|
| 1 |
|
| ڏاهپ رڙيون نٿي ڪري ڇا، ۽ سمجهہ وڏي سڏ نٿي پڪاري ڇا؟ |
|
| 2 |
|
| رستي جي ڀرسان مٿانهين جاين تي، جتي واٽون اچيو ٿيون گڏ ٿين، اتي هوءَ بيهي ٿي؛ |
|
| 3 |
|
| شهر جي لنگهہ تي دروازن جي ڀرسان، جتان ماڻهو درن مان لنگهي اندر اچن ٿا، اُتي هوءَ وڏي سڏ پڪاري ٿي: |
|
| 4 |
|
| تہ اي انسان، اوهان کي آءٌ سڏيان ٿي، ۽ منهنجو آواز بني انسان لاءِ آهي. |
|
| 5 |
|
| اڙي ڀورڙا، اوهين هوشياري پروڙيو؛ ۽ اڙي بيوقوف، اوهين سمجهو دل وارا ٿيو. |
|
| 6 |
|
| ٻڌو جو آءٌ تمام عمديون ڳالهيون ٻڌائينديس؛ ۽ منهنجن چپن جي کلڻ سان سچيون ڳالهيون نڪرن ٿيون. |
|
| 7 |
|
| ڇالاءِ جو منهنجو وات سچ ڳالهائيندو، ۽ شرارت منهنجي چپن جي لاءِ نفرت جهڙي شيءِ آهي. |
|
| 8 |
|
| منهنجي وات جون سڀ ڳالهيون سچائيءَ واريون آهن؛ ۽ انهن ۾ ڪوبہ ڏنگ يا ڏانوَ ڪونهي. |
|
| 9 |
|
| جيڪو سمجهي ٿو تنهنجي لاءِ اُهي سڀ صاف آهن، ۽ جن کي علم حاصل آهي تن جي لاءِ اهي سچيون آهن. |
|
| 10 |
|
| منهنجي تعليم وٺو ۽ نہ چاندي؛ ۽ خالص سون کي ڇڏي بہ علم وٺو. |
|
| 11 |
|
| ڇالاءِ جو ڏاهپ لعلن کان بهتر آهي؛ ۽ اُهي سڀ شيون جي خواهش ڪرڻ جهڙيون آهن، سي انهيءَ سان مقابلي ڪرڻ جون نہ آهن. |
|
| 12 |
|
| مون ڏاهپ، هوشياريءَ کي پنهنجو گهر ڪيو آهي، ۽ آءٌ علم ۽ سياڻپ کي ڳولي لهان ٿي. |
|
| 13 |
|
| خدا جو خوف بديءَ کي ڌڪارڻ ۾ آهي: مغروريءَ، هٺ، ۽ بڇڙي واٽ، ۽ بيهودي وات کي آءٌ ڌڪاريان ٿي. |
|
| 14 |
|
| مصلحت ۽ پوري ڄاڻپ منهنجي آهي؛ آءٌ سمجهہ آهيان؛ مون کي طاقت آهي. |
|
| 15 |
|
| منهنجي وسيلي بادشاهہ راڄ ٿا ڪن، ۽ حاڪم انصاف جو فيصلو ٿا ڪن. |
|
| 16 |
|
| منهنجي وسيلي حاڪم ۽ امير، بلڪ زمين جا سڀ منصف حڪم ٿا هلائين. |
|
| 17 |
|
| جيڪي مون کي پيار ڪن ٿا تن کي آءٌ بہ پيار ڪريان ٿي، ۽ جيڪي مون کي محنت ڪري ڳولين ٿا سي مون کي لهندا. |
|
| 18 |
|
| دولت ۽ عزت مون وٽ آهي، هائو بقا ڪندڙ دولت ۽ سچائي. |
|
| 19 |
|
| منهنجو ميوو سون کان، هائو عمدي سون کان بهتر آهي؛ ۽ منهنجي پيدائش عمديءَ چانديءَ کان بهتر آهي. |
|
| 20 |
|
| آءٌ سچائيءَ جي رستي تي، ۽ عدالت جي واٽن جي وچان هلان ٿي: |
|
| 21 |
|
| انهيءَ لاءِ تہ جيڪي مون سان محبت رکن ٿا تن کي مال ملڪيت ورثي ۾ ڏيان، ۽ انهن جا خزانا ڀريان. |
|
| 22 |
|
| خداوند عالم جي شروعات ۾، قديم وقت ۾ پنهنجن ڪمن کان اڳي مون کي ٿي رکيو. |
|
| 23 |
|
| آءٌ ازل کان، شروعات کان وٺي، ۽ زمين جي پيدا ٿيڻ کان اڳي، مقرر ڪئي ويئي هيس. |
|
| 24 |
|
| جڏهن اڃا وڏا سمنڊ ڪين هئا تڏهن آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس؛ جڏهن اڃا چشما پاڻيءَ سان ڀريل نہ هئا. |
|
| 25 |
|
| جبلن جي قائم ٿيڻ کان اڳي، ۽ ٽڪرن کان اڳي آءٌ پيدا ڪئي ويئي هيس: |
|
| 26 |
|
| جڏهن اڃا نہ زمين جوڙي ويئي هئي، نہ ميدان، ۽ نہ دنيا جي شروعات واري مٽي. |
|
| 27 |
|
| جڏهن هن آسمان بنايا تڏهن آءٌ اُتي هيس: جڏهن هن سمنڊ جي سطح تي گهيرو ڪيو: |
|
| 28 |
|
| جڏهن مٿي هن آسمانن کي مضبوط ڪيو: جڏهن اونهائيءَ جا چشما مضبوط ٿيا: |
|
| 29 |
|
| جڏهن هن سمنڊ جي حد ٺهرائي، تہ پاڻي هن جي حڪم کان ٻاهر نہ وڃي: جڏهن هن زمين جي بنياد جو نشان ڪڍيو: |
|
| 30 |
|
| تڏهن آءٌ استاد ڪاريگر وانگر ساڻس هيس: ۽ ڏهاڙي هو مون مان خوش ٿيندو هو، ۽ آءٌ هميشہ هن جي اڳيان خوش رهندي هيس؛ |
|
| 31 |
|
| هن جي زمين جي وسندڙ ڀاڱي ۾ آءٌ خوشيون ڪندي هيس، ۽ انسانن جي صحبت ۾ مون کي خوشي حاصل ٿيندي هئي. |
|
| 32 |
|
| تنهن ڪري هاڻي، اي منهنجا پٽ، منهنجي ڳالهہ ڌيان ڏيئي ٻڌو؛ ڇالاءِ جو سڀاڳا آهن اهي جي منهنجن رستن جي سنڀال ٿا ڪن. |
|
| 33 |
|
| تعليم ٻڌو، ۽ ڏاها ٿيو، ۽ انهيءَ کان انڪار نہ ڪريو. |
|
| 34 |
|
| سڀاڳو آهي اُهو ماڻهو جو منهنجي ٻڌي ٿو، ۽ هر روز منهنجن دروازن تي خبردار ٿي بيهي ٿو، ۽ منهنجن درن جي چانئٺ تي منتظر ٿي بيهي ٿو. |
|
| 35 |
|
| ڇالاءِ جو جيڪو مون کي لهي ٿو سو حياتي لهي ٿو، ۽ اهو خداوند جو فضل حاصل ڪندو. |
|
| 36 |
|
| پر جيڪو منهنجي برخلاف گناهہ ڪري ٿو سو پنهنجي روح تي ظلم ٿو ڪري: جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا سي سڀ موت کي پيار ٿا ڪن. |
|
|
|
|