|
| 1 |
|
| اي منهنجا پٽ، جيڪڏهن تون پنهنجي پاڙيسريءَ جو ضامن پيو آهين، جيڪڏهن تو ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ لاءِ تاڙي هنئي آهي، |
|
| 2 |
|
| تہ تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري ڦاٿو آهين، تون پنهنجي وات جي ٻولين ڪري گرفتار ٿيو آهين. |
|
| 3 |
|
| اي منهنجا پٽ، هاڻي تون هيئن ڪر ۽ پاڻ کي بچاءِ، جڏهن تون ڏسين ٿو تہ پنهنجي پاڙيسريءَ جي چنبي ۾ آيو آهين؛ تڏهن وڃي نياز ڪر، ۽ پنهنجي پاڙيسريءَ کي منٿ آزي ڪر. |
|
| 4 |
|
| پنهنجين اکين کي ننڊ نہ ڏي، ۽ نہ پنهنجن ڇپرن کي بند ٿيڻ ڏي. |
|
| 5 |
|
| پاڻ کي ائين ڇڏاءِ جيئن ڪا هرڻي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان ڇڏائي، ۽ جيئن ڪو پکي ماريءَ جي هٿان. |
|
| 6 |
|
| اي سست، تون ماڪوڙيءَ وٽ وڃ؛ هن جي رستن تي ويچار ڪر، ۽ ڏاهو ٿيءُ: |
|
| 7 |
|
| جنهن کي اگرچہ ڪو سردار، يا نگهبان يا حاڪم ڪونهي. |
|
| 8 |
|
| تہ بہ پنهنجي لاءِ آرڙهہ ۾ کاڌو موجود ڪري ٿي، ۽ فصل لهڻ جي وقت پنهنجي خوراڪ گڏ ڪري ٿي. |
|
| 9 |
|
| اڙي سست، تون ڪيترو سمهندين؟ ڪڏهن تون پنهنجي ننڊ مان اُٿندين؟ |
|
| 10 |
|
| اڃا بہ ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي، سمهڻ لاءِ ٿورو ٻانهون سوڙهيون ڪرڻ: |
|
| 11 |
|
| ائين ڪرڻ سان تنهنجي غريبي چور وانگر ايندي، ۽ تنهنجي محتاجي هٿيار ٻڌل ماڻهوءَ وانگر ايندي. |
|
| 12 |
|
| نڪمو آدمي، بدڪار ماڻهو؛ هو بيهودي وات سان هلي ٿو؛ |
|
| 13 |
|
| هو اکيون ڀڃي ٿو، ۽ هو پنهنجن پيرن سان ڳالهائي ٿو، هو پنهنجين آڱرين سان اشارا ڏئي ٿو. |
|
| 14 |
|
| بيهودگي هنن جي دل ۾ آهي، هو هميشہ خراب رِٿون پيو ڪري؛ هو فتنو فساد پيو پوکي. |
|
| 15 |
|
| تنهن ڪري هن جي آفت اوچتي ايندي؛ اوچتو ئي اوچتو هو ڀڄي ڀري ويندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس. |
|
| 16 |
|
| ڇهہ شيون آهن جن کي خداوند ڌڪاري ٿو؛ هائو ست آهن، جن کان هن کي نفرت ٿي اچي. |
|
| 17 |
|
| مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، ۽ بي گناهہ رت وهائيندڙ هٿ؛ |
|
| 18 |
|
| خراب خيالي رٿون رٿيندڙ دل، خرابيءَ ڏانهن تکا ڊوڙندڙ پير؛ |
|
| 19 |
|
| ڪوڙ ڳالهائيندڙ ڪُساکي شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جهيڙو وجهندڙ ماڻهو. |
|
| 20 |
|
| اي منهنجا پٽ، پنهنجي پيءُ جي حڪمن جي سنڀال رک، ۽ پنهنجي ماءُ جو قاعدو ڇڏي نہ ڏي. |
|
| 21 |
|
| انهن کي هميشہ پنهنجيءَ دل تي ٻڌي ڇڏ، ۽ پنهنجي ڳچيءَ جي چوڌاري ڳنڍ ڏيئي ڇڏين. |
|
| 22 |
|
| جڏهن هلندين تڏهن اُهو تنهنجي هدايت ڪندو؛ جڏهن تون سمهندين تڏهن اُهو تنهنجي مٿان پهرو ڏيندو؛ ۽ جڏهن تون جاڳندين تڏهن اهو تو سان ڳالهائيندو. |
|
| 23 |
|
| ڇالاءِ جو حڪم هڪڙو ڏيئو آهي؛ ۽ قاعدو نور آهي؛ ۽ تعليم جون فهمائشون حياتيءَ جو رستو آهن: |
|
| 24 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ توکي خراب زال کان، ۽ ڌارين جي خوشامد کان بچائين. |
|
| 25 |
|
| انهيءَ جي سونهن جي پٺيان پنهنجي دل ۾ خواهش نہ رک؛ ۽ نہ هن کي ڇڏ تہ توکي پنهنجين اکين جي ڇپرن سان گرفتار ڪري. |
|
| 26 |
|
| ڇالاءِ جو هڪڙي ڪسبياڻيءَ زال جي ڪري ماڻهو لهي اچي مانيءَ جي ٽڪر تي ٿو بيهي: ۽ زناڪار زال قيمتي حياتيءَ جو شڪار ٿي ڪري. |
|
| 27 |
|
| ماڻهو ڪو باهہ پنهنجي سيني ۾ کڻي سگهندو ڇا، ۽ سندس ڪپڙا نہ سڙندا؟ |
|
| 28 |
|
| يا ڪو ٻرندڙ ٽانڊن تي هلندو ڇا، ۽ سندس پير نہ سڙندا؟ |
|
| 29 |
|
| ساڳيءَ طرح جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال سان صحبت ڪري ٿو؛ جيڪو اُن کي هٿ لائي ٿو، سو سزا جي لائق ٿيندو. |
|
| 30 |
|
| جيڪو چور بک جي ڪري پنهنجي روح کي راضي رکڻ لاءِ چوري ٿو ڪري، تہ ماڻهو انهيءَ کي ڌڪارين نٿا: |
|
| 31 |
|
| پر جي هو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو؛ هو پنهنجي گهر جو سمورو مال ڏيندو. |
|
| 32 |
|
| جيڪو ڪنهن زال سان زنا ڪري ٿو سو سمجهہ کان خالي آهي؛ جيڪو اهو ڪندو سو پنهنجي جان ناس ڪندو. |
|
| 33 |
|
| هن کي زخم رسندا ۽ بي عزت ٿيندو؛ ۽ هن جي خواري گم ٿي نہ ويندي. |
|
| 34 |
|
| ڇالاءِ جو غيرت ماڻهوءَ جو جوش آهي؛ ۽ وير وٺڻ واري ڏينهن هو ڪوبہ قياس نہ ڪندو. |
|
| 35 |
|
| هو ڪنهن بہ عيوضي تي ڌيان نہ ڏيندو؛ جيتوڻيڪ تون هن کي گهڻيون سوکڙيون ڏيندين تہ بہ هو راضي نہ رهندو. |
|
|
|
|