|
| 1 |
|
| اي منهنجا پٽ، منهنجي تعليم متان وسارين؛ پر تنهنجي دل ڀلي تہ منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪري: |
|
| 2 |
|
| ڇا لاءِ جو اُهي، ڏينهن جي ڊگهائي، ۽ عمر جا ورهيہ، ۽ سلامتي تو ۾ وڌائيندا. |
|
| 3 |
|
| ائين نہ ڪر تہ رحم ۽ سچ توکي ڇڏي وڃن: انهن کي پنهنجي ڳچيءَ سان ٻڌي ڇڏ: انهن کي پنهنجي دل جي تختي تي لکي ڇڏ: |
|
| 4 |
|
| ائين ڪرڻ سان تون خدا ۽ ماڻهوءَ جي نظر ۾ قبوليت ۽ چڱي سمجهہ حاصل ڪندين. |
|
| 5 |
|
| پنهنجي سموريءَ دل سان خداوند تي ڀروسو رک، ۽ پنهنجي سمجهہ تي ٽيڪ نہ ڏي: |
|
| 6 |
|
| پنهنجن سڀني رستن ۾ هن کي مڃ، ۽ هو توکي سنئون رستو ڏيکاريندو. |
|
| 7 |
|
| پنهنجيءَ نظر ۾ ڏاهو نہ ٿيءُ: خداوند کان ڊڄ ۽ خرابيءَ کان پري ڀڄ: |
|
| 8 |
|
| اها تنهنجي دُن لاءِ تندرستي، ۽ تنهنجن هڏن لاءِ مک آهي. |
|
| 9 |
|
| خداوند کي پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي پيدائش جي پهرين ڦرن سان تعظيم ڏي: |
|
| 10 |
|
| تہ پوءِ تنهنجا ڀانڊا گهڻي مال سان ڀربا، ۽ تنهنجا مٽ نئين شراب سان آڦر ڪندا. |
|
| 11 |
|
| اي منهنجا پٽ، خداوند جي سيکت کي نہ ڌڪار؛ نڪي هن جي فهمائش، کان بيزار ٿيءُ: |
|
| 12 |
|
| ڇالاءِ جو جنهن کي خداوند پيار ڪري ٿو تنهن کي فهمائش ڏئي ٿو؛ جيئن ڪو پيءُ پٽ کي ڪري، جو هن کي وڻي ٿو. |
|
| 13 |
|
| سڀاڳو آهي اهو ماڻهو جو ڏاهپ لهي ٿو، ۽ اُهو ماڻهو جو سمجهہ حاصل ڪري ٿو. |
|
| 14 |
|
| ڇالاءِ جو انهيءَ جو واپار چانديءَ جي واپار کان بهتر آهي، ۽ انهيءَ جو نفعو خالص سون کان بهتر آهي. |
|
| 15 |
|
| اُها لعلن کان زيادہ قيمتي آهي، ۽ جن شين جي توکي خواهش ٿي سگهي ٿي تن مان ڪابہ ان سان مقابلو ڪري نہ سگهندي. |
|
| 16 |
|
| عمر جي درازي اُن جي سڄي هٿ ۾ آهي، ۽ دولت ۽ عزت اُن جي کٻي هٿ ۾ آهي. |
|
| 17 |
|
| اُن جا رستا خوشيءَ جا رستا آهن، ۽ اُن جون سڀ واٽون سلامتيءَ جون آهن. |
|
| 18 |
|
| جيڪي ان کي هٿ وجهي جهلين ٿا تن جي لاءِ اُها حياتيءَ جو وڻ آهي: ۽ جيڪو اُن کي وٺي جهلي ٿو سو سڀاڳو آهي. |
|
| 19 |
|
| خداوند ڏاهپ سان زمين جو بنياد وڌو؛ سمجهہ سان هن آسمان قائم ڪيا. |
|
| 20 |
|
| هن جي علم سان سمنڊ ڦاٽي نڪتا، ۽ آسمان مان ماڪ پوي ٿي. |
|
| 21 |
|
| اي منهنجا پٽ، انهن کي پنهنجين اکين کان پري وڃڻ نہ ڏي؛ پوري ڏاهپ ۽ سياڻپ جي سنڀال رکج؛ |
|
| 22 |
|
| جو اُهي تنهنجي روح جي حياتي ٿيندا، ۽ تنهنجي ڳچيءَ جو سينگار ٿيندا. |
|
| 23 |
|
| تڏهن تون پنهنجي رستي تي صحيح سلامت هلندين، ۽ تنهنجو پير نہ آٿڙندو. |
|
| 24 |
|
| جڏهن تون ليٽندين تڏهن ڊڄندين ڪين: هائو، تون ليٽندين تہ تنهنجي ننڊ مٺي ٿيندي. |
|
| 25 |
|
| اوچتي خوف کان متان ڊڄين، نڪي شريرن جي خرابيءَ جي اچڻ کان: |
|
| 26 |
|
| ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو ٿيندو، ۽ تنهنجي پير کي پڪڙجڻ کان سنڀاليندو. |
|
| 27 |
|
| جن سان ڀلائي ڪرڻ حق آهي، تن کان اُها متان روڪين، جڏهن اها تنهنجي هٿ وسيڪي آهي. |
|
| 28 |
|
| پنهنجي پاڙيسريءَ کي نہ چئُہ تہ وڃ ۽ وري اچ، ۽ سڀاڻي آءٌ ڏيندس؛ جڏهن اها تو وٽ موجود آهي. |
|
| 29 |
|
| پنهنجي پاڙيسريءَ جي برخلاف ڪنهن برائيءَ جي رٿ نہ ڪر، جڏهن ڏسين ٿو تہ هو تنهنجي پاسي ۾ بي خوف رهي ٿو. |
|
| 30 |
|
| ڪنهن بہ ماڻهوءَ سان سبب کان سواءِ نہ وڙهہ، بشرطيڪ هن توکي ڪو نقصان نہ پهچايو هجي. |
|
| 31 |
|
| ظلم ڪندڙ ماڻهوءَ تي ريس نہ ڪر، ۽ هن جو ڪوبہ رستو پسند نہ ڪر. |
|
| 32 |
|
| ڇالاءِ جو ڏنگي ماڻهوءَ کان خدا کي نفرت ٿي اچي: پر انهيءَ جو ڳجهہ سچن وٽ آهي. |
|
| 33 |
|
| خداوند جي لعنت شريرن جي گهر ۾ آهي؛ پر سچن جي رهڻ جي جاءِ تي هو برڪت وجهي ٿو. |
|
| 34 |
|
| يقين آهي تہ هو ٺٺولي ڪندڙن تي ٺٺولي ٿو ڪري، پر هو نماڻن تي فضل ڪري ٿو. |
|
| 35 |
|
| ڏاهن کي جلال ورثي ۾ ملندو، پر بي عقلن جي ترقي شرمندگي ٿيندي. |
|
|
|
|