|
| 1 |
|
| يروشلم جي بادشاهہ دائود جي پٽ واعظ جو ڪلام. |
|
| 2 |
|
| واعظ چوي ٿو تہ بيهودگين جي بيهودگي، بيهودگين جي بيهودگي، سڀ ڪجهہ بيهودو آهي. |
|
| 3 |
|
| ماڻهو سج هيٺان جيڪو پورهيو ٿو ڪري تنهن مان هن کي ڪهڙو فائدو آهي؟ |
|
| 4 |
|
| هڪڙي پيڙهي وڃي ٿي، ۽ ٻي پيڙهي اچي ٿي؛ ۽ زمين هميشہ قائم هلي ٿي اچي. |
|
| 5 |
|
| سج بہ اُڀري ٿو، ۽ سج وري لهي ٿو، ۽ جنهن هنڌان اُهو اُڀري ٿو، انهي هنڌ ڏانهن وري تڪڙو ٿي هلي ٿو. |
|
| 6 |
|
| واءُ ڏکڻ ڏانهن وڃي ٿو، ۽ وري اُتر ڏانهن ڦري ٿو؛ اُهو پنهنجي دوري ۾ هميشہ پيو ڦري، ۽ واءُ وري پنهنجن گشتن تي موٽي ٿو. |
|
| 7 |
|
| سڀ نديون سمنڊ ۾ پون ٿيون، انهي هوندي بہ سمنڊ ڀرجي نٿو؛ جيڏانهن نديون وڃن ٿيون اوڏانهن وري پيون وڃن. |
|
| 8 |
|
| سڀ شيون ماندائيءَ سان ڀريل آهن؛ ماڻهو اهو ظاهر ڪري نٿو سگهي: اک ڏسڻ سان ڍاول نہ آهي، ۽ ڪن ٻُڌڻ سان ڍاول نہ آهي. |
|
| 9 |
|
| جيڪي ٿي گذريو آهي سو اُهو آهي جو ٿيندو؛ ۽ جيڪي ڪيو ويو آهي سو اُهو آهي جو ڪيو ويندو: ۽ سج هيٺان ڪابہ نئين شيءِ ڪانهي. |
|
| 10 |
|
| اهڙي ڪا شيءِ بہ آهي جنهن جي نسبت ۾ ماڻهو چون ٿا تہ ڏسو هيءَ نئين شيءِ آهي؟ جيڪي زمانا اسان کان اڳي گذري ويا آهن تن ۾ اُها اڳيئي موجود هئي. |
|
| 11 |
|
| اڳين پيڙهين جي ڪابہ يادگيري ڪانهي؛ نڪي پويون پيڙهيون، جي اچڻيون آهن، تن جي ڪا يادگيري هن کان پوءِ ايندڙ پيڙهين ۾ رهندي. |
|
| 12 |
|
| آءٌ واعظ يروشلم ۾ اسرائيل جو بادشاهہ هوس. |
|
| 13 |
|
| ۽ منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ آسمان هيٺ جيڪي ڪيو ويو آهي، تنهن سڀ جي نسبت ۾ ڏاهپ جي وسيلي ڳولا ۽ جاچ ڪريان: اها هڪڙي سخت تڪليف آهي جا خدا انسان کي ڏني آهي تہ انهي ڳالهہ جو خيال ڪن. |
|
| 14 |
|
| جيڪي ڪم سج هيٺان ڪيا ويا آهن سي سڀ مون ڏٺا آهن؛ ۽ ڏسو سڀ ڪجهہ بيهودگي آهي، ۽ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻو آهي. |
|
| 15 |
|
| جيڪي ڏنگو آهي سو سنئون ڪري نہ سگهبو: ۽ جيڪي موجود ناهي سو شمار ۾ آڻي نہ سگهبو. |
|
| 16 |
|
| مون پنهنجي دل ۾ ويچار ڪيو، ۽ چيم تہ ڏس تہ يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳي ٿي گذاريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ مون ڏاهپ حاصل ڪئي آهي: هائو، عقل ۽ علم جو منهنجي دل کي وڏو آزمودو آهي. |
|
| 17 |
|
| ۽ منهنجي دل کي شوق ٿيو، تہ ڏاهپ معلوم ڪريان، ۽ چريائي ۽ بي عقلي پروڙيان: مون کي معلوم ٿيو تہ اهو بہ واءُ جي پٺيان ڊوڙڻ آهي. |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو گهڻي سياڻپ ۾ گهڻو ڏک آهي: ۽ جيڪو علم وڌائي ٿو سو ڏک وڌائي ٿو. |
|
|
|
|