|
| 1 |
|
| اي منهنجا پٽ، پيءُ جي تعليم ٻڌو، ۽ سمجهہ حاصل ڪرڻ لاءِ ڌيان ڏيو: |
|
| 2 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي چڱي تعليم ٿو ڏيان؛ اوهين منهنجو قاعدو نہ ڇڏجو. |
|
| 3 |
|
| ڇالاءِ جو آءٌ بہ پنهنجي پيءُ جو هڪڙو پٽ هوس، ۽ پنهنجي ماءُ جي نظر ۾ نازڪ ۽ اڪيلو ئي اڪيلو پيارو هوس. |
|
| 4 |
|
| ۽ منهنجي پيءُ مون کي تعليم ڏني ۽ مون کي چيائين تہ، جيڪي آءٌ چوان ٿو سو پنهنجي دل تي ڄمائي ڇڏ: منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ: |
|
| 5 |
|
| ڏاهپ هٿ ڪر، سمجهہ هٿ ڪر؛ انهيءَ کي وسار نہ، نڪي منهنجي وات جي ڳالهين کان منهن موڙ. |
|
| 6 |
|
| ڏاهپ کي ڇڏي نہ ڏي، اُها توکي بچايو ايندي؛ انهيءَ کي پيار ڪر، جو اُها تنهنجي سنڀال ڪندي. |
|
| 7 |
|
| ڏاهپ مکيہ شيءِ آهي، تنهن ڪري ڏاهپ هٿ ڪر: جيڪي بہ ٻيو تو وٽ هجي تنهن هوندي بہ سمجهہ هٿ ڪر. |
|
| 8 |
|
| انهيءَ کي مانُ ڏي ۽ هوءَ توکي وڌائيندي: جڏهن تون انهيءَ کي ڀاڪر وجهندين تڏهن اها توکي عزت وارو ڪندي. |
|
| 9 |
|
| هوءَ تنهنجي مٿي کي زينت جو زيور بخشيندي: هوءَ توکي سونهن جو ڇٽ ڏيندي. |
|
| 10 |
|
| اي منهنجا پٽ ٻڌ، ۽ منهنجون چوڻيون قبول ڪر؛ تہ تنهنجي عمر جا ورهيہ گهڻا ٿين. |
|
| 11 |
|
| مون توکي ڏاهپ جي رستي جي تعليم ڏني آهي؛ مون تنهنجي سچائيءَ جي واٽن تي رهنمائي ڪئي آهي. |
|
| 12 |
|
| جڏهن تون هلندين تڏهن تنهنجا قدم تنگ نہ ٿيندا؛ ۽ جي تون ڊوڙندين تہ ٿاٻو نہ کائيندين. |
|
| 13 |
|
| تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي. |
|
| 14 |
|
| شريرن جي رستي ۾ نہ گِهڙ، ۽ خراب ماڻهن جي واٽ تي نہ هل. |
|
| 15 |
|
| انهيءَ کان گوشو ڪر، انهيءَ وٽان لنگهہ ئي نہ؛ انهيءَ کان ڦري اڳتي لنگهي وڃ. |
|
| 16 |
|
| ڇالاءِ جو حرڪت ڪرڻ کان سواءِ هو سمهن نٿا؛ ۽ جيستائين هو ڪنهن کي نٿا ڪيرائين تيستائين هنن کي ننڊ نٿي اچي. |
|
| 17 |
|
| ڇالاءِ جو هو شرارت جي ماني ٿا کائين؛ ۽ ظلم جو شراب ٿا پيئن. |
|
| 18 |
|
| پر سچن جي واٽ چمڪندڙ روشنائيءَ وانگر آهي، جا وڌيڪ چمڪندي چمڪندي ڪامل ڏينهن تائين پهچي ٿي. |
|
| 19 |
|
| شريرن جو رستو اونداهيءَ جهڙو آهي؛ هنن کي خبر نٿي پوي تہ ڇا تي ٿا آٿڙجن. |
|
| 20 |
|
| اي منهنجا پٽ، جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏي؛ منهنجين ڳالهين ڏانهن ڪن ڪر. |
|
| 21 |
|
| انهن کي پنهنجي نظر کان نڪري وڃڻ نہ ڏي؛ انهن کي پنهنجي دل ۾ سنڀاليو اچ. |
|
| 22 |
|
| ڇالاءِ جو جن کي اهي لڀن ٿيون تن جي لاءِ اُهي حياتي آهن، ۽ انهن جي سڄي جسم لاءِ تندرستي آهن. |
|
| 23 |
|
| ڏاڍي ڪوشش سان دل جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو حياتيءَ جا نتيجا انهيءَ مان ٿا نڪرن. |
|
| 24 |
|
| بيهودو وات پاڻ کان پري ڪر، ۽ ڏنگا چپ پاڻ کان پري اُڇلاءِ. |
|
| 25 |
|
| ڇڏ تہ تنهنجون اکيون سڌو اڳتي نهارين، ۽ تنهنجا ڇپر تنهنجي اڳيان سنئين نظر ڪن. |
|
| 26 |
|
| پنهنجن پيرن جي واٽ سنئين رک، پوءِ تنهنجا سڀ رستا قائم ٿي ويندا. |
|
| 27 |
|
| نڪي سڄي پاسي ڦر نڪي کٻي پاسي؛ پنهنجو پير بديءَ کان پري ڪر. |
|
|
|
|