|
| 1 |
|
| خراب ماڻهن تي ريس نہ ڪر؛ نڪي هنن سان گڏ گذارڻ جي خواهش ڪر: |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو هنن جي دل ظلم زبردستيءَ جي خيال ۾ ٿي رهي، ۽ هنن جا چپ نقصان جون ڳالهيون ٿا ڪن. |
|
| 3 |
|
| ڏاهپ جي وسيلي گهر جُڙي ٿو؛ ۽ سمجهہ جي وسيلي اُهو قائم ٿئي ٿو؛ |
|
| 4 |
|
| ۽ علم جي وسيلي هر طرح جي قيمتي ۽ وڻندڙ مال سان ڪوٺيون ڀربيون آهن؟ |
|
| 5 |
|
| ڏاهو ماڻهو مضبوط آهي؛ هائو، علم واري ماڻهوءَ جي طاقت وڌندي ٿي وڃي. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو ڏاهپ واري هدايت سان تون پنهنجي جنگ ڪندين: ۽ گهڻن جي صلاح مصلحت جي ڪري سلامتي آهي. |
|
| 7 |
|
| ڏاهپ بي عقل جي پهچ کان گهڻو مٿي آهي: هو چونڪ ۾ پنهنجو وات نٿو پٽي. |
|
| 8 |
|
| جيڪو برائي ڪرڻ جون رٿون ڪري ٿو، تنهن کي ماڻهو فسادي شخص سڏيندا. |
|
| 9 |
|
| بي عقل جو خيال گناهہ آهي: ۽ ٺٺولي ڪندڙ مان ماڻهن کي نفرت ٿي اچي. |
|
| 10 |
|
| جيڪڏهن تون مصيبت جي ڏينهن بي حواس ٿي ويندين، تہ تنهنجو زور ٿورو آهي. |
|
| 11 |
|
| جيڪي موت ڏي کڄيو ٿا وڃن تن کي ڇڏاءِ، ۽ جيڪي قتل ٿيڻ لاءِ تيار آهن تن کي پٺ تي هٽائڻ جي ڪوشش ڪر. |
|
| 12 |
|
| جيڪڏهن تون چوندين تہ ڏس اسين هي نٿا ڄاڻون: تہ جيڪو دليون توري ٿو سو انهيءَ جو ويچار نہ ڪندو ڇا؟ ۽ جيڪو تنهنجي ساهہ جي سنڀال ٿو ڪري سو اهو نہ ڄاڻندو ڇا؟ ۽ اهو سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪيتي موافق عيوضو نہ ڏيندو ڇا؟ |
|
| 13 |
|
| اي منهنجا پٽ، تون ماکي کاءُ، ڇالاءِ جو اُها چڱي آهي؛ ۽ مانارو بہ، جو توکي مٺو ٿو لڳي: |
|
| 14 |
|
| انهيءَ طرح ڏاهپ کي پنهنجي روح لاءِ ڄاڻ؛ جيڪڏهن تو اها لڌي، تہ تو کي انعام ملندو، ۽ تنهنجي اميد وڍجي نہ ويندي. |
|
| 15 |
|
| اي شرير شخص، سچي جي گهر ۾ گهڙڻ لاءِ ڇپ هڻي لڪي نہ ويهہ؛ هن جي آرام جي جاءِ خراب نہ ڪر: |
|
| 16 |
|
| ڇالاءِ جو سچو ماڻهو ست ڀيرا ڪري ٿو ۽ وري اُٿي ٿو: پر شريرن کي آفت اونڌو ڪري ڪيرايو وجهي. |
|
| 17 |
|
| جڏهن تنهنجو دشمن ڪري ٿو، تڏهن خوشي نہ ڪر، ۽ جڏهن هو اُبتو ڪري ٿو تڏهن پنهنجي دل کي خوش ٿيڻ نہ ڏ ي: |
|
| 18 |
|
| متان خداوند اهو ڏسي ۽ انهيءَ ڪري رنج ٿئي، ۽ هن تان پنهنجي ڪاوڙ لاهي ڇڏي. |
|
| 19 |
|
| بدي ڪندڙن جي ڪري ڪُرڪندو نہ وت؛ نڪي شريرن تي حسد ڪر. |
|
| 20 |
|
| ڇالاءِ جو خراب ماڻهوءَ کي ڪوبہ انعام نہ ملندو؛ شرير جو ڏيئو اُجهامي ويندو. |
|
| 21 |
|
| اي منهنجا پٽ، تون خداوند ۽ بادشاهہ کان ڊڄندو رهہ؛ ۽ جيڪي چنچل آهن تن سان ڪوبہ واسطو نہ رکو: |
|
| 22 |
|
| ڇالاءِ جو انهن جي آفت اوچتو اُٿندي؛ ۽ انهن ٻنهي جي ناس ٿيڻ جي ڪنهن کي خبر آهي؟ |
|
| 23 |
|
| هي بہ ڏاهن جا قول آهن. عدالت ۾ پاسخاطري ڪرڻ چڱي ڳالهہ نہ آهي. |
|
| 24 |
|
| جيڪو شرير کي چوي ٿو تہ تون سچو آهين؛ انهيءَ تي ماڻهو لعنت ڪندا ۽ قومون انهيءَ کي ڌڪارينديون: |
|
| 25 |
|
| پر جيڪي هن کي ملامت ڪن ٿا انهن جي لاءِ خوشي ٿيندي، ۽ انهن تي چڱي برڪت نازل ٿيندي. |
|
| 26 |
|
| جيڪو برابر جواب ڏئي ٿو سو چپن سان چُمي ٿو. |
|
| 27 |
|
| پنهنجو ڪم ٻاهر تيار ڪر، ۽ پنهنجي لاءِ ٻنيءَ کي تيار رک؛ ۽ پوءِ پنهنجو گهر اڏاءِ |
|
| 28 |
|
| سبب کان سواءِ پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف شاهد نہ ٿيءُ؛ ۽ پنهنجن چپن سان ٺڳي نہ ڪر. |
|
| 29 |
|
| ائين نہ چئُہ تہ جيئن هن مون سان ڪيو آهي تيئن آءٌ بہ هن سان ڪندس؛ آءٌ هن ماڻهوءَ کي سندس ڪيتي موجب بدلو ڏيندس. |
|
| 30 |
|
| آءٌ سست ماڻهوءَ جي ٻنيءَ وٽان لنگهيس، ۽ بي سمجهہ ماڻهو جي ڊاک جي منهہ وٽان بہ؛ |
|
| 31 |
|
| ۽ ڏس، چوڌاري انهيءَ تي ڪنڊا چڙهي ويا هئا، ۽ اُهو ڪانڊيرن سان ڍڪجي ويو هو ۽ انهيءَ جي پڪي ڀت بہ ڀڳي ڊٺي پيئي هئي. |
|
| 32 |
|
| تڏهن مون نهاري چڱيءَ طرح ويچار ڪيو: اُنهيءَ کي ڏسي مون سمجهيو. |
|
| 33 |
|
| اڃا بہ ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي، سمهڻ لاءِ ٿوريون ٻانهون سوڙهيون ڪرڻ: |
|
| 34 |
|
| ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي؛ ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگي ايندي. |
|
|
|
|