|
| 1 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڏاهپ وارين نصيحتن ڏانهن توجہ ڪريو ۽ ڌيان سان ٻڌو، |
|
| 2 |
|
| تہ جيئن مناسب هلت ڪرڻ بابت ڄاڻو ۽ اوهان جي ڳالهائڻ مان ظاهر ٿئي تہ اوهين ڄاڻ رکو ٿا. |
|
| 3 |
|
| غير عورت جي چپن ۾ ماکيءَ جهڙو مٺاس هوندو آهي ۽ سندس منهن تيل کان بہ وڌيڪ سڻڀو لڳندو آهي. پر اوهين ٻئي ماڻهوءَ جي زال جي ورغلائڻ ۾ نہ اچجو، |
|
| 4 |
|
| ڇاڪاڻ تہ انهيءَ جو انجام زهر جهڙو ڪؤڙو ۽ ٻِہمنهين تلوار جهڙو تکو آهي. |
|
| 5 |
|
| هن جا پير موت ڏانهن وٺيو وڃن. سو خبردار! سندس قدم اوهان کي بہ وڃي قبر تائين پهچائيندا. |
|
| 6 |
|
| هوءَ زندگيءَ ڏانهن ويندڙ رستو وڃائي ويٺي آهي، بلڪ گمراهہ ٿي ويئي آهي ۽ سمجھي نہ ٿي تہ ڇا ڪري رهي آهي. |
|
| 7 |
|
| تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. آءٌ جيڪي چوان ٿو تنهن تي دل وَ جان سان عمل ڪريو. |
|
| 8 |
|
| پرائي عورت کان پري رهو، انهيءَ جي گھر جي دروازي جي بہ ويجھو نہ وڃو. |
|
| 9 |
|
| متان اوهين پنهنجي نيڪ نامي وڃائي ويهو ۽ انهيءَ عورت جي مڙس هٿان جوانيءَ ۾ ئي بيرحميءَ سان قتل ڪيا وڃو. |
|
| 10 |
|
| متان ڌاريا ماڻهو اوهان جو مال ملڪيت ڦٻائي وڃن ۽ اوهان جي محنت وسيلي ڪيل ڪمائي ڪن ٻين ماڻهن جي هٿن ۾ هلي وڃي. |
|
| 11 |
|
| پوءِ جڏهن اوهين مرڻ وارا هوندا ۽ اوهان جو ماس ۽ جسم ڳري ويل هوندو، تڏهن اوهين پنهنجي پڇاڙيءَ تي افسوس ڪندا تہ |
|
| 12 |
|
| ”آہ! مون نصحيت کان نفرت ڪئي ۽ فهمائش کي حقير ڄاتو. |
|
| 13 |
|
| مون پنهنجي استادن جو چيو نہ مڃيو. هائو، پنهنجي انهن سکيا ڏيندڙن ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنم. |
|
| 14 |
|
| ايتري قدر جو هاڻي آءٌ سڄي لوڪ اڳيان خوار خراب ٿيو آهيان.“ |
|
| 15 |
|
| اوهان جي زال اوهان جي پنهنجي کوهہ مثل آهي. سو اوهين ساڻس وفادار ٿي رڳو انهيءَ کوهہ مان ئي پاڻي پيئو. |
|
| 16 |
|
| اوهين ڇو ٻين چشمن مان پاڻي پيئو جن جو پاڻي رستي جي ناليءَ ۾ وهي ٿو؟ |
|
| 17 |
|
| اوهين پنهنجو پاڻ کي رڳو پنهنجيءَ زال لاءِ ئي وقف ڪري ڇڏيو ۽ غير عورتن سان همبستري نہ ڪريو. |
|
| 18 |
|
| سو پنهنجي ئي چشمي مان پاڻي پي سرها ٿيو، يعني انهيءَ زال سان خوشيون ماڻيو جنهن سان اوهان پنهنجي جوانيءَ ۾ شادي رچائي هئي. |
|
| 19 |
|
| اها اوهان لاءِ بلڪل هرڻيءَ وانگر خوبصورت ۽ دلپسند آهي ۽ سندس بدن اوهان جي من کي موهيندڙ آهي. اوهين هميشہ انهيءَ جي ئي محبت ۾ مست رهو. |
|
| 20 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! اوهين ڪنهن ٻئي جي زال تي مست نہ ٿيو. هائو، جيڪا پنهنجي مڙس سان ئي وفادار ناهي تنهن کي ڀاڪر نہ وجھو. |
|
| 21 |
|
| ياد رکو، انسان جا رستا خدا کان ڳجھا نہ آهن. هو اوهان جي سڀني واٽن کي ڏسي ٿو. |
|
| 22 |
|
| بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا. |
|
| 23 |
|
| اهي پنهنجي وڏي بيعقليءَ جي ڪري گمراهہ ٿي ويندا. هائو، اهي نصيحت تي عمل نہ ڪرڻ ڪري مري ويندا. |
|
|
|
|