اي تباهي مچائيندڙ لشڪرؤ! اوهين بابل جي تيراندازن کي ايتري بہ مهلت نہ ڏيو، جو اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪي سگھن، يا وري هٿيار ٻڌي اُٿي سگھن. اوهين ان جي جنگي جوڌن کي جيئرو نہ ڇڏيو، بلڪ انهن جو سڄو لشڪر بلڪل ناس ڪري ڇڏيو.
مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود، قادرِمطلق خداوند ، نہ اسرائيل وارن کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ نہ وري يهوداہ وارن کي، جيتوڻيڪ هنن پنهنجي ملڪن کي منهنجي خلاف ڏوهن سان ڀري ڇڏيو آهي.
سو اي بني اسرائيل وارؤ! اوهين بابل منجھان نڪري ڀڄي وڃو، ۽ پنهنجيون جانيون بچايو. اوهين بابلين جي گناهن جي سزا ۾ شريڪ ٿي پاڻ کي برباد نہ ڪريو. وقت اچي ويو آهي جو آءٌ خداوند کانئن بدلو وٺان، جنهن جي هو لائق آهن.“
پر هاڻي اهو پيالو اوچتو ڪري ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ وارو آهي. پوءِ خداوند ڌارين قومن کي چوندو تہ ”ڀلي اوهين ان جي لاءِ واءِويلا مچايو ۽ ان جي زخمن لاءِ ملم هٿ ڪريو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.“
پر اهي چوندا تہ ”اسان بابل جا زخم ڇٽائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ان جا زخم ڇٽي نہ سگھيا. سو ڇڏي ڏيوس. هلو تہ اسين پنهنجي پنهنجي وطن موٽي هلون، ڇاڪاڻ تہ بابلين جي سزا چوٽ چڙهي ويئي آهي.“
قادرِمطلق خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چيو آهي تہ ”يقيناً آءٌ ماڪڙ جي ڪٽڪن جيان گھڻا ئي لشڪر آڻيندس جيڪي بابل تي حملو ڪري انهيءَ کي شڪست ڏيندا ۽ فتح جا نعرا هڻندا.“
هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان ڪڪر اٿاري ٿو. هو مينهن سان گڏ کِنوڻ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدامن مان هوا اُماڻي ٿو.
يعقوب جو خدا، جنهن جو نالو قادرِمطلق خداوند آهي سو انهن جهڙو ناهي، ڇاڪاڻ تہ هو هر شيءِ جو خالق آهي ۽ بني اسرائيل قوم کي هن پنهنجي ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊيو آهي.
اي بابل! تون جبل جيان مضبوط لڳندو هئين، ڇاڪاڻ تہ تون سڀني قومن کي چيڀاٽي ناس ڪندو هئين. پر آءٌ خداوند تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تو کي پڪڙي گهلي کڻي پٽ تي اڇلائيندس، ۽ تو کي ساڙي رک ڪري ڇڏيندس.
جيئن تہ بابل جي خلاف مون خداوند جو هر ارادو قائم آهي، انهيءَ لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري ڇڏيان، جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو نہ هجي، تنهنڪري زمين ڪنبي ٿي ۽ ڌڏي ٿي.
بابل شهر وارا اناج جي انهيءَ ول وانگر آهن، جنهن کي سندن دشمن ڳاهي ناس ڪرڻ وارا آهن، هائو، انهن جي لڻڻ جو وقت اچي پهتو آهي. اهو مون قادرِمطلق خداوند ، بني اسرائيل جي خدا جو فرمان آهي.“
بيشڪ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر يروشلم جي مال متاع سان پنهنجو پيٽ ڀري، يروشلم کي سکڻو ڀانڊو بڻائي ڇڏيو آهي، بلڪ انهيءَ کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو اٿائين. هو يروشلم کي ڳڙڪائي ويو، هائو، هو انهيءَ کي ازدها بلا وانگر ڳهي ويو.
هاڻ ڀلي يروشلم جا رهاڪو چون تہ ”جيڪو ظلم اسان تي ٿيو آهي، سو شل بابل وارن جي سر تي پوي.“ هائو، صيئون جبل جا رهاڪو ڀل ائين چون تہ ”اسان جو خون شل بابلين جي ڳچيءَ ۾ پوي.“
هر سال مختلف افواهہ پيا هلندا آهن تہ ملڪ ۾ ظلم هلندو رهي ٿو، يا هڪڙو حاڪم ٻئي سان مقابلو ڪري ٿو. پر اوهين همت نہ هاريو، نہ وري ملڪ ۾ هليل انهن افواهن جي ڪري ڪو ڊپ ڪريو.
هائو، جهڙيءَ طرح بابل سڄيءَ دنيا جي ماڻهن ۾ موت وجھي ڇڏيو هو، تهڙيءَ طرح هاڻ بابل جي ماڻهن ۾ بہ موت پوندو، ڇاڪاڻ تہ هنن ڪيترائي بني اسرائيل ماري ڇڏيا آهن. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ وارؤ! اوهين جيڪي يروشلم جي برباديءَ وقت موت کان بچي پري پري نڪري ويا هئا، سي بابل مان نڪري وڃو، دير نہ ڪريو. اوهين مون خداوند کي ياد رکو ۽ يروشلم کي نہ وساريو.
ڏسو، بابل جي ڪوٽ جون ٿلهيون ڀتيون ڊهي پونديون، ۽ ان جا اوچا دروازا ساڙي رک ڪيا ويندا. اهڙيءَ طرح ان قوم جو پورهيو اجايو ثابت ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ باهہ جي شعلن ۾ اڏامي ويندو. اهو مون قادرِمطلق خداوند جو فرمان آهي.“
مون يرمياہ هي پيغام سراياہ ولد پنرياہ ولد محسياہ کي ان وقت ڏنو، جڏهن هو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ سان سندس بادشاهيءَ جي چوٿين سال بابل ڏانهن پئي ويو. سراياہ بادشاهہ جو خاص خدمتگار هو.
مون هي سڀ مصيبتون، جيڪي بابل تي اچڻيون هيون سي چمڙي جي هڪڙي ويڙهوٽي ۾ لکي ڇڏيون هيون. ان کان علاوہ بابل جي بنسبت ٻيون سڀ ڳالهيون پڻ ان ۾ لکيون ويون هيون.