|
| 1 |
|
| نيڪ نامي بيانتها خزاني کان، هائو، عزت سون چانديءَ کان وڌيڪ بهتر آهي. |
|
| 2 |
|
| شاهوڪار توڙي غريب ٻيئي هڪجهڙا انسان آهن، انهن ٻنهي جو خالق خداوند آهي. |
|
| 3 |
|
| سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بيسمجھہ ماڻهو سڌو اوڏانهن وڌيو وڃي، ۽ پوءِ مصيبت ۾ ڦاسيو پوي. |
|
| 4 |
|
| نماڻائيءَ ۽ خداوند جي فرمانبرداريءَ جو اجر دولت، عزت ۽ ڊگھي ڄمار آهي. |
|
| 5 |
|
| بڇڙي ماڻهوءَ جي راهہ ۾ ڪنڊا ۽ ڦندا ٿا ٿين، مگر جنهن کي پنهنجي زندگيءَ سان پيار آهي، سو انهن رستن کان پري ٿو رهي. |
|
| 6 |
|
| ننڍپڻ کان ئي سڌي رستي تي هلڻ سيکاريو وڃي، تہ اهي پوڙهائپ ۾ بہ انهيءَ رستي کان نہ ڦرندا. |
|
| 7 |
|
| شاهوڪار ماڻهو غريب تي حڪمراني ٿو ڪري، ساڳيءَ طرح قرض وٺڻ وارو قرض ڏيڻ واري جو غلام ٿو ٿئي. |
|
| 8 |
|
| جيڪو ظلم ٿو پوکي سو مصيبت لڻندو، ۽ سندس قهر واري لٺ ٽوڙي ويندي. |
|
| 9 |
|
| جيڪو سخي آهي ۽ پنهنجي کاڌي مان غريبن کي ڏئي ٿو، تنهن کي خداوند برڪت عطا ٿو ڪري. |
|
| 10 |
|
| ٻين تي ٺٺولي ڪندڙ کي ڀڄائي ڪڍو تہ جھيڙو ٽري ويندو، هائو، جھيڙو، فساد ۽ بدنامي بند ٿي ويندي. |
|
| 11 |
|
| جنهن جي دل پاڪ صاف آهي ۽ نماڻائيءَ سان ڳالهائي ٿو، سو بادشاهہ کي پسند آهي. |
|
| 12 |
|
| خداوند هر سچ جي حفاظت ٿو ڪري، مگر هو ڪوڙ ۽ دغابازيءَ کي رد ڪريو ڇڏي. |
|
| 13 |
|
| سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي، جيڪو مون کي کائي چٽ ڪري ڇڏيندو.“ |
|
| 14 |
|
| بدڪار عورت جون ڳالهيون اونهيءَ کڏ مثل آهن، جنهن تي خداوند جو ڏمر آهي سو ئي انهيءَ ۾ وڃي ڪري ٿو. |
|
| 15 |
|
| هر ٻار شروع ۾ ناسمجھہ هوندو آهي، مگر سيکت ئي ٻار کي سمجھدار بڻايو ڇڏي. |
|
| 16 |
|
| جيڪو پنهنجي لالچ جي ڪري دولتمند کي تحفا ٿو ڏئي، يا وري پنهنجي فائدي واسطي غريب تي ظلم ٿو ڪري، سو ضرور ڪنگال ٿو ٿئي. |
|
| 17 |
|
| پنهنجو ڪن ڏيئي ڏاهن ماڻهن جا قول ٻڌو. هائو، منهنجي نصيحت کي پنهنجيءَ دل ۾ هنڊايو، |
|
| 18 |
|
| ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ۾ اوهان جو فائدو آهي. اوهين اهي قول چڱيءَ طرح ياد رکو تہ جيئن ڪنهن کي هڪدم ٻڌائي سگھو. |
|
| 19 |
|
| اهي اڄ آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين خداوند تي توڪل رکو. |
|
| 20 |
|
| ڏسو، مون اوهان لاءِ نصيحت ۽ ڄاڻ وارا ٽيهہ قول لکيا آهن، |
|
| 21 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ اوهان کي سچائيءَ وارين ڳالهين جي حقيقت معلوم ٿئي تہ جيئن جن اوهان کي موڪليو آهي تن کي وڃي چڱيءَ طرح جواب ٻڌائي سگھو. |
|
| 22 |
|
| ڪنهن غريب جي مجبوري ڏسي کيس نہ ڦريو، نڪي ڪنهن مسڪين سان عدالت ۾ ناانصافي ڪري ساڻس ظلم ڪريو. |
|
| 23 |
|
| ياد رکو، خداوند سندس طرفداري ڪندو، ۽ جيڪي هن کي ڦُرين ٿا تن جون حياتيون ڦُري وٺندو. |
|
| 24 |
|
| جيڪي غصيلا آهن تن سان دوستي نہ رکو، بلڪ انهن سان گڏ بہ نہ گھمو. |
|
| 25 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ متان اوهين بہ انهن جهڙا ٿي پئو، ۽ پنهنجيءَ جان کي ڦندي ۾ ڦاسايو. |
|
| 26 |
|
| ٻين جي قرضن جا ضامن نہ پئو. |
|
| 27 |
|
| پوءِ جيڪڏهن قرض چڪائڻ لاءِ اوهان وٽ ڪجھہ نہ هوندو، تہ اوهان جي سمهڻ وارو بسترو بہ اوهان کان کسجي ويندو. |
|
| 28 |
|
| اوهان جي موروثي زمينن جي حدن جي نشانن کي هيڏي هوڏي نہ سوريو، جيڪي نشان اوهان جي ابن ڏاڏن جا مقرر ڪيل آهن. |
|
| 29 |
|
| مها ڪاريگر عام ڪاريگرن کان وڌيڪ آهي، سو کانئس بادشاهن جي لاءِ ڪم ڪرايو وڃي ٿو. هائو، عام ماڻهن جو ڪم کانئس نہ ٿو ڪرايو وڃي. |
|
|
|
|