|
| 1 |
|
| هي اهي اهم چوڻيون آهن، جيڪي بادشاهہ لموئيل کي سندس ماءُ چڱيءَ طرح سمجھايون. |
|
| 2 |
|
| اي منهنجا پٽ لموئيل! تون منهنجو سڪيلڌو پٽ آهين، ۽ باسون باسڻ کان پوءِ ڄائو آهين. هاڻي جيڪي ڪجھہ آءٌ تو کي چوان ٿي سو ڌيان ڏيئي ٻڌ. |
|
| 3 |
|
| تون عورتن جي پٺيان لڳي پنهنجي زندگي برباد نہ ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ رستي تي هلي ڪيترائي بادشاهہ ناس ٿي ويا آهن. |
|
| 4 |
|
| اي لموئيل! اهو بادشاهن جي شان وٽان ناهي تہ اهي شراب پيئن. هائو، نشيبازي حڪمرانن کي نہ ٿي جڳائي. |
|
| 5 |
|
| جڏهن اهي شراب پيئن ٿا تہ قاعدن قانونن کي وساري ٿا ڇڏين، ۽ پوءِ ڪنهن مظلوم سان ناانصافي ڪريو وجھن. |
|
| 6 |
|
| شراب ۽ نشي واريون شيون رڳو انهن لاءِ مناسب آهن، جيڪي مرڻ وارا آهن يا جيڪي پريشان حال آهن. |
|
| 7 |
|
| ڀلي تہ اهي پيئن تہ جيئن کين پنهنجي تڪليفن ۽ مصيبتن جو احساس نہ ٿئي. |
|
| 8 |
|
| تون لاچارن ۽ مسڪينن جو طرف کڻجانءِ، ۽ سندن حقن جي حفاظت ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ انهن جو بچائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي. |
|
| 9 |
|
| خاموش نہ رهجانءِ ۽ سچائيءَ سان انصاف ڪجانءِ، هائو، غريبن ۽ محتاجن جي حقن جو خاص خيال رکجانءِ. |
|
| 10 |
|
| ڪنهن قابل زال جو ملڻ ڪيڏو نہ مشڪل آهي! هائو، اها هيرن جواهرن کان بہ وڌيڪ املهہ آهي. |
|
| 11 |
|
| سندس مڙس جو مٿس پورو پورو اعتبار ٿئي ٿو، ۽ سندس مڙس جي ڪابہ گھرج باقي نہ ٿي رهي. |
|
| 12 |
|
| هوءَ هر وقت ساڻس چڱائي ٿي ڪري، مندائي هرگز نہ ٿي ڪري. |
|
| 13 |
|
| هوءَ اُن ۽ عمدي سڻيءَ جا ڪپڙا، خوشيءَ سان پنهنجي هٿن سان پاڻ ٺاهي ٿي. |
|
| 14 |
|
| جيئن واپاري جهاز پري پري کان سٺو سامان آڻيندا آهن، تيئن ئي هوءَ پنهنجي گھر لاءِ کاڌو خوراڪ آڻي ٿي. |
|
| 15 |
|
| هوءَ پرهہ ڦٽڻ کان اڳ ئي اُٿي کڙي ٿئي ٿي، تہ جيئن گھر جي ڀاتين لاءِ کاڌو تيار ڪري، ۽ ٻانهين کي پنهنجو پنهنجو ڪم ٻڌائي. |
|
| 16 |
|
| هوءَ سوچ ويچار ڪري ٻني خريد ڪري ٿي، ۽ پنهنجي هٿن جي ڪمائيءَ مان انگورن جو باغ لڳرائي ٿي. |
|
| 17 |
|
| هوءَ سخت محنت ڪندڙ، صحتمند ۽ جفاڪش ٿئي ٿي. |
|
| 18 |
|
| هوءَ ڄاڻي ٿي تہ جيڪا تجارت هوءَ ڪري ٿي سا ڪيتري قدر فائديمند آهي. رات جو دير تائين هوءَ پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهي ٿي. |
|
| 19 |
|
| هوءَ پنهنجي هٿن سان ڌاڳو ڪَتي ٿي، ۽ پنهنجي گھر لاءِ ڪپڙو اُڻي تيار ڪري ٿي. |
|
| 20 |
|
| هوءَ پنهنجو هٿ وڌائي غريبن ۽ محتاجن جي پوري پوري مدد ڪري ٿي. |
|
| 21 |
|
| هوءَ سخت سرديءَ کان بہ نہ ٿي گھٻرائي، ڇاڪاڻ تہ سندس گھر وارن کي گرم ڪپڙا پهريل رهن ٿا. |
|
| 22 |
|
| هوءَ پنهنجي گھر لاءِ رلهيون جوڙي ٿي، ۽ عمدي سڻيءَ ۽ واڱڻائي رنگ جا ڪپڙا پهريل رهي ٿي. |
|
| 23 |
|
| هن جو مڙس مقبول ۽ معزز اڳواڻ بڻجي ٿو وڃي. |
|
| 24 |
|
| هوءَ عمدي سڻيءَ جون چادرون ۽ ڪمربند ٺاهي ٿي، ۽ اهي واپارين کي وڪڻي ٿي. |
|
| 25 |
|
| هوءَ ڪردار جي مضبوط ۽ قابل احترام آهي، ۽ ايندڙ وقت لاءِ کيس ڪا ڳڻتي ڪانهي. |
|
| 26 |
|
| هوءَ ڏاهپ سان ڳالهائي ٿي ۽ سٺيون نصيحتون ڪري ٿي. |
|
| 27 |
|
| هوءَ پنهنجي ڪٽنب جي سٺي سار سنڀال ٿي ڪري، ۽ ڪڏهن بہ سُستي نہ ٿي ڪري. |
|
| 28 |
|
| هن جا ٻار سندس واکاڻ ٿا ڪن، ۽ سندس مڙس مٿس فخر ڪندي چويس ٿو تہ |
|
| 29 |
|
| ”گھڻيون ئي عورتون سٺيون زالون بہ آهن، پر تون سڀني کان گوءِ کڻي ويئي آهين.“ |
|
| 30 |
|
| سونهن ۽ مِٺو ڳالهائڻ بيبقا ۽ ٺڳيندڙ آهن، پر جيڪا عورت خداوند کان ڊڄي ٿي، تنهن جي تعريف ڪئي وڃي، |
|
| 31 |
|
| ۽ کيس سندس محنت جو اجر ڏنو وڃي. هوءَ هر ڪنهن جي نظر ۾ قابل احترام آهي. |
|
|
|
|