|
| 1 |
|
| ايندڙ وقت بابت ٻٽاڪ نہ هڻو، ڇاڪاڻ تہ ڪوبہ نہ ٿو ڄاڻي تہ هاڻي يا هاڻي کان پوءِ ڇا ٿيندو. |
|
| 2 |
|
| اوهين پنهنجي تعريف پاڻ نہ ڪريو، ڀلي تہ ڪو ٻيو اوهان جي واکاڻ ڪري. |
|
| 3 |
|
| پٿر ڳرو ٿو ٿئي ۽ واري اڃا بہ وزني ٿئي ٿي، مگر بيعقل جي بيعقلي ٻين لاءِ انهن کان وڌيڪ ڳري آهي. |
|
| 4 |
|
| ڪاوڙ ۽ غصي وارو ماڻهو خطرناڪ ٿو ٿئي، مگر جيڪو غيرت سان ڀريل آهي، تنهن آڏو ڪير ٿو بيهي سگھي؟ |
|
| 5 |
|
| منهن تي سچ چئي ڏيڻ انهيءَ کان بهتر آهي جو محبت هجڻ ڪري ڪجھہ لڪايو وڃي. |
|
| 6 |
|
| دوست جي هٿان پهتل زخم بہ وفا سان ڀرپور آهن، مگر دشمن جو ڳل سان لائڻ بہ سراسر دوکو ۽ فريب آهي. |
|
| 7 |
|
| ڍاول ماڻهوءَ کي ماکيءَ مان بہ سواد نہ ٿو اچي، مگر بکايل ماڻهوءَ کي بصر بہ مٺو ٿو لڳي. |
|
| 8 |
|
| پنهنجي وطن کان دور ماڻهو ائين آهي، جيئن ڪو پکي پنهنجي آکيري کان ڀٽڪي ويو هجي. |
|
| 9 |
|
| سُرهو تيل ۽ عطر دل کي فرحت ٿا ڏين، مگر سچي دوستي اڃا بہ وڌيڪ راحت واري آهي. |
|
| 10 |
|
| پنهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ پنهنجي دوست يا پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي پري وارن مائٽن ڏانهن نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ ويجھو دوست انهن کان وڌيڪ بهتر آهي. |
|
| 11 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! ڏاها بڻجي منهنجي دل کي خوش ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ طعني هڻندڙ کي آءٌ جواب ڏيئي سگھان. |
|
| 12 |
|
| سياڻو ماڻهو مصيبت کي ايندو ڏسي پاسو ڪريو وڃي، مگر بيسمجھہ ماڻهو سڌا اوڏانهن وڌيو وڃن، ۽ پوءِ مصيبت ۾ وڃيو ڦاسن. |
|
| 13 |
|
| جيڪو ڪنهن اڻواقف ماڻهوءَ جو ضامن ٿو پوي، سو انهيءَ لائق آهي تہ سندس ڪپڙا لاهي رکيا وڃن، بلڪ سندس مال ملڪيت بہ گروي رکيو وڃي. |
|
| 14 |
|
| صبح جو سوير اُٿي ڪنهن ستل دوست لاءِ وڏي آواز سان دعا گھرڻ انهيءَ دوست جي نظر ۾ بددعا آهي. |
|
| 15 |
|
| جھيڙاڳل زال ائين تنگ ٿي ڪري، جيئن مينهن واري ڏينهن ڦڙ ڦڙ جو لڳاتار پوندو رهڻ. |
|
| 16 |
|
| اهڙيءَ زال کي خاموش ڪرائڻ ايترو مشڪل آهي جيترو هوا کي جھلي بيهڻ، يا زيتون جي تيل کي مٺ ۾ بند ڪرڻ. |
|
| 17 |
|
| جهڙيءَ طرح لوهہ لوهہ کي تکو ڪري ٿو، تهڙيءَ طرح انسان هڪٻئي جي ذهن کي سکيا ڏيئي تيز ڪن ٿا. |
|
| 18 |
|
| جيڪو ڪنهن ڦلدار وڻ جي سنڀال ٿو ڪري، سو انهيءَ جو ميوو ضرور کائيندو. ساڳي نموني جيڪو نوڪر پنهنجي مالڪ جي حفاظت ٿو ڪري، سو ضرور عزت حاصل ڪندو. |
|
| 19 |
|
| جيئن ماڻهو آئيني ۾ پنهنجو منهن ڏسي ٿو، تيئن ئي هو پنهنجي قول ۽ فعل تي ويچار ڪرڻ سان پنهنجي شخصيت کي ڄاڻي سگھي ٿو. |
|
| 20 |
|
| جيئن قبر ۽ پاتال ڪڏهن بہ ڍاپجڻ جا ناهن، تيئن ئي ماڻهو پنهنجي خواهشين مان ڪڏهن بہ نہ ٿو ڍاپجي. |
|
| 21 |
|
| چاندي توڙي سون باهہ ۾ پرکي سگھجن ٿا، مگر انسان جي پرک انهيءَ ۾ آهي تہ سندس تعريف ڪريو. |
|
| 22 |
|
| بيعقل ماڻهوءَ کي توڙي جو اُکري مُهريءَ ۾ اناج سان گڏ ڪُٽي ڪڍجي، تڏهن بہ هو بيعقل جو بيعقل ئي رهندو. |
|
| 23 |
|
| اي ڌنارؤ! پنهنجي رڍن ٻڪرين جي وقت سر سار سنڀال لهو. |
|
| 24 |
|
| انهيءَ سبب جو دولت هميشہ ساٿ نہ ٿي ڏئي، نڪي تخت وَ تاج ئي پيڙهين تائين قائم ٿو رهي. |
|
| 25 |
|
| سو جڏهن ٽڪرين تان ۽ ٻنين مان گاهہ لڻي گڏ ڪبو آهي ۽ سائو گاهہ نئين سر ڦٽي نڪرندو آهي، |
|
| 26 |
|
| تڏهن اوهين ڌڻ جي گھٽن جي اُن مان پنهنجي لاءِ ڪپڙا ٺاهي سگھو ٿا ۽ ٻڪرين مان ڪجھہ وڪڻي ٻني خريد ڪري سگھو ٿا. |
|
| 27 |
|
| ٻڪرين جو کير بہ اوهان ۽ اوهان جي گھر وارن لاءِ توڙي اوهان جي ٻانهين جي لاءِ جھجھو هوندو. |
|
|
|
|