|
| 1 |
|
| اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهين تي پوريءَ طرح توجہ ڏيو، ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ اوهان کي ڪرڻ لاءِ چوان سو نہ وسارجو. |
|
| 2 |
|
| منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا رهندا تہ اوهين ڊگھي ڄمار ماڻيندا. منهنجي نصيحتن جي پنهنجي اک جي ماڻڪيءَ وانگر بيحد حفاظت ڪريو. |
|
| 3 |
|
| انهن کي هر وقت پاڻ وٽ سانڍي رکو، بلڪ پنهنجيءَ دل جي تختيءَ تي لکي ڇڏيو. |
|
| 4 |
|
| ڏاهپ کي پنهنجي ڀيڻ جيان سمجھو ۽ سمجھہ کي پنهنجو بهترين دوست ڪري ڄاڻو |
|
| 5 |
|
| تہ جيئن اهي اوهان کي انهن پراين زالن کان بچائين، جيڪي ڌتارڻ واريون ڳالهيون ڪنديون آهن. |
|
| 6 |
|
| هڪڙي دفعي جڏهن آءٌ پنهنجي گھر جي ڄاريءَ واري دريءَ مان ٻاهر نهاري رهيو هئس، |
|
| 7 |
|
| تہ مون ڪجھہ بيسمجھہ نوجوانن کي رستي سان ويندي ڏٺو. پر انهن ۾ هڪڙو جيڪو تمام بيوقوف ٿي لڳو، |
|
| 8 |
|
| سو ڪنڊ جي ويجھو واري اها گھٽي وٺي هليو، جنهن ۾ هڪ عورت رهندي هئي. هو انهيءَ جي گھر جي ڀرسان وڃي لنگھيو. |
|
| 9 |
|
| انهيءَ وقت سج لهي چڪو هو ۽ اونداهيءَ رات جي ڪارنهن پنهنجا پر پکيڙي رهي هئي. |
|
| 10 |
|
| ڇا ڏسان تہ اها عورت اچي ساڻس گڏي، جنهن کي ڪسبياڻين وارو لباس پهريل هو ۽ دل جي مڪار ٿي لڳي. |
|
| 11 |
|
| هوءَ اهڙين عورتن مان ٿي لڳي، جيڪي گستاخ ۽ بيشرم ٿين ٿيون ۽ جن جا پير گھر اندر نہ ٽِڪندا هجن. |
|
| 12 |
|
| اهي گھٽين، چوراهن ۽ بازارن ۾ رلنديون وتنديون آهن، تانتہ ڪنهن مرد کي ڦاسائين. |
|
| 13 |
|
| مون ڏٺو تہ انهيءَ عورت ٻانهون وڌائي نوجوان کي ڀاڪر وڌو ۽ چميون ڏيڻ لڳس، ڄڻ تہ اڳي ئي کيس ڄاڻيندي هئي. پوءِ بيحيائيءَ سان اکيون اکين ۾ اڙائي چوڻ لڳس تہ |
|
| 14 |
|
| ”جيئن تہ اڄ مون پنهنجيون باسيل سلامتيءَ واريون قربانيون ڪيون هيون، سو قربانين جو گوشت مون تنهنجي دعوت لاءِ رکيو آهي. |
|
| 15 |
|
| تنهنڪري ئي آءٌ تو سان ملڻ لاءِ ٻاهر نڪتي آهيان. مون تو کي دل سان پئي ساريو، ۽ ڏس، تون مون وٽ اچي وئين! |
|
| 16 |
|
| مون پنهنجي پلنگ تي مصر جون ٺهيل نقشدار چادرون وڇايون آهن. |
|
| 17 |
|
| مون پنهنجي بستري کي مُر، عود ۽ دالچينيءَ جي خوشبوءِ سان معطر ڪري ڇڏيو آهي. |
|
| 18 |
|
| هل تہ هلي ان تي سڄي رات دل کولي محبت ونڊيون ۽ پيار ڀرين ڳالهين سان دل وندرايون. |
|
| 19 |
|
| منهنجو مڙس گھر ۾ ڪونهي، بلڪ ڏورانهين سفر تي روانو ٿي ويو آهي. |
|
| 20 |
|
| هو پاڻ سان جھجھا پئسا کڻي ويو آهي ۽ پندرهن ڏينهن کان اڳي گھر ڪونہ موٽندو.“ |
|
| 21 |
|
| مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري هن کيس موهي وڌو ۽ پنهنجي چاپلوسيءَ وارين ڳالهين سان کيس ڌتاري ورتائين. |
|
| 22 |
|
| سو هو هڪدم ائين سندس پٺيان لڳي پيو، جيئن ڪو ڪنڌ جھڪايل ڏاند ڪسجڻ لاءِ نيو ويندو آهي، يا جيئن ڪو هرڻ ڦندي ۾ ڦاسجڻ لاءِ ويندو آهي، |
|
| 23 |
|
| تان جو هڪڙو تير سندس جگر مان پار ٿي وڃي ٿو. هائو، اهو بيوقوف نوجوان بلڪل اهڙي پکيءَ وانگر آهي جيڪو اڏامندي سڌو وڃي دام ۾ ڦاسي ٿو، کيس ڪا خبر ئي نہ آهي تہ سندس جان کسجي ويندي. |
|
| 24 |
|
| تنهنڪري هاڻي اي منهنجا ٻارؤ! منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪي آءٌ چوان ٿو تنهن تي ڌيان ڏيو. |
|
| 25 |
|
| اهڙين عورتن جي رستي ڏانهن مائل نہ ٿجو، نڪي انهن جي پٺيان لڳي پاڻ کي گمراهہ ڪجو، |
|
| 26 |
|
| ڇاڪاڻ تہ اهڙين عورتن گھڻن ئي کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. هائو، اهي بيشمار ماڻهن جي قتل جو سبب بڻيون آهن. |
|
| 27 |
|
| بيشڪ اهڙيءَ عورت جو گھر سڌو قبر ۾ وڃڻ جو رستو آهي. هائو، اهڙو رستو جيڪو سنئون سڌو هيٺ مئلن جي دنيا ۾ وڃي ٿو پهچائي. |
|
|
|
|