|
| 1 |
|
| اي منهنجا پٽ، منهنجين ڳالهين جي سنڀال ڪج، ۽ منهنجا حڪم پاڻ وٽ سانڍي رکج. |
|
| 2 |
|
| منهنجن حڪمن جي سنڀال ڪر ۽ جيئندو رهہ؛ ۽ منهنجي قاعدي کي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر سنڀال. |
|
| 3 |
|
| انهن کي پنهنجين آڱرين تي ٻڌي ڇڏ؛ انهن کي پنهنجي دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏ. |
|
| 4 |
|
| ڏاهپ کي چئُہ تہ تون منهنجي ڀيڻ آهين؛ ۽ سمجهہ کي پنهنجي مائٽياڻي سڏ: |
|
| 5 |
|
| تہ اُهي توکي ڌارين زالن کان بچائين، اها ڌاري زال جا پنهنجي ٻولن سان تنهنجي خوشامد ڪري ٿي. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو پنهنجي گهر جي دريءَ مان، مون ڳڙکين مان ٻاهر نهاريو؛ |
|
| 7 |
|
| ۽ مون ڀورڙن ماڻهن منجهہ ڏٺو ۽ جوانن منجهہ بہ ڏٺم، ۽ هڪڙو بي سمجهہ جوان سهي ڪيم، |
|
| 8 |
|
| جو گهٽيءَ مان هن جي ڪنڊ جي ڀرسان لنگهيو ٿي ويو، ۽ هو اُهو رستو ڏيئي انهيءَ جي گهر ۾ ويو؛ |
|
| 9 |
|
| ڏينهن لهڻ مهل شام جو شفق ۾، رات جي ڪارنهن ۽ اونداهيءَ ۾، |
|
| 10 |
|
| ۽ ڏس، هن کي هڪڙي زال گڏي، جنهن کي ڪڃريءَ جهڙي پوشاڪ پيئي هئي ۽ دل جي مڪار هئي. |
|
| 11 |
|
| هوءَ بڪ بڪ ڪندڙ ۽ خود خيال آهي؛ هن جا پير پنهنجي گهر ۾ نٿا ٽڪن: |
|
| 12 |
|
| ڪڏهن هوءَ گهٽين ۾ آهي، ڪڏهن ڪشادن ميدانن ۾، ۽ سڀ ڪنهن ڪنڊ تي ڇپ هڻي ويهي ٿي. |
|
| 13 |
|
| ائين هن زال انهيءَ ماڻهوءَ کي پڪڙي چُمي ڏني، ۽ بي حيا منهن سان هن کي چوڻ لڳي: |
|
| 14 |
|
| تہ سلامتيءَ جي نذرانن جون قربانيون مون سان آهن؛ اڄوڪي ڏينهن مون پنهنجون مڃتائون پوريون ڪيون آهن. |
|
| 15 |
|
| تنهن ڪري آءٌ توکي گڏجڻ لاءِ نڪري آئي آهيان، ڏاڍيءَ ڪوشش سان تنهنجي منهن جي تلاش پئي ڪيم ۽ هاڻ مون توکي لڌو آهي. |
|
| 16 |
|
| مون پنهنجي پلنگ تي نقشدار غاليچا، ۽ مصر جا سوٽي پٽاپٽي ڪپڙا وڇايا آهن. |
|
| 17 |
|
| مون پنهنجي هنڌ کي مر ۽ عود ۽ دالچينيءَ سان خوشبوءِ دار ڪيو آهي. |
|
| 18 |
|
| اچ تہ هلي صبح تائين پيٽ ڀري پاڻ ۾ محبت ونڊيون؛ پاڻ کي پيار سان تسلي ڏيون. |
|
| 19 |
|
| ڇالاءِ جو منهنجو مڙس گهر ڪونهي؛ پر وڏي پنڌ جي سفر تي ويو آهي: |
|
| 20 |
|
| هو پاڻ سان ناڻي جي ڳوٿري کڻي ويو آهي؛ هو ڀرئي چنڊ گهر ايندو. |
|
| 21 |
|
| ڏاڍيءَ مٺيءَ ٻوليءَ سان هوءَ هن کي قبول ڪرائي ٿي، ۽ پنهنجن چپن جي چاپلوسيءَ سان هن کي زور ڪري وٺي وڃي ٿي. |
|
| 22 |
|
| هو سڌو هن جي پٺيان هليو وڃي ٿو، جيئن ڪو ڏاند ڪوس تي وڃي يا جيئن زنجيرن ۾ بي عقل سزا لاءِ وڃن؛ |
|
| 23 |
|
| تان جو هڪڙو تير هن جي جگر مان لنگهي وڃي ٿو؛ جيئن ڪو پکي ڊوڙي وڃي دام ۾ پوي، ۽ خبر نہ پويس تہ اهو سندس ساهہ لاءِ آهي. |
|
| 24 |
|
| تنهن ڪري هاڻي اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ٻڌو ۽ جيڪي لفظ منهنجي واتان نڪرن ٿا تن تي ڌيان ڏيو. |
|
| 25 |
|
| پنهنجي دل کي هن جي رستن ڏي ڦرڻ متان ڏين، گمراهہ ٿي هن جي واٽن ۾ متان وڃين. |
|
| 26 |
|
| ڇالاءِ جو هن گهڻن کي ڦٽي اُڇلائي ڇڏيو آهي: هائو جن سڀني کي هن ڪهي ڇڏيو آهي سي هڪڙو وڏو لشڪر آهن. |
|
| 27 |
|
| هن جو گهر قبر ۾ وڃڻ جو رستو آهي، جو لهي موت جي ڪوٺين ڏانهن ٿو وڃي. |
|
|
|
|