|
| 1 |
|
| خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو. |
|
| 2 |
|
| انسان سمجھي ٿو تہ هو جيڪي ڪجھہ ڪري ٿو، سو صحيح آهي. مگر ياد رکو، خداوند ارادن کي جاچي ٿو. |
|
| 3 |
|
| سچائي ۽ انصاف خداوند جي نظر ۾ قربانين کان وڌيڪ افضل آهن. |
|
| 4 |
|
| بدڪار ماڻهو مغرور ۽ هٺيلا ٿا ٿين. هائو، سندن زندگي گناهن سان ڀريل ٿي ٿئي. |
|
| 5 |
|
| رٿابنديءَ سان محنت ڪندڙ جھجھي پيداوار حاصل ڪري ٿو سگھي، مگر جلدبازي ڪندڙ آخرڪار محتاج بڻجيو وڃي. |
|
| 6 |
|
| ٺڳيءَ وسيلي حاصل ڪيل دولت ٻاڦ مثل آهي، جيڪا جلد گم ٿيو وڃي. جيڪي اهڙي دولت جي ڳولا ٿا ڪن، سي موت جي ڳولا ٿا ڪن. |
|
| 7 |
|
| بدڪارن جو ظلم ئي کين برباد ڪري ڇڏيندو، ڇاڪاڻ تہ اهي سڌي رستي تي هلڻ کان انڪار ٿا ڪن. |
|
| 8 |
|
| چڱا ڪن چڱايون، برايون برن، جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سي ئي ڪن. |
|
| 9 |
|
| جھڳڙيلو زال سان گڏ گھر ۾ رهڻ کان اهو بهتر آهي، تہ ماڻهو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي گذاري. |
|
| 10 |
|
| بدڪار ماڻهو هميشہ بڇڙائي ٿا چاهين، انهن وٽ رحم آهي ئي ڪونہ. |
|
| 11 |
|
| ٺٺولي ڪندڙ کي سزا ملڻ سان اٻوجھہ ماڻهو سمجھہ حاصل ڪري ٿو، جڏهن تہ سمجھہ وارو نصيحت ڪرڻ سان ڄاڻ حاصل ڪري ٿو. |
|
| 12 |
|
| سچو خدا ڄاڻي ٿو تہ بدڪارن جي گھرن ۾ ڇا ٿي رهيو آهي. سو هو کين ڪيرائي چٽ ڪري ڇڏيندو. |
|
| 13 |
|
| جيڪو غريب جي دانهن تي پنهنجا ڪن بند ڪندو، سو جڏهن پاڻ دانهون ڪندو تہ ٻڌڻ وارو ڪوبہ نہ هوندو. |
|
| 14 |
|
| ڳجھہ ڳوهہ ۾ ڏنل تحفو ڪاوڙ ڍري ڪري ڇڏي ٿو. هائو، ڪڇ ۾ لڪائي ڏنل رشوت سخت غصي کي بہ ٿڌو ڪريو ڇڏي. |
|
| 15 |
|
| جڏهن انصاف ٿئي ٿو تہ نيڪ ماڻهو خوش ٿا ٿين، مگر بڇڙن ماڻهن کي ڏڪڻي وٺيو وڃي. |
|
| 16 |
|
| جيڪو انسان ڏاهپ واري رستي کان ڀٽڪي ٿو وڃي، سو موت جي منهن ۾ وڃيو پوي. |
|
| 17 |
|
| عياش ماڻهو ڪنگال ٿي ويندو، هائو، جيڪو عيش عشرت جو ڪوڏيو آهي، سو ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندو. |
|
| 18 |
|
| سزا جي وقت نيڪ ماڻهو بچايا ويندا، مگر انهن جي بدلي بدڪارن کي سزا ڏني ويندي. |
|
| 19 |
|
| جھڳڙيلو ۽ چيڙاڪ زال سان گڏ رهڻ کان رڻپٽ ۾ وڃي رهڻ بهتر آهي. |
|
| 20 |
|
| عقلمند ماڻهن جي گھرن ۾ دولت وڌندي رهي ٿي، مگر بيوقوف ماڻهو جلدي کپايو ڇڏين. |
|
| 21 |
|
| سچار ۽ رحمدل ماڻهو نيڪي، عزت ۽ ڊگھي ڄمار ماڻيندا آهن. |
|
| 22 |
|
| هڪڙو عقلمند ماڻهو فوج سان ڀريل شهر کي شڪست ڏيئي ٿو سگھي. هائو، هو سندن مضبوط قلعي کي ڪيرائي مٿن قبضو ڪري ٿو سگھي. |
|
| 23 |
|
| جيڪو پنهنجيءَ زبان تي ضابطو رکي ٿو، سو گھڻين ئي تڪليفن کان بچيو وڃي. |
|
| 24 |
|
| هٺيلو ۽ مغرور ماڻهو جيڪو مغروريءَ سان ٿو هلي، تنهن کي هر ڪو ڏاهپ جو ويري ٿو سمجھي. |
|
| 25 |
|
| سُست ماڻهوءَ جي خواهش هوندي آهي، تہ هو محنت نہ ڪري ۽ اهڙي خواهش کيس ماريو ڇڏي. |
|
| 26 |
|
| هو سڄو ڏينهن وڌيڪ شين لاءِ سڪندو رهي ٿو، مگر سچار ماڻهو سخاوت سان ڏيندو رهي ٿو، ۽ ڪنجوسي نہ ٿو ڪري. |
|
| 27 |
|
| خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن. |
|
| 28 |
|
| ڪوڙي شاهد کي جلدي ماٺ ڪرايو ويندو، مگر سچو شاهد جيڪو سوچ ويچار سان ڳالهائي ٿو، تنهن جو هر هڪ لفظ قبول ڪيو ويندو. |
|
| 29 |
|
| بدڪار ماڻهو پنهنجي رستي تي بضد ٿو رهي، مگر سچار ماڻهو سوچي سمجھي قدم کڻي ٿو. |
|
| 30 |
|
| جيڪڏهن خداوند ڪنهن جي خلاف آهي تہ ڪابہ ڏاهپ، سوچ سمجھہ يا صلاح مصلحت ڪم نہ ٿي اچي. |
|
| 31 |
|
| لشڪرن کي گھوڙن جي گھڻائيءَ سان ڪاميابي نہ ٿي ملي، مگر فتح انهيءَ کي ملندي جنهن کي خداوند چاهي. |
|
|
|
|