|
| 1 |
|
| جيئن اونهاري ۾ برفباري، ۽ لاباري جي موسم ۾ برسات نہ ٿي سونهين، تيئن ئي بيوقوف ماڻهوءَ کي عزت نہ ٿي سونهين. |
|
| 2 |
|
| جنهن پٽ پاراتي جا اوهين مستحق ناهيو، سا انهيءَ پکي جيان آهي جيڪو رڳو هوا ۾ اڏامي ٿو پر هيٺ لهي اچي نقصان نہ ٿو پهچائي. |
|
| 3 |
|
| جهڙيءَ طرح گھوڙي لاءِ لغام ۽ گڏهہ لاءِ چهبڪ ضروري آهي، تهڙيءَ طرح بيوقوف جي پٺيءَ لاءِ لڪڻ. |
|
| 4 |
|
| جڏهن بيوقوف بيوقوفيءَ جي ڳالهہ ڪري تہ کيس ڪو جواب نہ ڏيو، متان اوهين بہ انهيءَ وانگر ٿي پئو. |
|
| 5 |
|
| ڪنهن بہ بيوقوف کي اهڙو جواب ڏيو جو هو محسوس ڪري تہ هو ڪيترو نہ بيعقل آهي، تڏهن هو پاڻ کي ڏاهو ڪين سمجھندو. |
|
| 6 |
|
| جيڪو ڪنهن بيعقل جي هٿان پيغام ٿو موڪلي، سو پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ٿو هڻي، يا وري پاڻ زهر جو پيالو ٿو پيئي. |
|
| 7 |
|
| جيئن ڪنهن منڊي جون ٽنگون پنڌ ڪرڻ جي لائق نہ آهن، تيئن ئي بيوقوف جي زبان تان ڪنهن ڏاهي جي چوڻي نہ ٿي سونهي. |
|
| 8 |
|
| ڪنهن بيعقل جي تعريف ڪرڻ کنڀاڻيءَ ۾ پٿر ٻڌڻ برابر آهي. |
|
| 9 |
|
| بيوقوف ڏاهپ جي چوڻي ائين استعمال ٿا ڪن، جيئن ڪو شرابي ڪنڊن وارو ڏنڊو ڦيرائيندو هجي. |
|
| 10 |
|
| جيڪو ڪنهن بيوقوف يا ڪنهن شرابيءَ کي مزدوريءَ تي ٿو لڳائي، سو ڄڻ اهڙي لاپرواهيءَ سان تير ٿو هلائي، جيڪو ڪنهن کي بہ زخمي ڪري سگھي ٿو. |
|
| 11 |
|
| جيڪو بيوقوف ماڻهو بار بار بيوقوفي ڪندو ٿو رهي، سو اهڙي ڪتي جيان آهي، جيڪو موٽي اچي پنهنجي ڪيل الٽي چٽي. |
|
| 12 |
|
| اوهان ڪو اهڙو ماڻهو ڏٺو هوندو، جيڪو پنهنجو پاڻ کي ڏاهو ٿو سمجھي. انهيءَ کان تہ بيوقوف مان وڌيڪ اميد آهي. |
|
| 13 |
|
| سُست ماڻهو ڪم کان نٽائيندي چون ٿا تہ ”ٻاهر گھٽين ۾ تہ شينهن ويٺو آهي.“ |
|
| 14 |
|
| جهڙيءَ طرح دروازو پنهنجي انجيسن تي ڦري ٿو، تهڙيءَ طرح سُست ماڻهو پنهنجي هنڌ تي ليٽندي پيو پاسا ڦيرائي. |
|
| 15 |
|
| ڪي ماڻهو ايترا تہ سُست ٿا ٿين جو پنهنجو کاڌو رڪابيءَ مان کڻي وات تائين آڻڻ کان بہ ڪيٻائين ٿا. |
|
| 16 |
|
| سُست ماڻهو ستن ڏاهن ماڻهن کان بہ وڌيڪ پاڻ کي داناءُ ٿو سمجھي. |
|
| 17 |
|
| پرائي جھيڙي ۾ ٽنگ اڙائڻ، ائين آهي جيئن رولو ڪتي کي ڪن کان پڪڙڻ. |
|
| 18 |
|
| جيڪو شخص ڪنهن سان ٺڳي ٿو ڪري ۽ پوءِ چوي ٿو تہ ”مون تہ رڳو مذاق پئي ڪئي،“ سو اهڙي چرئي وانگر آهي، جيڪو بيخبريءَ ۾ اُماڙيون ۽ موتمار تير اڇلائي هڻي ٿو. |
|
| 19 |
|
|
|
| 20 |
|
| ڪاٺي نہ وجھڻ سان باهہ اُجھاميو وڃي، ۽ جتي ڪو چغلخور ڪونهي اتي جھيڙو فساد بند ٿيو وڃي. |
|
| 21 |
|
| جيئن ٽانڊن لاءِ ڪوئلا ۽ باهہ لاءِ ڪاٺيون آهن، تيئن ئي جھڳڙالو ماڻهو جھڳڙي کي وڌائين ٿا. |
|
| 22 |
|
| چغلخور جون ڳالهيون لذيذ لقمن جهڙيون آهن، جن کي هر ڪو کائڻ ٿو چاهي. |
|
| 23 |
|
| دل ۾ نفرت رکندي زبان سان مٺڙيون ڳالهيون ڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪنهن ڪچي ٺڪر جي ٿانوَ تي عمدو رنگ ڪيو ويو هجي. |
|
| 24 |
|
| نفرت رکندڙ ماڻهو پنهنجي مٺڙين ڳالهين سان ڪيني کي لڪائي ٿو، مگر دل ۾ هو بڇڙائيءَ وارا منصوبا ٿو جوڙي. |
|
| 25 |
|
| سو انهيءَ جي مٺڙين ڳالهين تي اعتبار نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل نفرت سان ٽمٽار آهي. |
|
| 26 |
|
| جيتوڻيڪ هو چالاڪيءَ سان ڪيني کي ڍڪي ٿو، تڏهن بہ سندس بڇڙائي هر ڪنهن آڏو ظاهر ٿيو پوي. |
|
| 27 |
|
| جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽي ٿو، سو پاڻ انهيءَ ۾ ڪرندو. جيڪو ٻين مٿان ڇپ اٽلائي ٿو، سا موٽي اچي انهيءَ مٿان ڪرندي. |
|
| 28 |
|
| خوشامندي ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ ماڻهو ٻين کان نفرت ڪندي کين مصيبت ۾ ٿا وجھن. |
|
|
|
|