Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| اي زالن ۾ تمام سهڻي، تنهنجو محبوب ڪيڏانهن ويو آهي؟ تنهنجو محبوب ڪهڙي پاسي وڃي نڪتو آهي، تہ اسين تو سان گڏجي انهي کي ڳوليون؟ |
| 2 |
| منهنجو محبوب پنهنجي باغ ڏانهن، مصالحن جي چمن ڏانهن ويو آهي، تہ باغن ۾ مال چاري، ۽ سوسن گڏ ڪري. |
| 3 |
| آءٌ پنهنجي محبوب جي آهيان، ۽ منهنجو محبوب منهنجو آهي: هو پنهنجو ڌڻ سوسن ۾ پيو چاري. |
| 4 |
| اي منهنجي پياري تون ترضاہ جهڙي سهڻي، ۽ يروشلم جهڙي خوبصورت آهين، ۽ خوفناڪ اهڙي آهين جهڙو جهنڊن سان لشڪر. |
| 5 |
| پنهنجون اکيون مون کان ڦيراءِ، ڇالاءِ جو هنن مون کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. تنهنجا وار ٻڪرين جي ڌڻ وانگر آهن، جي جلعاد جي پاسي سان ويٺل هجن. |
| 6 |
| تنهنجا ڏند رڍن جي ڌڻ وانگر آهن، جي وهنجي سهنجي آيون هجن؛ ۽ جن مان هر هڪ کي جاڙا ٻچا هجن، ۽ منجهان ڪابہ بنا ٻچي نہ هجي. |
| 7 |
| تنهنجون لوندڙيون تنهنجي نقاب جي پٺيان ڏاڙهون جي ٽڪر وانگر آهن. |
| 8 |
| سٺ راڻيون، ۽ اسي سريتون، ۽ بيشمار ڪنواريون ڇوڪريون آهن. |
| 9 |
| منهنجي ڪبوتري، منهنجي بيداغ، فقط هڪڙي آهي؛ هوءَ پنهنجي ماءُ جي هڪڙيئي هڪڙي آهي؛ جنهن هن کي ڄڻيو تنهنجي هوءَ لاڏلي آهي. ڇوڪرين هن کي ڏٺو، ۽ هن کي برڪت واري سڏيائون؛ هائو، راڻين ۽ سريتن، ۽ انهن هن جي ساراهہ ڪئي. |
| 10 |
| اها ڪير آهي جا صبح جهڙي ٿي ڏسجي، چنڊ جهڙي سهڻي، سج جهڙي صفا، ۽ اهڙي هيبت واري جهڙو جهنڊن سان لشڪر؟ |
| 11 |
| آءٌ سوپارين جي باغ ۾ ويس، تہ واديءَ جا ساوا وڻ ڏسان، ۽ ڏسان تہ ڊاک ڦٽي آهي يا نہ، ۽ ڏاڙهن گل جهليا آهن يا نہ. |
| 12 |
| مون کي سماءُ مس پيو تہ منهنجي جان مون کي پنهنجي شاهي قوم جي گاڏين ۾ وڃي وهاريو. |
| 13 |
| اي شولاميہ، موٽي اچ، موٽي اچ؛ موٽي اچ، موٽي اچ تہ اسين تو تي نظر ڪريون. ڇالاءِ اوهين شولاميہ تي نظر ڪرڻ ٿا گهرو جيئن محنائم جي ناچ تي نظر ڪجي؟ |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/songofsolomon/006.mp3
8
6