|
| 1 |
|
| جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس. |
|
| 2 |
|
| جڏهن سچا گهڻا ٿين ٿا تڏهن ماڻهو خوش ٿين ٿا، پر جڏهن ڪو شرير ماڻهو حاڪم ٿئي ٿو تڏهن ماڻهو آهون ڪن ٿا. |
|
| 3 |
|
| جنهن جي ڏاهپ سان محبت آهي سو پنهنجي پيءُ کي خوش ڪري ٿو، پر جيڪو ڪسبياڻين سان سنگت ٿو رکي سو پنهنجو مال ملڪيت ضايع ڪري ٿو. |
|
| 4 |
|
| بادشاهہ عدالت سان ملڪ کي قائم ڪري ٿو، پر جيڪو زور سان نذرانا وٺي ٿو سو ملڪ کي تباهہ ڪري ٿو. |
|
| 5 |
|
| جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي خوشامد ڪري ٿو، سو پنهنجي پيرن جي لاءِ ڦندو پکيڙي ٿو. |
|
| 6 |
|
| خراب ماڻهوءَ جي ڏوهہ ۾ هڪڙو ڦانڌو آهي، پر سچو ڳائي ٿو ۽ خوشيون ڪري ٿو. |
|
| 7 |
|
| سچو ماڻهو غريبن جي معاملي جي پوري خبر لهي ٿو، شرير ماڻهوءَ کي انهي جي خبر لهڻ جي سمجهہ ڪانهي. |
|
| 8 |
|
| ٺٺولي ڪندڙ ماڻهو شرير کي باهہ ڏيو ڇڏين، پر ڏاها ماڻهو ڪاوڙ پاسي ورايو ڇڏين. |
|
| 9 |
|
| جيڪڏهن ڪنهن ڏاهي ماڻهوءَ جو تڪرار ڪنهن بي عقل ماڻهوءَ سان ٿيو، پوءِ هو ڪاوڙيل رهي يا کلي، پر آرام ڪونہ ايندس. |
|
| 10 |
|
| خوني ماڻهو ڪامل انسان کي ڌڪاري ٿو، پر سچا ماڻهو هن جي ساهہ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. |
|
| 11 |
|
| بي عقل پنهنجي سڀ ڪاوڙ ظاهر ڪيو وجهي، پر ڏاهو ماڻهو اُها پٺ تي رکي ڇڏي ۽ انهي کي ماٺو ڪري ٿو. |
|
| 12 |
|
| جيڪڏهن ڪو حاڪم ڪوڙ کي ڪن ڏيئي ٻڌي ٿو، تہ سندس سڀ نوڪر شرير آهن. |
|
| 13 |
|
| غريب ماڻهو ۽ ظالم ٻئي گڏجن ٿا، خداوند انهن ٻنهي جون اکيون روشن ڪري ٿو. |
|
| 14 |
|
| جيڪو بادشاهہ ايمانداريءَ سان غريبن جو انصاف ڪري ٿو، تنهنجو تخت هميشہ لاءِ قائم رهندو. |
|
| 15 |
|
| لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي منهن ڇڏي ڏنل ٻار پنهنجي ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو. |
|
| 16 |
|
| جڏهن شرير وڌن ٿا تڏهن گناهہ وڌي ٿو: پر سچا انهن جي تباهي ڏسندا. |
|
| 17 |
|
| پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي تہ هو توکي آرام ڏي؛ هائو هو تنهنجي روح کي راحت ڏيندو. |
|
| 18 |
|
| جتي ڪو رويا ڪونهي اُتي ماڻهو بي لغام ٿيو وڃن، پر اُهو سڀاڳو آهي جو شريعت جي سنڀال ڪري ٿو. |
|
| 19 |
|
| نوڪر رڳو ڳالهين سان ڪين سڌرندو: ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو سمجهندو تہ بہ ڌيان ڪين ڏيندو. |
|
| 20 |
|
| اهو ماڻهو ڪي ڏسين ٿو جو ڳالهائڻ ۾ تڪڙو آهي؟ انهي کان بي عقل ۾ زيادہ اميد آهي. |
|
| 21 |
|
| جيڪو ننڍي هوندي کان پنهنجي نوڪر کي ناز سان پالي ٿو، تنهنجو نيٺ اُهو پٽ ٿي ويهندو. |
|
| 22 |
|
| ڪاوڙ وارو ماڻهو جهيڙو اُٿاري ٿو، ۽ غضبناڪ ماڻهو گناهہ ۾ وڌندو ويندو. |
|
| 23 |
|
| ماڻهوءَ جي مغروري نيٺ هن کي نيچو ڪندي: پر جيڪو نماڻي طبيعت جو آهي، سو عزت حاصل ڪندو. |
|
| 24 |
|
| جيڪو چور جو ڀائيوار آهي سو خود پنهنجي جان کي ڌڪاري ٿو: هو قسم ٻڌي ٿو پر سچو بيان نٿو ڪري. |
|
| 25 |
|
| ماڻهوءَ جو ڊپ هڪڙو ڦانڌو آڻي ٿو، پر جيڪو پنهنجو ڀروسو خداوند تي ٿو رکي سو سلامت رهندو. |
|
| 26 |
|
| گهڻا ئي حاڪم جي مهرباني ڳولين ٿا: پر ماڻهوءَ جي عدالت خداوند وٽان ٿي اچي. |
|
| 27 |
|
| بي انصاف ماڻهو سچي جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي، ۽ جيڪو سنئين سڌي رستي تي آهي سو وري شريرن جي لاءِ ڪراهت جهڙو آهي. |
|
|
|
|