|
| 1 |
|
| آءٌ اهو ماڻهو آهيان جنهن هن جي ڪاوڙ جي لٺ سان ڏک سَٺو آهي، |
|
| 2 |
|
| هن مون کي اونداهيءَ ۾ وٺي هلايو ۽ نہ سوجهري ۾. |
|
| 3 |
|
| يقيناً سڄو ڏينهن هو پنهنجو هٿ وري وري مون تي ڦيرائي ٿو. |
|
| 4 |
|
| منهنجو گوشت ۽ منهنجي کل هن خشڪ ڪري ڇڏيا آهن؛ هن منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا آهن. |
|
| 5 |
|
| هن منهنجي برخلاف اڏاوت ڪئي آهي، ۽ هن مون کي زهر ۽ زحمت سان وڪوڙيو آهي. |
|
| 6 |
|
| هن مون کي انڌارين جاين ۾ رهايو آهي، جيئن گهڻن ڏينهن جا مئل ماڻهو هوندا آهن. |
|
| 7 |
|
| هن منهنجي چوڌاري ڀت ڏيئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري آءٌ ٻاهر نڪري نٿو سگهان؛ هن منهنجو زنجير ڳرو ڪيو آهي. |
|
| 8 |
|
| هائو، جڏهن آءٌ دانهون ڪري مدد ٿو گهران، تڏهن هو منهنجو سوال نٿو ٻڌي. |
|
| 9 |
|
| هن ٽڪيل پٿرن سان منهنجا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن، هن منهنجون واٽون ڏنگيون ڪيون آهن. |
|
| 10 |
|
| هو منهنجي لاءِ اهڙو آهي جهڙو لڪي ويٺل رڇ، ۽ ڳجهين جاين ۾ شينهن. |
|
| 11 |
|
| هن منهنجا رستا پاسيرا ڪري ڇڏيا آهن، ۽ مون کي ڇني ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيو اٿس؛ هن مون کي سڃو ڪري ڇڏيو آهي. |
|
| 12 |
|
| هن پنهنجي ڪمان ڪشي آهي، ۽ مون کي پنهنجي تير جو نشان ڪري رکيو اٿس. |
|
| 13 |
|
| هن پنهنجي بٿيءَ جا تير منهنجن گردن ۾ گهيڙائي ڇڏيا آهن. |
|
| 14 |
|
| آءٌ پنهنجي سڄيءَ قوم وٽ کل ٺٺوليءَ جو سبب ٿيو آهيان؛ ۽ سڄو ڏينهن هو مون تي پيا راڳ ڳائين. |
|
| 15 |
|
| هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي. |
|
| 16 |
|
| هن ڪنڪريءَ جي پٿرن سان منهنجا ڏند ڀڃي وڌا آهن، هن مون کي رک سان ڍڪي ڇڏيو آهي. |
|
| 17 |
|
| ۽ تو منهنجو روح خير سلامتيءَ کان پري ڪري ڇڏيو آهي؛ مون سک وساري ڇڏيو آهي. |
|
| 18 |
|
| ۽ مون چيو تہ منهنجي سگهہ ناس ٿي ويئي آهي، ۽ منهنجي اميد خداوند مان نڪري ويئي آهي. |
|
| 19 |
|
| منهنجو ڏک ۽ منهنجي مصيبت، منهنجو ساڙ ۽ منهنجو زهر ياد ڪر. |
|
| 20 |
|
| منهنجو روح اڃا بہ انهن کي ياد پيو ڪري، ۽ منهنجي اندر ۾ غمگين آهي |
|
| 21 |
|
| اها ڳالهہ آءٌ پنهنجي دل تي ٿو آڻيان، تنهن ڪري مون کي اميد آسرو آهي. |
|
| 22 |
|
| اهو خداوند جي رحم ڪري آهي جو اسين مري کپي نہ ويا آهيون، ڇالاءِ جو هن جو رحم کٽڻ جو ناهي. |
|
| 23 |
|
| اهو روز صبح جو نئون آهي؛ تنهنجي سچائي وڏي آهي. |
|
| 24 |
|
| منهنجو روح ٿو چوي تہ خداوند منهنجو حصو آهي؛ تنهن ڪري آءٌ هن ۾ اُميد آسرو رکندس. |
|
| 25 |
|
| جيڪي خداوند جي لاءِ منتظر ٿي ويهن ٿا، ۽ کيس ڳولين ٿا تن جي لاءِ هو مهربان آهي |
|
| 26 |
|
| ائين چڱو آهي تہ ماڻهو اُميد رکي، ۽ خداوند جي نجات لاءِ منتظر رهي. |
|
| 27 |
|
| ماڻهوءَ جي لاءِ اهو چڱو آهي تہ هو پنهنجي جوانيءَ ۾ پاڃاري کڻي. |
|
| 28 |
|
| هن کي اڪيلو ٿي ماٺ ڪري ويهڻ کپي، ڇالاءِ جو هن اُها سندس مٿان رکي آهي. |
|
| 29 |
|
| هن کي کپي تہ پنهنجو وات مٽيءَ تي رکي؛ شايد انهيءَ ۾ ڪا اُميد هجي. |
|
| 30 |
|
| هن کي کپي تہ ڌڪ هڻڻ واري کي پنهنجو ڳل ڏئي؛ پوءِ ڀلي تہ خواريءَ سان ڀرجي. |
|
| 31 |
|
| ڇالاءِ جو خداوند هميشہ لاءِ اُڇلائي نہ ڇڏيندو. |
|
| 32 |
|
| ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ هو ڏک ڏيندو، تڏهن بہ پنهنجين رحمتن جي گهڻائيءَ کان هن کي ڪهل ايندي. |
|
| 33 |
|
| ڇالاءِ جو هو ڏک ڏيڻ پسند نٿو ڪري، ۽ نہ آدمزاد کي ڏکوئڻ چاهي ٿو. |
|
| 34 |
|
| زمين جا سڀ قيدي پير هيٺ چپڻ، |
|
| 35 |
|
| خدا تعاليٰ جي منهن جي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جو حق ٽاري ڇڏڻ، |
|
| 36 |
|
| ڪنهن ماڻهوءَ جو مقدمو بگاڙڻ، خداوند کي پسند نہ آهي. |
|
| 37 |
|
| اُهو ڪير آهي جو چوي ٿو تہ ائين ٿئي ٿو، جڏهن خداوند اهڙو ڪم نٿو ڪري؟ |
|
| 38 |
|
| خدا تعاليٰ جي حڪم سان بڇڙائي ۽ چڱائي نٿي اچي ڇا؟ |
|
| 39 |
|
| ڪهڙي سبب جيئرو ماڻهو شڪايت ٿو ڪري، ماڻهو پنهنجن گناهن جي سزا لاءِ پڪاري ٿو ڇا؟ |
|
| 40 |
|
| اچو تہ اسين پنهنجا رستا ڳوليون ۽ آزمايون، ۽ وري بہ خداوند ڏي ڦرون. |
|
| 41 |
|
| اچو تہ اسين پنهنجي دل پنهنجن هٿن سان خدا ڏانهن کڻون، جو آسمان ۾ آهي. |
|
| 42 |
|
| اسان حڪم عدولي ڪئي ۽ فساد ڪيو آهي؛ تو معافي نہ ڏني آهي. |
|
| 43 |
|
| تو اسان کي ڪاوڙ سان ڍڪي ڇڏيو اهي، ۽ تون اسان جي پٺيان پيو آهين؛ تو قتل ڪيو آهي، توکي قياس ڪونہ پيو. |
|
| 44 |
|
| تو پاڻ کي ڪڪر سان ڍڪي ڇڏيو آهي، تہ اسان جي دعا انهيءَ مان نہ لنگهي. |
|
| 45 |
|
| تو اسان کي قومن جي وچ ۾ ٻهر ۽ ڪچري جهڙو ڪيو آهي. |
|
| 46 |
|
| اسان جن سڀني دشمنن اسان جي لاءِ وڏو وات پٽيو آهي. |
|
| 47 |
|
| خوف ۽ قبر، ويراني ۽ تباهي اسان تي آئي آهي. |
|
| 48 |
|
| منهنجي اک مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ ناس ٿي ويئي آهي. |
|
| 49 |
|
| منهنجي اک پئي وهي ۽ ڪنهن بہ فرجي کان سواءِ بس نٿي ڪري، |
|
| 50 |
|
| جيستائين خداوند هيٺ نهاري، ۽ آسمان مان ڏسي. |
|
| 51 |
|
| منهنجي اک، منهنجي شهر جي سڀني ڌيئن ڪري منهنجي روح کي رنج ٿي ڪري. |
|
| 52 |
|
| جيڪي بي سبب منهنجا دشمن آهن، سي پکيءَ وانگر منهنجي پٺيان ڪاهي پيا آهن. |
|
| 53 |
|
| هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن. |
|
| 54 |
|
| منهنجي مٿي تان پاڻي وهي ويا؛ مون چيو تہ آءٌ وڍجي ويو آهيان. |
|
| 55 |
|
| اي خداوند، مون تمام هيٺينءَ قيد مان تنهنجو نالو وٺي سڏ ڪيو. |
|
| 56 |
|
| تو منهنجو سڏ ٻڌو؛ منهنجي ساهہ کڻڻ تي، منهنجي رڙ تي پنهنجو ڪن بند نہ ڪر. |
|
| 57 |
|
| جنهن ڏينهن مون توکي سڏ ڪيو انهيءَ ڏينهن تون مون کي ويجهو آئين: تو چيو تہ ڊڄ نہ. |
|
| 58 |
|
| اي خداوند تو منهنجي روح جي طرفان حجت دليل ڪيا؛ تو منهنجي جان ڇڏائي آهي. |
|
| 59 |
|
| اي خداوند، تو منهنجي مظلومي ڏٺي آهي؛ تون منهنجو مقدمو فيصل ڪر. |
|
| 60 |
|
| هنن جو وير وٺڻ ۽ هنن جون رٿون، جي منهنجي برخلاف هيون، سي سڀ تو ڏٺيون آهن. |
|
| 61 |
|
| اي خداوند، تو هنن جو طعنو ۽ هنن جو تجويزون جي منهنجي برخلاف آهن، سي سڀ ٻڌيون آهن؛ |
|
| 62 |
|
| جيڪي مون تي سنبري آيا تن جون ڳالهيون ۽ سندن روزمرہ جا منصوبا بہ. |
|
| 63 |
|
| هنن جو ويهڻ ۽ هنن جو اُٿڻ تون ڏس؛ آءٌ هنن جو راڳ آهيان. |
|
| 64 |
|
| اي خداوند، تو هنن جي هٿن جي ڪم موجب کين بدلو ڏي. |
|
| 65 |
|
| تون هنن کي دل جي سختي ۽ پنهنجي لعنت ڏي. |
|
| 66 |
|
| تون ڪاوڙ ۾ هنن جي پٺيان پئُہ، ۽ خداوند جي آسمانن جي هيٺان هنن کي ناس ڪر. |
|
|
|
|