|
| 1 |
|
| چڱو نالو گهڻيءَ دولت کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي، ۽ محبت واري مهرباني چاندي ۽ سون کان وڌيڪ پسند ڪرڻ گهرجي. |
|
| 2 |
|
| شاهوڪار ۽ غريب پاڻ ۾ گڏبا آهن: خداوند انهن سڀني جو خالق آهي. |
|
| 3 |
|
| سياڻو ماڻهو بڇڙائي ڏسي ٿو ۽ پاڻ کي لڪائي ٿو، پر ڀورڙا ماڻهو لنگهيو اڳتي وڃن ۽ انهيءَ ڪري نقصان سهن ٿا. |
|
| 4 |
|
| نماڻائيءَ جو انعام ۽ خداوند جو خوف دولت ۽ عزت ۽ حياتي آهي. |
|
| 5 |
|
| بيهودي ماڻهوءَ جي رستي ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا آهن: جيڪو پنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو ان کان پري رهندو. |
|
| 6 |
|
| ٻار کي اهو رستو سيکار جنهن تي هن کي هلڻ کپي، ۽ جڏهن هو ٻڍو ٿيندو تڏهن بہ اهو نہ ڇڏيندو. |
|
| 7 |
|
| شاهوڪار غريب تي حڪم هلائي ٿو، ۽ اُڌار کڻندڙ اُڌاري ڏيندڙ جو نوڪر آهي. |
|
| 8 |
|
| جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو: ۽ هن جي ڪاوڙ جي لٺ نڪمي ٿيندي. |
|
| 9 |
|
| جنهن جي اک سخا واري آهي سو برڪت وارو ٿيندو: ڇالاءِ جو هو پنهنجي مانيءَ مان غريبن کي ٿو ڏئي. |
|
| 10 |
|
| ٺٺولي ڪندڙ کي ڪڍي ڇڏ تہ جهيڙو نڪري ويندو؛ هائو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندا. |
|
| 11 |
|
| جيڪو دل جي صفائي پسند ٿو ڪري، تنهن جي چپن جي سونهن ڪري بادشاهہ سندس دوست ٿيندو. |
|
| 12 |
|
| خداوند جون اکيون علم واري کي بچائين ٿيون، پر هو دغاباز ماڻهوءَ جي ڳالهين کي اونڌو ڪيو ڇڏي. |
|
| 13 |
|
| سست ماڻهو چوي ٿو تہ ٻاهر شينهن آهي؛ آءٌ گهٽين ۾ مارجي ويندس. |
|
| 14 |
|
| ڌاريءَ زال جو وات هڪڙي اونهي کڏ آهي: جنهن مان خداوند کي نفرت ٿي اچي سو انهيءَ ۾ ڪرندو. |
|
| 15 |
|
| بي عقلي ٻار جي دل ۾ ٻڌي پيئي آهي؛ پر سيکت جو لڪڻ انهيءَ کي پري ڪيو ڇڏي. |
|
| 16 |
|
| جيڪو پنهنجي فائدي وڌائڻ لاءِ غريب تي ظلم ٿو ڪري، ۽ جيڪو دولتمند کي ڏئي ٿو سو ضرور ڪنگال ٿيندو. |
|
| 17 |
|
| پنهنجو ڪن ڏي ۽ ڏاهن جا قول ٻڌ، ۽ منهنجي تعليم ڏانهن پنهنجي دل لڳاءِ. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو جي تون انهن کي پنهنجي اندر ۾ سانڍيندين تہ اها چڱي ڳالهہ آهي: ۽ اُهي تنهنجن چپن تي ڄمي وڃن. |
|
| 19 |
|
| اُهي اڄوڪي ڏينهن مون توکي ٻڌايا آهن، انهيءَ لاءِ تہ تنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿئي. |
|
| 20 |
|
| مون تو ڏانهن تمام عمديون ڳالهيون نصيحتن ۽ علم بابت نہ لکيون آهن ڇا؟ |
|
| 21 |
|
| تہ توکي سچ جي ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي، ۽ جن توکي موڪليو آهي تن وٽ تون سچ جون ڳالهيون موٽي کڻي وڃين؟ |
|
| 22 |
|
| ڪنهن غريب کي انهيءَ ڪري نہ ڦر تہ هو غريب آهي. نڪي ڪنهن ڏکويل کي دروازي تي ستاءِ: |
|
| 23 |
|
| ڇالاءِ جو خداوند هنن جي طرفان حجت دليل ڪندو، ۽ انهن جي حياتي ڦري وٺندو جي هنن جي ڦرين ٿا. |
|
| 24 |
|
| جنهن کي ڪاوڙجڻ جي عادت آهي تنهن سان دوستي نہ رک؛ ڪاوڙ واري ماڻهوءَ سان گڏ نہ گهم: |
|
| 25 |
|
| تہ متان تون هنن جون عادتون سکين، ۽ پنهنجي جان جي لاءِ هڪڙو ڦانڌو پيدا ڪرين. |
|
| 26 |
|
| جيڪي شرط لاءِ هٿ ٿا ٺوڪين تن مان هڪڙو نہ ٿيءُ، نڪي انهن مان ٿيءُ جي قرض جا ضامن آهن: |
|
| 27 |
|
| جيڪڏهن ڏيڻ لاءِ تو وٽ ڪجهہ بہ ڪونهي، تہ پوءِ ڇو هو تنهنجي هيٺان تنهنجو هنڌ ئي ڪڍي وڃي؟ |
|
| 28 |
|
| انهيءَ قديم حد جي نشان کي نہ چور، جو تنهنجن ابن ڏاڏن هڻي ڇڏيو آهي. |
|
| 29 |
|
| تون اهو ماڻهو ڏسين ٿو جو پنهنجي ڪم ڪار ۾ محنتي آهي؟ اهو بادشاهن جي حضور ۾ بيهندو؛ هو خسيس ماڻهن جي اڳيان نہ بيهندو. |
|
|
|
|