|
| 1 |
|
| نيڪنامي قيمتي خوشبودار تيل کان بهتر آهي؛ ۽ مرڻ جو ڏينهن ڄمڻ جي ڏينهن کان بهتر آهي. |
|
| 2 |
|
| ماتم جي گهر ۾ وڃڻ، خوشيءَ جي مجلس واري گهر ۾ وڃڻ کان بهتر آهي: ڇالاءِ جو اُها سڀني ماڻهن جي پڇاڙي آهي؛ ۽ جيئرا اها ڳالهہ پنهنجي دل تي رکندا. |
|
| 3 |
|
| ڏک، کل کان بهتر آهي، ڇالاءِ جو شڪل جي اُداسيءَ ڪري دل سڌري ٿي. |
|
| 4 |
|
| ڏاهي جي دل ماتم جي گهر ۾ آهي؛ پر بيعقلن جي دل چرچي واري گهر ۾ آهي. |
|
| 5 |
|
| ماڻهوءَ جي لاءِ ڏاهي جو طعنو بي عقلن جي راڳ ٻڌڻ کان بهتر آهي. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو جيئن ديڳڙي جي هيٺان ڪنڊن سڙڻ جو ٽڙڪو، تيئن بي عقل جي کل آهي. اها بہ بيهودگي آهي. |
|
| 7 |
|
| يقين آهي تہ ظلم زبردستي ڏاهي ماڻهوءَ کي بي عقل ٿي ڪري؛ ۽ رشوت سمجهہ کي ناس ڪيو ڇڏي. |
|
| 8 |
|
| ڪنهن بہ شيءِ جي پڇاڙي ان جي شروعات کان بهتر آهي: ۽ تحمل وارو روح، مغروريءَ جي روح کان بهتر آهي. |
|
| 9 |
|
| پنهنجي طبيعت ۾ تڪڙو ٿي نہ ڪاوڙج: ڇالاءِ جو ڪاوڙ بي عقلن جي سيني ۾ ٿي رهي. |
|
| 10 |
|
| تون ائين نہ چئُہ تہ ڪهڙي سبب کان اڳيان ڏينهن هنن کان بهتر هئا؟ ڇالاءِ جو تون انهي نسبت ۾ ڏاهپ سان جاچ نٿو ڪرين. |
|
| 11 |
|
| ڏاهپ اهڙي چڱي آهي جهڙو ڪو ورثو: هائو، اُها انهن جي لاءِ چڱي آهي جي سج ڏسن ٿا. |
|
| 12 |
|
| ڇالاءِ جو ڏاهپ هڪڙو بچاءُ آهي، جيئن ناڻو هڪڙو بچاءُ آهي: پر علم جي فضيلت اها آهي، تہ ڏاهپ انهي جي حياتي بچائي ٿي، جنهن وٽ اُها آهي. |
|
| 13 |
|
| خدا جي ڪم تي ويچار ڪر: ڇالاءِ جو جنهن کي هن ڏنگو ڪيو آهي تنهن کي ڪير سڌو ڪري سگهندو؟ |
|
| 14 |
|
| سک جي ڏينهن خوش ٿي، ۽ ڏک جي ڏينهن ويچار ڪر: خدا هڪڙي کي ٻئي جي پاسي ۾ بنايو آهي، انهيءَ مطلب لاءِ تہ ماڻهو اهڙي ڪابہ شيءِ معلوم نہ ڪري جا کانئس پوءِ ٿئي. |
|
| 15 |
|
| هي سڀ مون پنهنجي بيهودگيءَ جي ڏينهن ۾ ڏٺو آهي: هڪڙو سچو ماڻهو آهي جو پنهنجي سچائيءَ ۾ مري چٽ ٿو ٿئي، ۽ هڪڙو شرير ماڻهو آهي جو بڇڙن ڪمن ڪرڻ ۾ پنهنجي وڏي عمر گذاري ٿو. |
|
| 16 |
|
| تون حد کان وڌيڪ سچو نہ ٿيءُ، نڪي حد کان وڌيڪ ڏاهو ٿيءُ: پاڻ کي ناس ڪرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ |
|
| 17 |
|
| تون حد کان وڌيڪ شرير نہ ٿيءُ، نڪي بي عقل ٿيءُ: پنهنجي وقت کان اڳي مرڻ جو ڪهڙو ضرور آهي؟ |
|
| 18 |
|
| چڱو ائين آهي تہ تون انهي کي قابو ڪري جهلين؛ هائو. انهي کان پنهنجو هٿ بہ نہ ڪڍي وٺ: ڇالاءِ جو جيڪو خدا کان ڊڄي ٿو، سو انهن سڀني کان جند ڇڏائي نڪري اچي ٿو. |
|
| 19 |
|
| ڏاهپ ڏاهي ماڻهوءَ جي لاءِ هڪڙي اهڙي طاقت آهي جا انهن حاڪمن کان وڌيڪ آهي جي ڪنهن شهر ۾ آهن. |
|
| 20 |
|
| يقين آهي تہ زمين تي اهڙو ڪوبہ سچو ماڻهو ڪونهي جو چڱا ڪم ڪري، ۽ گناهہ ڪونہ ڪري. |
|
| 21 |
|
| جيڪي ڳالهيون ڪرڻ ۾ ٿيون اچن تن سڀني ڏانهن بہ ڌيان نہ ڏي؛ تہ متان پنهنجي نوڪر کي پاڻ تي لعنت ڪندو ٻڌين: |
|
| 22 |
|
| ڇالاءِ جو ڪيترائي ڀيرا تنهنجي دل بہ ڄاڻي ٿي تہ تون پاڻ ٻين تي بہ لعنت ڪئي آهي. |
|
| 23 |
|
| هي سڀ مون ڏاهپ سان آزمايو آهي: مون چيو تہ آءٌ ڏاهو ٿيندس؛ پر اها ڳالهہ منهنجي لاءِ مشڪل هئي. |
|
| 24 |
|
| جيڪا شيءِ تمام پري آهي، ۽ تمام اونهي آهي، سا ڪير لهي سگهندو؟ |
|
| 25 |
|
| آءٌ هيڏي هوڏي ڦريس، ۽ منهنجي دل پڪو ٺهراءُ ڪيو تہ ڄاڻي ۽ ڳولي لهي، ۽ ڏاهپ جي ۽ ڳالهين جي سبب جي تلاش ڪري، ۽ معلوم ڪري تہ شرارت بي عقلي آهي، ۽ بي عقلي چريائي آهي: |
|
| 26 |
|
| ۽ مون موت کان بہ ڪَڙي شيءِ لڌي، يعني زال، جنهن جي دل ڦندا ۽ ڄار آهي، ۽ جنهن جا هٿ هٿڪڙيون آهن: جنهن مان خدا راضي هوندو سو ئي انهي کان بچي نڪرندو: پر گنهگار کي هوءَ وٺي ويندي. |
|
| 27 |
|
| ڏسو واعظ ٿو چوي، تہ هڪڙي شيءِ ٻيءَ تي رکي، سبب معلوم ڪرڻ سان مون ايترو معلوم ڪيو آهي: |
|
| 28 |
|
| ۽ انهي کي منهنجو روح اڃا پيو ڳولي، پر اهو اڃا نہ لڌو اٿم: هزار ۾ هڪڙو ماڻهو لڌو اٿم، پر انهن سڀني ۾ هڪڙي زال نہ لڌي اٿم. |
|
| 29 |
|
| ڏسو، مون فقط هي معلوم ڪيو آهي تہ خدا ماڻهوءَ کي سنئون بنايو، پر هنن گهڻيون ئي اجايون ڳالهيون ڳولي ڪڍيون آهن. |
|
|
|
|