|
| 1 |
|
| شرير ڀڄندا آهن، جڏهن ڪوبہ سندن پٺيان نٿو پوي، پر سچا شينهن وانگي بهادر آهن. |
|
| 2 |
|
| ملڪ ۾ ڏوهن هئڻ ڪري انهي جا گهڻائي بادشاهہ آهن، مگر سمجهہ ۽ علم وارن ماڻهن جي ڪري انهي جو انتظام گهڻي تائين هلندو. |
|
| 3 |
|
| ڪنگال ماڻهو جو غريبن تي ظلم ڪري ٿو، سو انهي طوفان واري مينهن وانگي آهي جو اَن جو داڻو کاڌي لاءِ نٿو ڇڏي، |
|
| 4 |
|
| جيڪي شريعت کي ترڪ ٿا ڪن سي شريرن جي تعريف ٿا ڪن، پر جيڪي شريعت تي هلن ٿا سي انهن سان وڙهن ٿا. |
|
| 5 |
|
| خراب ماڻهو انصاف نٿا سمجهن، پر جيڪي خداوند جا طالب آهن سي سڀ ڳالهيون سمجهن ٿا. |
|
| 6 |
|
| جيڪو غريب پنهنجي سنوت ۽ سچائي جي رستي تي هلي ٿو، سو انهي کان بهتر آهي جو ڏنگن رستن تي هلي ٿو اگرچہ اُهو ڀلي تونگر هجي. |
|
| 7 |
|
| جيڪو شريعت جي سنڀال رکي ٿو سو ڏاهو پٽ آهي، پر جيڪو پيٽورن جو سنگتي آهي سو پنهنجي پيءُ کي شرمندو ڪري ٿو. |
|
| 8 |
|
| جيڪو وياج ۽ واڌاري سان پنهنجو مال وڌائي ٿو، سو اُهو انهي لاءِ ٿو گڏ ڪري جنهن کي غريبن تي رحم اچي ٿو. |
|
| 9 |
|
| جيڪو شريعت جي ٻڌڻ کان پنهنجو ڪن ڦيرائي ٿو، تنهنجي دعا بہ نفرت جهڙي آهي. |
|
| 10 |
|
| جيڪو سنئين هلڻ واري کي ڪنهن خراب رستي ڏي ڦيري گمراهہ ڪري ٿو، سو پاڻ پنهنجي کڏ ۾ ڪري پوندو، پر ڪامل ماڻهو نيڪيءَ جا وارث ٿيندا. |
|
| 11 |
|
| دولتمند ماڻهو پنهنجي سمجهہ موجب ڏاهو آهي، پر سمجهہ وارو غريب اُن کي جانچي وٺي ٿو. |
|
| 12 |
|
| جڏهن سچا فتحياب ٿين ٿا تڏهن ڏاڍي خوشي ٿئي ٿي، پر جڏهن شرير اُٿن ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين. |
|
| 13 |
|
| جيڪو پنهنجا قصور لڪائي ٿو سو سکيو نہ گذاريندو، پر جيڪو اُهي قبول ڪندو ۽ ڇڏيندو تنهن کي رحم حاصل ٿيندو. |
|
| 14 |
|
| سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو هميشہ ڊڄي ٿو، پر جيڪو پنهنجي دل سخت ڪري ٿو سو خرابيءَ ۾ ڪري ٿو. |
|
| 15 |
|
| جيئن گجندڙ شينهن ۽ گهمندڙ رڇ، تيئن اُهو شرير ماڻهو جو غريبن تي حاڪم آهي. |
|
| 16 |
|
| جنهن بادشاهہ کي سمجهہ ڪانهي سو وڏو ظالم بہ ٿئي ٿو، پر جيڪو لالچ کي ڌڪاري ٿو تنهنجا ڏينهن گهڻا ٿيندا. |
|
| 17 |
|
| جنهن ماڻهو جي سر تي ٻئي جو خون آهي، سو ڀڄي وڃي کڏ ۾ پوندو: انهي کي ڪوبہ نہ روڪي. |
|
| 18 |
|
| جيڪو سنئون سڌو هلي ٿو سو ڇڏايو ويندو، پر جيڪو ڏنگن رستن تي هلي ٿو سو هڪدم ڪري پوندو. |
|
| 19 |
|
| جيڪو پنهنجي زمين کي پوکي ٿو تنهن کي مئو ماني ملندي، پر جيڪو اجاين ماڻهن جي پٺيان ٿو لڳي سو گهڻو ڪنگال ٿيندو. |
|
| 20 |
|
| ايماندار ماڻهوءَ کي بي انداز برڪتون حاصل ٿين ٿيون، پر جيڪو دولتمند ٿيڻ لاءِ تڪڙ ڪري ٿو سو بي سزا رهجي نہ ويندو. |
|
| 21 |
|
| پاسداري ڪرڻ چڱي نہ آهي، نڪي ڪنهن ماڻهو کي ٽڪر ڀوري لاءِ ڏوهہ ڪرڻ گهرجي. |
|
| 22 |
|
| جنهن جي نظر بري آهي سو دولت جي پٺيان تڪڙو ٿي پوي ٿو ۽ اهو سماءُ نٿو پويس تہ ڪنگالپڻ مٿس ڪاهي اچي پوندي. |
|
| 23 |
|
| جيڪو ڪنهن ماڻهو کي ملامت ڪري ٿو، سو انهي کان زيادہ مان لهندو جو زبان سان خوشامد ٿو ڪري. |
|
| 24 |
|
| جيڪو پنهنجي پيءُ يا ماءُ کي ڦري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ اهو ڪو ڏوهہ ناهي، سو هڪڙي ناس ڪندڙ ماڻهو جو سنگتي آهي. |
|
| 25 |
|
| جيڪو لالچي طبيعت جو ماڻهو آهي سو جهيڙو اُٿاري ٿو، پر جيڪو پنهنجو ويساهہ خداوند ۾ رکي ٿو سو ٿلهو ٿيندو. |
|
| 26 |
|
| جيڪو پنهنجي دل تي ڀروسو ٿو رکي سو بي عقل آهي، پر جيڪو ڏاهپ سان هلي ٿو سو ڇوٽڪارو لهندو. |
|
| 27 |
|
| جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي تنهن کي ڪمي نہ ٿيندي، پر جيڪو پنهنجون اکيون لڪائي ٿو تنهن تي گهڻي لعنت پوندي. |
|
| 28 |
|
| جڏهن شرير کڙا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو پاڻ کي وڃيو لڪائين، پر جڏهن هو چٽ ٿين ٿا تڏهن سچا وڌن ٿا. |
|
|
|
|