|
| 1 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! فرض ڪريو تہ اوهين ڪنهن اهڙي قرضدار جا ضامن پيا آهيو، جيڪو قرض واپس نہ ٿو ڪري سگھي. |
|
| 2 |
|
| تڏهن اوهين پنهنجي ڳالهين ۾ ئي ڦاٿل آهيو. هائو، اوهين پنهنجي ڪيل واعدي جا پابند آهيو. |
|
| 3 |
|
| سو اي منهنجا ٻارؤ! جيئن تہ اوهين انهيءَ ماڻهوءَ جي چنبي ۾ اچي ويا آهيو، تنهنڪري هاڻي هيئن ڪري پنهنجو پاڻ کي بچايو جو هڪدم وڃي نياز نِوڙت ڪندي انهيءَ ماڻهوءَ کان پنهنجي جان آجي ڪرايو. |
|
| 4 |
|
| اوهين سمهڻ ۽ ننڊ ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي اهو سڀ ڪجھہ هڪدم ڪريو. |
|
| 5 |
|
| هائو، پاڻ کي انهيءَ قرض جي واعدي کان ائين بچائي وٺو، جيئن ڪا هرڻي يا ڪو پکي پاڻ کي شڪاريءَ جي هٿان بچائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. |
|
| 6 |
|
| اوهان مان جيڪي سُست ۽ ڪاهل آهن سي ڪِولين کي جاچي ڏسن ۽ انهن جي زندگي گھارڻ جي طريقن مان وڃي سبق سکن. |
|
| 7 |
|
| انهن ڪِولين کي جيتوڻيڪ نہ ڪو سردار آهي ۽ نہ وري ڪو اڳواڻ يا ڪو حڪمران. |
|
| 8 |
|
| تنهن هوندي بہ اهي اونهاري ۾ لاباري جي مند ۾ سياري لاءِ پنهنجو کاڌو گڏ ڪري ٿيون رکن. |
|
| 9 |
|
| اڙي اي سُست وَ ڪاهلؤ! اوهين ڪيستائين ستا پيا هوندا؟ اوهين ڪڏهن پنهنجي ننڊ مان اٿندا؟ |
|
| 10 |
|
| اڃا بہ چئو ٿا تہ ”ٿوري ننڊ، ٿوري پنڪي هڻي وٺون. ٻانهون سوڙهيون ڪري ٿورو آرام ڪري وٺون.“ |
|
| 11 |
|
| پر ياد رکو، اوهين ننڊ ۾ ئي هوندا تہ غريبي اوهان تي ڪنهن رهزن وانگر اچي ڪڙڪندي. هائو، مفلسي اوهان تي ڪنهن هٿياربند ڌاڙيل جيان اچي حملو ڪندي. |
|
| 12 |
|
| خبيث ۽ بدڪار ماڻهو هر هنڌ ڪوڙ ڳالهائيندا ٿا وتن. |
|
| 13 |
|
| اهي ٻين کي ٺڳڻ لاءِ اکيون ٿا ڀڃن ۽ هٿن ۽ پيرن سان اشارا ٿا ڪن. |
|
| 14 |
|
| اهي سدائين ظلم ۽ بڇڙائيءَ جون ڳالهيون سوچيندا ٿا رهن ۽ هر هنڌ فتنو فساد برپا ٿا ڪن. |
|
| 15 |
|
| انهيءَ ڪري اوچتو ئي اوچتو مٿن آفت اچي ڪڙڪندي ۽ اهي ڀڄي ڀُري ويندا. سندن زخم لاعلاج هوندا. |
|
| 16 |
|
| ماڻهن جا ڇهہ بلڪ ست اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم آهن جن کان خداوند کي نفرت آهي: |
|
| 17 |
|
| مغرور اکيون، ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان، بيگناهن جو رت وهائيندڙ هٿ، |
|
| 18 |
|
| بڇڙائيءَ واريون رٿون رٿيندڙ دل، بدڪاري ڪرڻ واسطي تکا ڊوڙندڙ پير، |
|
| 19 |
|
| ڪوڙ مٿان ڪوڙ ڳالهائيندڙ شاهد، ۽ ڀائرن ۾ جھيڙو وجھندڙ ماڻهو. |
|
| 20 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! پنهنجي پيءُ جا حڪم بجا آڻيو ۽ پنهنجي ماءُ جي ڏنل تربيت کي ڪڏهن نہ وساريو. |
|
| 21 |
|
| سندن ڳالهين کي هميشہ پنهنجيءَ دل ۾ سانڍي رکو ۽ انهن کي پنهنجي ڳلي جو هار بڻائي ڇڏيو. |
|
| 22 |
|
| جيڏانهن اوهين ويندا تہ انهن جون نصيحتون اوهان جي رهنمائي ڪنديون، جڏهن اوهين سمهندا تہ اهي اوهان جي نگهباني ڪنديون ۽ ڏينهن جو جڏهن اوهين جاڳيل هوندا تہ اهي اوهان کي سهڻيون صلاحون ڏينديون. |
|
| 23 |
|
| انهن جي هدايت ۽ تربيت هڪڙي ڏيئي مثل آهي جيڪا اونداهيءَ ۾ چمڪندڙ روشني ڏئي ٿي. سندن نصيحت اوهان کي زندگي گذارڻ جو طريقو ٿي سيکاري. |
|
| 24 |
|
| سندن هدايتون اوهان کي بدڪار عورتن کان پري ٿيون رکن. هائو، غير عورتن جي هرکائيندڙ ڳالهين کان اهي اوهان کي محفوظ ٿيون رکن |
|
| 25 |
|
| تہ جيئن اوهين اهڙين عورتن جي حسن تي موهت نہ ٿي پئو. هائو، اوهين انهن جي نيڻن جا اسير نہ بڻجي وڃو. |
|
| 26 |
|
| ياد رکو، ڪسبياڻين جي چڪر ۾ اچي ماڻهو مانيءَ جي ٽڪر جو محتاج بڻجيو پوي، جڏهن تہ ٻين ماڻهن جي زالن سان زناڪاري قيمتي حياتيون ڳڙڪايو ڇڏي. |
|
| 27 |
|
| جيڪڏهن ڪو پنهنجيءَ جھول ۾ ٻرندڙ ٽانڊا کڻندو، تہ ڇا انهيءَ جا ڪپڙا نہ سڙندا؟ |
|
| 28 |
|
| جيڪڏهن ڪو ٻرندڙ ٽانڊن تي هلندو، تہ ڇا انهيءَ جا پير نہ سڙندا؟ |
|
| 29 |
|
| ساڳيءَ طرح جيڪو ڪنهن ٻئي جي زال سان صحبت ٿو ڪري، ڇا اهو سزا کان بچندو؟ |
|
| 30 |
|
| ماڻهو انهيءَ چور کي نہ ٿا ڌڪارين، جيڪو بکئي پيٽ کي ڀرڻ لاءِ ڪا شيءِ چورائي ٿو. |
|
| 31 |
|
| تنهن هوندي بہ جيڪڏهن اهو هٿ اچي ويندو تہ هو ستوڻو مال ڀري ڏيندو. هائو، جيڪو ڪجھہ وٽس هوندو سو کيس ڏيڻو پوندو. |
|
| 32 |
|
| پر جيڪو ڪنهن غير عورت سان زناڪاري ٿو ڪري، سو بنا ڪنهن سبب جي رڳو پنهنجي بيعقليءَ سان پنهنجو پاڻ کي تباهہ ٿو ڪري. |
|
| 33 |
|
| انهيءَ کي زخم رسندا ۽ ذلت جو منهن ڏسڻو پوندس. هائو، اهو هميشہ لاءِ خوار خراب ٿيندو. |
|
| 34 |
|
| انهيءَ سبب جو مڙس کي جڏهن غيرت ايندي آهي، تڏهن هو غضبناڪ ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ سندس انتقام جي ڪا حد نہ هوندي آهي. |
|
| 35 |
|
| ان وقت هو ڪنهن بہ عيوضي تي ڌيان نہ ڏيندو، جيتوڻيڪ هن کي ڪجھہ بہ آڇيو وڃي، تڏهن بہ هو راضي نہ ٿيندو. |
|
|
|
|