|
| 1 |
|
| جيئن برف اونهاري ۾، ۽ جيئن مينهن فصلن لهڻ جي موسم ۾، تيئن عزت بيعقل جي لاءِ سهائيندي ناهي. |
|
| 2 |
|
| جيئن جهرڪي رلڻ ۾، ۽ جيئن ابابيل اُڏامڻ ۾، تيئن جيڪا لعنت بي سبب آهي سا لهي نٿي. |
|
| 3 |
|
| چهبڪ گهوڙي لاءِ، لغام گڏهہ لاءِ، ۽ لڪڻ بي عقلن جي پٺيءَ لاءِ. |
|
| 4 |
|
| بي عقل کي سندس بيعقليءَ موجب جواب نہ ڏي، تہ متان تون بہ انهيءَ جهڙو ٿي پوين. |
|
| 5 |
|
| بي عقل کي سندس بي عقليءَ موجب جواب ڏي، متان هو پاڻ کي پنهنجي خيال موجب ڏاهو سمجهي. |
|
| 6 |
|
| جيڪو ڪنهن بيعقل جي هٿان پيغام موڪلي ٿو، سو پنهنجو پير وڍي ڇڏي ٿو ۽ نقصان پي وڃي ٿو. |
|
| 7 |
|
| منڊي جون ٽنگون ڍريون لڙڪن ٿيون، تيئن مثل بيعقلن جي وات ۾ آهي. |
|
| 8 |
|
| جيئن جواهرن جي ڳوٿري پهڻن جي ڍڳ ۾، تيئن اهو ماڻهو آهي جو ڪنهن بي عقل کي عزت ٿو ڏئي. |
|
| 9 |
|
| جيئن ڪو ڪنڊو ڪنهن نشئيءَ جي هٿ ۾ چڙهي وڃي ٿو، تيئن مثل بي عقلن جي وات ۾ آهي. |
|
| 10 |
|
| جيئن ڪو تير انداز سڀني کي زخمي ڪري ٿو، تيئن اهو ماڻهو آهي جو بي عقل کي ڀاڙي ڪري ٿو، ۽ اُهو جو رستي تان لنگهندڙن کي ڀاڙي ڪري ٿو. |
|
| 11 |
|
| جيئن ڪو ڪتو پنهنجي ڪيل قئي تي موٽي اچي ٿو، تيئن اُهو بي عقل آهي جو وري وري پنهنجي بي عقلي ظاهر ڪري ٿو. |
|
| 12 |
|
| تون اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو پنهنجي خيال ۾ پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي. |
|
| 13 |
|
| سست چوي ٿو تہ رستي ۾ هڪڙو شينهن آهي، هڪڙو شينهن گهٽين ۾ آهي. |
|
| 14 |
|
| جيئن در پنهنجن چوڙن تي ڦري ٿو، تيئن سست پنهنجي هنڌ تي ٿو ڪري. |
|
| 15 |
|
| سست پنهنجو هٿ رڪابيءَ ۾ ٻوڙي ٿو، پر اُتان کڻي اُهو پنهنجي وات تائين آڻڻ بہ هن کي ٿڪايو وجهي. |
|
| 16 |
|
| سست پاڻ کي انهن ستن ماڻهن کان ڏاهو ٿو سمجهي، جي پورو دليل ڏيئي سگهن ٿا. |
|
| 17 |
|
| جيڪو راهہ لنگهندي جنهن جهيڙي سان سندس ڪوبہ واسطو ڪونهي تنهن سان پاڻ کي هلاڪ ٿو ڪري، سو اُنهيءَ ماڻهو جهڙو آهي جو ڪتي کي ڪنن کان ٿو وٺي. |
|
| 18 |
|
| جيئن ڪو ديوانو ماڻهو اُماڙيون، ۽ تير ۽ موت جا هٿيار اُڇلائي. |
|
| 19 |
|
| تيئن اُهو ماڻهو آهي جو پنهنجي پاڙيسريءَ کي ٺڳي ٿو، ۽ چوي ٿو تہ آءٌ رونشو نٿو ڪريان ڇا؟ |
|
| 20 |
|
| ڪاٺي نہ هئڻ ڪري باهہ اُجهامي وڃي ٿي، جتي ڪو سُس پُس ڪرڻ وارو ڪونهي اُتي جهيڙو فساد بند ٿي وڃي ٿو. |
|
| 21 |
|
| جيئن اڱر ٽانڊن لاءِ، ۽ ڪاٺيون باهہ لاءِ، تيئن جهيڙاڪ ماڻهو جهيڙي پيدا ڪرڻ لاءِ آهي. |
|
| 22 |
|
| چغلخور جون ٻوليون لذيذ لقمن وانگي آهن، ۽ اُهي پيٽ جي تمام اندرين ڀاڱن ۾ وڃيو ٿيون پهچن. |
|
| 23 |
|
| شوق وارا چپ ۽ خراب دل انهي ٺڪر جي ٿانوَ جهڙا آهن، جنهن مٿان چانديءَ جو مٺ چڙهيل هجي. |
|
| 24 |
|
| جيڪو دشمني ٿو رکي سو پنهنجن چپن سان ڍونگ ڪري ٿو، مگر پنهنجي اندر ۾ دغا رکي ٿو: |
|
| 25 |
|
| جڏهن هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو، تڏهن هن تي ويساهہ نہ ڪر، ڇالاءِ جو هن جي دل ۾ ست نفرتون آهن. |
|
| 26 |
|
| جيتوڻيڪ هن جو ڪينو ٺڳيءَ سان ڍڪيو پيو آهي، تہ بہ هن جي شرارت جماعت جي اڳيان کلي ظاهر ٿي پوندي. |
|
| 27 |
|
| جيڪو کڏ کڻندو سو انهيءَ ۾ پوندو: ۽ جيڪو ڇپ ليٽائي ٿو تنهن تي اها موٽي اچي پوندي. |
|
| 28 |
|
| ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان انهن کي ڌڪاري ٿي جن کي ڦٽي ٿي، ۽ خوشامد ڪندڙ وات موت پيدا ٿو ڪري. |
|
|
: |
| ١ | | ٢ | | ٣ | | ٤ | | ٥ | | ٦ | | ٧ | | ٨ | | ٩ | | ١٠ | | ١١ | | ١٢ | | ١٣ | | ١٤ | | ١٥ | | ١٦ | | ١٧ | | ١٨ | | ١٩ | | ٢٠ | | ٢١ | | ٢٢ | | ٢٣ | | ٢٤ | | ٢٥ | | ٢٦ | | ٢٧ | | ٢٨ | 1
1
1 |
|
|---|
|
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/proverbs/026.mp3
31
26