|
| 1 |
|
| هي چوڻيون بہ سليمان جون آهن، جيڪي يهوداہ ملڪ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڪاتبن نقل ڪيون. |
|
| 2 |
|
| خدا جا راز ڳجھا آهن ۽ انهيءَ مان ئي سندس عظمت ظاهر آهي، جڏهن تہ بادشاهہ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي تہ هو رازن بابت کوجنا ڪري. |
|
| 3 |
|
| جيئن آسمان جي بلندي ۽ زمين جي اونهائيءَ جو ماپڻ وس کان ٻاهر آهي، تيئن بادشاهن جي دل جو حال معلوم ڪرڻ ناممڪن آهي. |
|
| 4 |
|
| چانديءَ مان ڪَسُ ڪڍي صاف ڪرڻ سان ئي سونارو انهيءَ مان ڪا خوبصورت شيءِ ٺاهي ٿو سگھي. |
|
| 5 |
|
| ساڳيءَ طرح بڇڙن صلاحڪارن کي ڪڍي ڇڏڻ سان ئي بادشاهہ انصاف سان حڪومت ڪري سگھندو. |
|
| 6 |
|
| بادشاهہ جي درٻار ۾ پاڻ کي اهم شخص طور پيش نہ ڪريو، نڪي ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي جاءِ تي وڃي ويهو. |
|
| 7 |
|
| اوهان لاءِ اهو بهتر آهي تہ حاڪم جي روبرو اوهان کي چيو وڃي تہ ”اڳيان وڌي اچي ويهو.“ ائين نہ ٿئي جو اوهان کي پوئتي هٽايو وڃي. |
|
| 8 |
|
| ڪنهن تي تڙ تڪڙ ۾ الزام هڻي دعويٰ داخل ڪرڻ کان اڳ، پڪ ڪريو تہ اوهين حق تي آهيو، نہ تہ اوهين پنهنجو مقدمو هارائيندا ۽ پشيمان ٿيندا. |
|
| 9 |
|
| جيڪڏهن اوهان جو ڪنهن ٻئي سان ڪو معاملو آهي، تہ اهو پاڻ ۾ ويهي نبيريو، پر انهيءَ معاملي جو راز ڪنهن ٽئين سان نہ سليو. |
|
| 10 |
|
| ائين نہ ٿئي جو هر ڪو ڄاڻي وٺي تہ اوهين راز جي ڳالهہ رکي نہ ٿا سگھو، ۽ پوءِ اوهين هميشہ خوار خراب ٿيندا رهندا. |
|
| 11 |
|
| صحيح وقت تي صحيح ڳالهہ چوڻ ائين آهي، جيئن سون تي سهاڳو هجي. |
|
| 12 |
|
| نصيحت تي ڌيان ڏيڻ واري ماڻهوءَ لاءِ، ڏاهي ماڻهوءَ جي تنبيهہ نج سون جي زيورن کان وڌيڪ ملهہ واري آهي. |
|
| 13 |
|
| ايماندار قاصد پنهنجي موڪلڻ واري لاءِ ائين آهي، جيئن لاباري واري گرم موسم ۾ ٿڌو پاڻي، ڇاڪاڻ تہ هو پنهنجي مالڪ جي جان کي تازگي ٿو بخشي. |
|
| 14 |
|
| واعدو ڪري ڦري ويندڙ ماڻهو، اهڙن ڪڪرن ۽ واءُ مثل آهن، جن مان برسات جي بوند ئي نہ ٿي وسي. |
|
| 15 |
|
| جيڪي تحمل ۽ نرم زبانيءَ سان ٿا ڳالهائين، سي هر مخالفت کي ڦيرائي سگھن ٿا، بلڪ حاڪم کي بہ مطمئن ڪري سگھن ٿا. |
|
| 16 |
|
| جيڪڏهن اوهان کي ماکي ملي وڃي تہ ايتري کائو جيتري اوهان کي ضرورت آهي، متان حد کان وڌيڪ کائو ۽ پوءِ الٽي ڪري ڪڍو. |
|
| 17 |
|
| ساڳيءَ طرح پنهنجي دوست جي گھر ۾ گھڻي اچ وڃ نہ ڪريو، جو اهو اوهان مان تنگ ٿي وڃي، ۽ اوهان کان نفرت ڪرڻ لڳي. |
|
| 18 |
|
| ڪوڙي شاهدي هٿوڙي، تلوار ۽ تکي تير برابر آهي. |
|
| 19 |
|
| مصيبت جي وقت ڪنهن بيوفا ماڻهوءَ تي اعتبار ڪرڻ ائين آهي، جيئن لڏندڙ ڏند سان چٻاڙڻ، يا موڙهجي پيل پير سان گھمڻ جي ڪوشش ڪرڻ. |
|
| 20 |
|
| ڏکويل ماڻهوءَ جي اڳيان خوشيءَ جا گيت ڳائڻ ائين آهي، جيئن سياري ۾ ڪنهن جا ڪپڙا لاهي ڇڏڻ، يا جيئن ڪنهن جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ. |
|
| 21 |
|
| جيڪڏهن اوهان جو دشمن بکايل آهي، تہ کيس کارايو، جيڪڏهن هو اڃايل آهي تہ کيس پيئاريو. |
|
| 22 |
|
| ائين ڪرڻ سان اوهين کيس شرمسار ڪندا، ۽ خداوند پڻ اوهان کي اجر عطا ڪندو. |
|
| 23 |
|
| جهڙيءَ طرح اتر جو واءُ برسات آڻيندو آهي، تهڙيءَ طرح گلا غيبت واريون ڳالهيون غصو ڏياريو ڇڏين. |
|
| 24 |
|
| جھڳڙيلو زال سان گڏ گھر ۾ رهڻ کان اهو بهتر آهي، تہ ماڻهو ڪنهن ڪنڊ پاسي ۾ وڃي گذاري. |
|
| 25 |
|
| جيئن ڪنهن اڃايل ماڻهوءَ لاءِ ٿڌو پاڻي تازگي آڻي ٿو، تيئن ئي اُها خوشخبري انتظار ڪندڙ کي تازگي ڏئي ٿي جيڪا ڏورانهين ملڪ کان ٿي اچي. |
|
| 26 |
|
| سچار ماڻهوءَ جو ڪنهن بدڪار جي اڳيان جھُڪڻ ائين آهي، جيئن ڪو صاف پاڻيءَ جو چشمو لتاڙيو ويو هجي، يا جيئن ڪنهن کوهہ جو پاڻي زهريلو بڻايو ويو هجي. |
|
| 27 |
|
| جهڙيءَ طرح ماکيءَ جو گھڻو کائڻ چڱو نہ آهي، تهڙيءَ طرح سدائين پنهنجي تعريف پسند ڪرڻ بہ نہ ٿو جڳائي. |
|
| 28 |
|
| جيڪو پنهنجي طبيعت تي ضابطو نہ ٿو رکي سگھي، تنهن کي نقصان پهچڻ جو انديشو آهي، جيئن اهو شهر جنهن جو ڪوٽ ڀڳل ڊٺل هجي. |
|
|
|
|