|
| 1 |
|
| سمنڊ جي بيابان بابت ڪلام. جيئن ڏکن ۾ واچوڙا ملڪ ٻهاريندا لنگهندا وڃن، تيئن هو بيابان مان، ۽ خوفناڪ زمين مان اچي ٿو. |
|
| 2 |
|
| هڪڙو ڏک جهڙو رويا مون کي ڏيکاريو ويو آهي؛ دغاباز واپاري، دغابازيءَ سان واپار ڪري ٿو، ۽ لٽ ڪرڻ وارو لٽي ٿو. اي عيلام مٿي وڃ؛ اي مادي گهيرو ڪر، مون هن جون سڀ آهون بند ڪري ڇڏيون آهن |
|
| 3 |
|
| تنهن ڪري منهنجي ڪمر درد سان ڀريل آهي؛ جيئن ويامندڙ زال کي سور ٿيندا آهن، تيئن مون کي سورن اچي ورايو آهي: مون کي ايترو سور آهي جو آءٌ ٻڌي نٿو سگهان؛ آءٌ اهڙو ڊڄي ويو آهيان جو ڏسي نٿو سگهان. |
|
| 4 |
|
| منهنجي دل سهڪي ٿي، خوف مون کي ڊيڄاري ڇڏيو آهي: شام جي شفق، جنهن جي مون کي خواهش هوندي هئي، سا منهنجي لاءِ بدلجي ڏڪڻي ٿي پيئي آهي. |
|
| 5 |
|
| هو دسترخانو وڇائين ٿا، هو پهرو بيهارين ٿا، هو کائين ٿا، هو پيئن ٿا: اي شهزادا، اوهين اُٿو ۽ سپر کي تيل مکيو. |
|
| 6 |
|
| ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي، تہ وڃ، وڃي ڪو پهري وارو بيهار؛ جيڪي هو ڏسي سو هو ڀلي ظاهر ڪري: |
|
| 7 |
|
| ۽ جڏهن هو ڪو لشڪر، يا گهوڙيسوارن جا جوڙا، يا گڏهن جي ٽولي، يا اُٺن جو ميڙ ڏسي تڏهن ڌيان سان ٻڌندو. |
|
| 8 |
|
| ۽ هن شينهن وانگي رڙ ڪئي: تہ اي خداوند، آءٌ سڄو ڏينهن پهري واري ٺلهہ تي بيٺو ئي بيٺو آهيان، ۽ پهرو ڏيندي سڄيون راتيون ڪاٽيون اٿم: |
|
| 9 |
|
| ۽ ڏس، اِجهو ماڻهن جو لشڪر، ۽ گهوڙي سوار جوڙو جوڙو ٿي اچن ٿا. ۽ هن ورندي ڏئي چيو تہ بابل ڪريو آهي، ڪريو آهي؛ ۽ ان جي معبودن جون سڀ اُڪريل مورتون ڀڄي زمين تي اچي پيون آهن. |
|
| 10 |
|
| اڙي تون، جو منهنجو ڳاهہ ۽ منهنجي پڙ جو اَنُ آهين: جيڪي مون لشڪرن جي خداوند، اسرائيل جي خدا کان ٻڌو آهي، سو مون اوهان کي ٻڌايو آهي. |
|
| 11 |
|
| ادوم بابت ڪلام. شعير مان ڪو مون کي سڏي چوي ٿو تہ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ اي پهري وارا، رات جي ڪهڙي خبر آهي؟ |
|
| 12 |
|
| پهري واري چيو تہ صبح اچي ٿو، ۽ رات بہ: جي اوهان کي پڇڻو آهي تہ پڇو: ۽ ڦري اچو. |
|
| 13 |
|
| عرب بابت ڪلام. اي دوان جا قافلا، اوهين عرب جي ٻيلي ۾ ٽڪندا. |
|
| 14 |
|
| جيڪو اُڃيو هو تنهن کي پاڻي آڻي ڏنائون؛ تيما جي ملڪ جا رهاڪو ڀڳلن کي مانيءَ سان اچي گڏيا. |
|
| 15 |
|
| ڇالاءِ جو هو ترارين کان، اُگهاڙين ترارين کان، ۽ موڙيل ڪمان کان، ۽ جنگ جي سختيءَ کان اُٿي ڀڳا هئا. |
|
| 16 |
|
| ڇالاءِ جو خداوند مون کي هيئن فرمايو آهي تہ هڪ سال اندر، مزورن جي سالن جي موجب، قيدار جي سڀ وڏائي گم ٿي ويندي: |
|
| 17 |
|
| ۽ تيراندازن جي شمار مان باقي رهيل مرد يعني قيدار جي اولاد مان بهادر ٿورا ٿيندا: ڇالاءِ جو خداوند، اسرائيل جي خدا ائين فرمايو آهي. |
|
|
|
|