|
| 1 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! اوهين منهنجي نصيحتن ۽ هدايتن کي ياد رکجو، بلڪ انهن تي پوريءَ طرح عمل ڪندا رهجو. |
|
| 2 |
|
| اهي اوهان جي لاءِ ڊگھي ڄمار، خوشحالي ۽ سلامتيءَ جو سبب بڻبيون. |
|
| 3 |
|
| ڀرپور شفقت ۽ سچائيءَ کي پاڻ کان جدا نہ ڪريو. انهن کي پنهنجي ڳچيءَ جو هار بڻايو، بلڪ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو. |
|
| 4 |
|
| ائين ڪرڻ سان ئي اوهين خدا ۽ ماڻهن جي نظر ۾ مقبوليت ۽ نيڪ نامي حاصل ڪندا. |
|
| 5 |
|
| اوهين دل وَ جان سان خداوند تي توڪل رکو ۽ رڳو پنهنجي سمجھہ تي نہ ڀاڙيو. |
|
| 6 |
|
| پنهنجي هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهين خداوند کي ياد رکو. اهو ئي اوهان کي سڌو رستو ڏيکاريندو. |
|
| 7 |
|
| اوهين پنهنجو پاڻ کي گھڻو عقلمند نہ سمجھو، بلڪ خداوند کان ڊڄندا رهو ۽ بڇڙائيءَ کان پري ڀڄو. |
|
| 8 |
|
| جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ اهو ڄڻ اوهان لاءِ هڪ فائديمند دوا مثل ٿيندو، جيڪا اوهان جي زخمن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندي ۽ اوهان جا دُک دور ڪري ڇڏيندي. |
|
| 9 |
|
| اوهين پنهنجي مال ملڪيت ۽ پنهنجي سموري پيداوار جي پهرئين ڦل جي نذرانن سان خداوند کي تعظيم ڏيو. |
|
| 10 |
|
| اوهين ائين ڪندا تہ اوهان جا گدام اناج سان ڀريل رهندا ۽ اوهان جا مٽ انگورن جي مئي سان ٽمٽار هوندا. |
|
| 11 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! اوهين خداوند جي سيکت کي حقير نہ ڄاڻو، نڪي هن جي تنبيهہ کان بيزار ٿيو. |
|
| 12 |
|
| انهيءَ سبب جو جهڙيءَ طرح والدين پنهنجن پيارن ٻارن کي سڌارڻ لاءِ سيکت ڏيندا آهن، تهڙيءَ طرح خداوند انهيءَ کي ئي سيکت ڏئي ٿو، جنهن سان هو پيار ڪري ٿو. |
|
| 13 |
|
| سڀاڳا آهن اهي ماڻهو جن کي ڏاهپ حاصل آهي ۽ جيڪي سمجھہ رکن ٿا. |
|
| 14 |
|
| ڏاهپ چانديءَ کان وڌيڪ قيمتي آهي، بلڪ انهيءَ مان سون کان بہ وڌيڪ نفعو حاصل ٿئي ٿو. |
|
| 15 |
|
| ڏاهپ هيرن جواهرن کان بہ وڌيڪ قيمتي آهي. اوهين جن بہ شين جي خواهش رکو ٿا، سي سڀ انهيءَ جي ڀيٽ ۾ ڪجھہ بہ نہ آهن. |
|
| 16 |
|
| ڏاهپ جي ساڄي هٿ ۾ ڊگھي ڄمار آهي ۽ کاٻي هٿ ۾ عزت ۽ دولت آهي. |
|
| 17 |
|
| ڏاهپ زندگيءَ ۾ خوشيون ٿي آڻي ۽ امن وَ سلامتيءَ جي راهہ ٿي ڏيکاري. |
|
| 18 |
|
| جيڪي ڏاهپ حاصل ڪن ٿا، تن لاءِ اها زندگي بخشيندڙ وڻ مثل آهي. هائو، ڏاهپ رکندڙ ماڻهو سڀاڳا آهن. |
|
| 19 |
|
| بيشڪ خداوند ڏاهپ سان ڌرتيءَ جي جوڙجڪ ڪئي، ۽ نهايت سمجھہ سان آسمان کي قائم ڪيائين. |
|
| 20 |
|
| هن جي ڏاهپ جي وسيلي زمين جي اونهاين وارو پاڻي نڪري نهرن جي صورت ۾ وهي ٿو، ۽ ڪڪر آسمان مان برسات ٿا وسائين. |
|
| 21 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! ڏاهپ ۽ سمجھہ تي پوريءَ طرح قائم رهو ۽ انهن کان پاڻ کي پري نہ ڪريو. |
|
| 22 |
|
| اهي اوهان کي هڪ ڊگھي ڄمار ۽ خوشحال زندگي بخشينديون. |
|
| 23 |
|
| بلڪ اوهين بيخوف وَ خطر پنهنجي راهہ تي هلندا رهندا ۽ ڪڏهن بہ ٺوڪر نہ کائيندا. |
|
| 24 |
|
| اوهين بنا ڪنهن ڳڻتيءَ جي ليٽي آرام ڪندا ۽ سڄي رات سمهي مٺي ننڊ ڪندا. |
|
| 25 |
|
| سو اوهان کي انهن اوچتين مصيبتن جو ڪوبہ فڪر ڪونہ هوندو، جيڪي بدڪارن تي طوفان جيان اچي ڪڙڪن ٿيون. |
|
| 26 |
|
| انهيءَ سبب جو خداوند اوهان جو سهارو بڻبو ۽ اوهان کي هر نقصان کان محفوظ رکندو. |
|
| 27 |
|
| جڏهن بہ ڪنهن کي اوهان جي مدد جي ضرورت پوي، تڏهن اوهين انهيءَ جي هرممڪن مدد ڪجو. |
|
| 28 |
|
| جيڪڏهن اوهين ڪنهن جي اڄ ئي مدد ڪري سگھو ٿا تہ انهيءَ کي ائين چئي نہ موٽايو تہ ”سڀاڻي اچجانءِ تہ آءٌ تنهنجي مدد ڪندس.“ |
|
| 29 |
|
| اوهين پنهنجي پاڙيسريءَ جي خلاف ڪوبہ منصوبو نہ جوڙجو، جڏهن تہ هو اوهان تي ڀروسو رکندي اوهان جي پاڙي ۾ رهي ٿو. |
|
| 30 |
|
| جيڪڏهن ڪنهن اوهان کي نقصان نہ پهچايو آهي تہ انهيءَ سان اوهين بنا سبب جھڳڙو نہ ڪجو. |
|
| 31 |
|
| زور زبردستي ڪندڙ ماڻهن تي اوهين ريس نہ ڪجو، نڪي انهن جي نقشِقدم تي هلڻ جي ڪوشش ڪجو، |
|
| 32 |
|
| ڇاڪاڻ تہ ڏنگي ماڻهوءَ کان خداوند کي نفرت آهي. پر سچارن کي هو پنهنجو گھاٽو دوست رکي ٿو. |
|
| 33 |
|
| بدڪارن جي گھرن تي خداوند جي لعنت ٿي وسي، پر سچارن جي گھرن تي هو پنهنجيون برڪتون نازل ٿو ڪري. |
|
| 34 |
|
| جيڪي ٻين کي حقير سمجھن ٿا تن کي خدا حقير ٿو بڻائي، پر نهٺن ماڻهن تي هو فضل ٿو ڪري. |
|
| 35 |
|
| ڏاهن ماڻهن کي عزت عطا ڪئي ويندي، جڏهن تہ بيوقوفن کي ذلت جو منهن ڏسڻو پوندو. |
|
|
|
|