|
| 1 |
|
| اي منهنجا پٽ، منهنجي ڏاهپ تي ڌيان ڏي؛ منهنجي سمجهہ ڏانهن ڪن ڪر: |
|
| 2 |
|
| تہ تون عقل قائم رکين، ۽ تنهنجا چپ علم جي سنڀال رکن. |
|
| 3 |
|
| ڇالاءِ جو ڌاريءَ زال جي چپن مان ماکي وهي ٿي، ۽ ان جو وات تيل کان وڌيڪ سڻڀو آهي. |
|
| 4 |
|
| پر ان جي پڇاڙي زهر جهڙي ڪَڙي، ۽ ٻہ منهين ترار جهڙي تکي آهي. |
|
| 5 |
|
| ان جا پير موت ۾ لاهين ٿا؛ ۽ ان جا قدم قبر تي وڃيو ٿا کپن؛ |
|
| 6 |
|
| جنهن ڪري هوءَ حياتيءَ جو سنئون رستو نٿي لهي: هن جون واٽون پڪيون نہ آهن، ۽ انهيءَ جي هن کي خبر ڪانہ ٿي پوي. |
|
| 7 |
|
| تنهن ڪري هاڻي، اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ٻڌو، ۽ منهنجي وات جي ڪلام کان ٻاهر نہ وڃو. |
|
| 8 |
|
| انهيءَ زال کان پنهنجو رستو پري ڪريو، ۽ ان جي گهر جي در کي ويجها نہ وڃو؛ |
|
| 9 |
|
| تہ متان پنهنجي عزت ٻين کي ڏيئي ڇڏيو، ۽ پنهنجا ورهيہ ظالمن کي: |
|
| 10 |
|
| متان ڌاريا ماڻهو اوهان جي طاقت تي ڀرجي وڃن؛ ۽ اوهان جا پورهيا ڪنهن اجنبيءَ جي گهر ۾ وڃن؛ |
|
| 11 |
|
| ۽ تون پنهنجي پڇاڙيءَ تي افسوس ڪرين، جڏهن تنهنجو ماس ۽ جسم فنا ٿي وڃن، |
|
| 12 |
|
| ۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛ |
|
| 13 |
|
| نڪي مون پنهنجن استادن جو چيو مڃيو آهي، ۽ نہ پنهنجي تعليم ڏيندڙن ڏانهن مون پنهنجو ڪن ڏنو! |
|
| 14 |
|
| آءٌ ذري گهٽ انهيءَ جماعت ۽ مجلس جي وچ ۾، هر قسم جي خرابيءَ ۾ وڃي پيس. |
|
| 15 |
|
| پاڻي خود پنهنجي چشمي مان پيءُ ۽ وهندڙ پاڻيءَ جو خود تنهنجي کوهہ مان ٿو نڪري، |
|
| 16 |
|
| تنهنجا چشما پري پکڙي وڃن ڇا، ۽ پاڻيءَ جون نديون گهٽين ۾ وهي وڃن ڇا؟ |
|
| 17 |
|
| ڀلي تہ اُهي رڳو تنهنجي لاءِ هجن ۽ نہ انهن ڌارين لاءِ جي تو سان آهن. |
|
| 18 |
|
| ڀلي تہ تنهنجو چشمو برڪت وارو هجي، ۽ تون پنهنجي جوانيءَ جي زال سان خوش رهہ. |
|
| 19 |
|
| پيار ڪندڙ هرڻي ۽ وڻندڙ ڦاڙهيءَ وانگر ڀلي تہ انهيءَ جا ٿڻ هر وقت توکي خوش رکن؛ تون هميشہ انهيءَ جي محبت ۾ مست رهہ. |
|
| 20 |
|
| اي منهنجا پٽ، ڇو تون پرائيءَ زال تي مست ٿو ٿين، ۽ ڌاريءَ زال جي سيني کي ڀاڪر ٿو وجهين؟ |
|
| 21 |
|
| ڇالاءِ جو ماڻهوءَ جا رستا خداوند جي اکين اڳيان آهن، ۽ هو انهيءَ جون سڀ واٽون سڌيون ٿو ڪري. |
|
| 22 |
|
| شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو. |
|
| 23 |
|
| هو تعليم نہ ملڻ ڪري مري ويندو؛ ۽ پنهنجي وڏيءَ بي عقليءَ جي ڪري هو گمراهہ ٿي ويندو. |
|
|
|
|