوانيءَ تي ناز ٿا ڪن، مگر ڏاهپ وارا اڇا وار اڃا بہ وڌيڪ خوبصورت آهن. |
|
| 30 |
|
| چهبڪ جا زخم بڇڙائي ڪڍيو ڇڏين، هائو، مار انسان لاءِ سنوار آهي. |
|
|
|
|