مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| انهيءَ وقت هر ڪو ماڻهو ڳائي چوندو تہ ”اي خداوند! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان، ڇاڪاڻ تہ جيتوڻيڪ اڳ تون مون کان ناراض هئين، تہ بہ هاڻي تنهنجي ڪاوڙ مون تان لهي ويئي آهي، ۽ تو مون کي تسلي ڏني آهي. |
| 2 |
| بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“ |
| 3 |
| جهڙيءَ طرح تازو پاڻي اڃايل کي خوشي ٿو بخشي، تهڙيءَ طرح خدا جي قوم کي خوشي حاصل ٿيندي جڏهن هو کين بچائيندو. |
| 4 |
| انهيءَ ڏينهن تي ماڻهو ڳائي چوندا تہ ” خداوند جو شڪرانو بجا آڻيو، هن جي نالي کي ساراهيو. سڀني قومن ۾ سندس ڪمن کي پڌرو ڪريو. ماڻهن کي ٻڌايو تہ هن جو نالو ڪيڏو نہ بلند وَ بالا آهي! |
| 5 |
| خداوند جي واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ هن عظيم ڪم ڪيا آهن. شل اها ڳالهہ سڄي ڌرتيءَ تي مشهور ٿئي. |
| 6 |
| اي صيئون جبل جا رهاڪؤ! خوشيءَ منجھان نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڳايو، ڇاڪاڻ تہ بني اسرائيل جو پاڪ معبود جيڪو عظيم آهي، سو اوهان منجھہ ٿو رهي.“ |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/isaiah/012.mp3
66
12