مقدس ڪلام توريت، زبور
|
| 1 |
| جڏهن اهو وقت ايندو، تڏهن هڪڙي مرد کي ست ست عورتون پڪڙي چونديون تہ ”اسين پنهنجي هڙان کائينديونسين ۽ پهرينديونسين، تون رڳو ايترو ڪر جو اسان کي پنهنجيون زالون سڏجڻ ڏي، ائين اسان تان مڙس واريون نہ هجڻ جي خواري لاهہ.“ |
| 2 |
| اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن خداوند جي چونڊيل زمين خوبصورت ۽ شاندار ٿي پوندي ۽ بني اسرائيل مان جيڪي بچي ويل هوندا تن لاءِ انهيءَ جو ڦل لذيذ ۽ وڻندڙ ٿي پوندو. |
| 3 |
| صيئون جبل جي شهر يروشلم ۾ خداوند جن ماڻهن کي مرڻ کان بچايو هوندو تن سڀني کي پاڪ سڏيو ويندو. |
| 4 |
| انهيءَ سبب جو ان وقت پروردگار يروشلم جي سڀني رهاڪن جا گناهہ ڌوئي ڇڏيندو. بيشڪ هو پنهنجي جلال واري باهہ ۾ تپائي يروشلم کي هر ڪنهن خون ۽ بڇڙائيءَ کان پاڪ صاف ڪندو. |
| 5 |
| تڏهن خداوند صيئون جبل جي هر جاءِ کي ۽ ان تي رهندڙ سندس قوم کي ڏينهن جي وقت ڪڪر ۽ رات جي وقت دونهين ۽ شعلي واري باهہ سان ڍڪيل رکندو. خدا جو جلوو پوري شهر تي ڇانيل رهندو ۽ انهيءَ جي حفاظت ڪندو. |
| 6 |
| سندس جلوو ڏينهن جي وقت گرميءَ کان ڇانوَ ڪندو ۽ آنڌيءَ ۽ برسات ۾ ڍڪ ۽ پناهہ ثابت ٿيندو. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhimuslim/isaiah/004.mp3
66
4