|
| 1 |
|
| بادشاهہ لموايل جو ڪلام، جو ان جي ماءُ کيس سيکاريو: |
|
| 2 |
|
| اي منهنجا پٽ، اي منهنجي پيٽ جا پٽ، ۽ اي منهنجن مڃتائن جا پٽ. |
|
| 3 |
|
| پنهنجي طاقت زالن کي نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجا رستا انهي کي جو بادشاهن کي ناس ڪري ٿو. |
|
| 4 |
|
| اي لموايل، اهو بادشاهن جي لائق ناهي، تہ شراب پيئن ۽ نہ ائين چوڻ بادشاهن جي لائق آهي تہ شراب ڪٿي آهي؟ |
|
| 5 |
|
| تہ متان هو پيئن ۽ شريعت وساري ڇڏين، ۽ ڪنهن ڏکويل جي اُبتي عدالت ڪن. |
|
| 6 |
|
| نشي واري شيءِ انهيءَ کي پياريو جو مرڻ لاءِ تيار آهي، ۽ شراب انهيءَ کي پياريو جو شڪستہ دل وارو آهي. |
|
| 7 |
|
| ڀلي تہ اهو پيئي ۽ پنهنجي مفلسي وساري ۽ وري پنهنجي مصيبت ياد نہ ڪري. |
|
| 8 |
|
| پنهنجو وات گونگن جي لاءِ پٽ، ۽ انهن سڀني جي وڪالت ۾ جي نڌڻڪا ڇڏيا ويا آهن. |
|
| 9 |
|
| پنهنجو وات پٽ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪر، ۽ غريبن ۽ محتاجن جي عدالت ڪر. |
|
| 10 |
|
| نيڪ زال ڪير لهي سگهندو؟ ڇالاءِ جو ان جي قيمت لعلن کان بہ گهڻو مٿي آهي. |
|
| 11 |
|
| سندس مڙس جي دل جو منجهس گهڻو اعتبار آهي، ۽ انهيءَ کي فائدي جي ڪمي ڪانہ ٿيندي. |
|
| 12 |
|
| هوءَ پنهنجي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ هن سان چڱائي ٿي ڪري ۽ نہ بڇڙائي. |
|
| 13 |
|
| هوءَ اُن ۽ سڻي ٿي ڳولي، ۽ خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان ڪم ڪري ٿي. |
|
| 14 |
|
| هوءَ واپاري جهازن وانگي آهي: هو پنهنجو کاڌو پري کان ٿي آڻي. |
|
| 15 |
|
| اڃا رات پيئي آهي تہ هوءَ اُٿي ٿي، ۽ پنهنجي گهر جي ڀاتين کي کاڌو ڏئي ٿي، ۽ ٻانهين کي پنهنجو پنهنجو ڪم ٻڌائي ٿي. |
|
| 16 |
|
| هوءَ ڪنهن ٻنيءَ بابت ويچار ڪري اها خريد ڪري ٿي؛ پنهنجن هٿن جي ڪمائي مان هوءَ ڊاک جو منهہ بنائي ٿي. |
|
| 17 |
|
| هوءَ پنهنجي چيلهہ مضبوط ٻڌي ٿي، ۽ پنهنجون ٻانهون مضبوط ڪري ٿي. |
|
| 18 |
|
| هوءَ صحيح ڪري ٿي تہ سندس سوداگريءَ مان فائدو آهي؛ ۽ هن جو ڏيئو رات جو وسامي نٿو وڃي. |
|
| 19 |
|
| هوءَ پنهنجا هٿ ٽڪ تي رکي ٿي، ۽ چرخيءَ کي پنهنجن هٿن سان قابو ڪري جهلي ٿي. |
|
| 20 |
|
| هوءَ پنهنجو هٿ غريبن ڏي ڊگهيري ٿي: هائو هوءَ پنهنجا هٿ اڳي ڪري محتاجن کي ڏئي ٿي. |
|
| 21 |
|
| هوءَ پنهنجي گهر وارن لاءِ سخت سرديءَ کان نٿي ڊڄي؛ ڇالاءِ سندس گهر جا سڀ ڀاتي کهنبا ڪپڙا ڍڪين ٿا. |
|
| 22 |
|
| هوءَ پنهنجي لاءِ نقشدار غاليچا جوڙي ٿي؛ سندس ڪپڙا عمديءَ ڪتان جا ۽ واڱڻائي رنگ جا آهن. |
|
| 23 |
|
| سندس مڙس شهر جي دروازن تي سڃاتل آهي، جو هو اتي ملڪ جي بزرگن منجهہ ويهي ٿو. |
|
| 24 |
|
| هوءَ ڪتاني ڪپڙا جوڙي وڪڻي ٿي؛ ۽ سوداگر کي ڪمربند ڏئي ٿي. |
|
| 25 |
|
| طاقت ۽ عزت هن جي پوشاڪ آهن؛ ۽ هوءَ ايندڙ وقت تي کلي ٿي. |
|
| 26 |
|
| هوءَ ڏاهپ سان پنهنجو وات پٽي ٿي؛ ۽ مهربانيءَ جو قاعدو سندس زبان تي آهي. |
|
| 27 |
|
| هوءَ پنهنجي گهر ٻار جي رستن ڏي نهاري ٿي، ۽ سستيءَ جي ماني نٿي کائي. |
|
| 28 |
|
| سندس ٻار اُٿن ٿا ۽ کيس برڪت واري ٿا سڏين: سندس مڙس بہ سندس تعريف ڪري ٿو، ۽ چوي ٿو تہ: |
|
| 29 |
|
| گهڻين ئي ڌيئرن نيڪي جا ڪم ڪيا آهن، پر تون سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهين. |
|
| 30 |
|
| سونهن ٺڳيندڙ آهي ۽ خوبصورتي اجائي آهي؛ پر جيڪا زال خداوند کان ڊڄي ٿي سا ساراهي ويندي. |
|
| 31 |
|
| هن کي سندس هٿن جو ڦل ڏي؛ ۽ سندس ڪم ڀلي تہ شهر جي دروازن ۾ کيس ساراهين. |
|
|
|
|