|
| 1 |
|
| آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن تي خدا پنهنجي غضبناڪ لٺ سان عذاب نازل ڪيو. |
|
| 2 |
|
| هن مون کي ڊوڙائي ڊوڙائي اهڙي اونداهي هنڌ پهچايو، جتي روشني داخل ٿي ئي نہ ٿي سگھي. |
|
| 3 |
|
| آءٌ بہ انهن ماڻهن مان آهيان، جن کي بنا ڪنهن ساهيءَ جي خدا بار بار سزا ڏيندو رهي ٿو. |
|
| 4 |
|
| خدا منهنجي بدن جو ماس ۽ چمڙي ڳاري ڇڏيا آهن، ۽ منهنجا هڏ گڏ ڀڃي ڇڏيا اٿس. |
|
| 5 |
|
| هن مون تي حملو ڪري مون کي سخت مشڪلاتن جي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. |
|
| 6 |
|
| جيڪي گھڻي مدت کان مري ويا آهن، تن وانگر هن مون کي اونداهيءَ ۾ بند رکيو آهي. |
|
| 7 |
|
| خدا مون کي زنجيرن ۾ جڪڙي ڇڏيو آهي، آءٌ هڪ اهڙي قيديءَ جيان آهيان، جنهن کي نڪري ڀڄي وڃڻ جي ڪا اميد ڪانهي. |
|
| 8 |
|
| توڙي جو آءٌ دانهون ڪندي کيس مدد لاءِ پڪاريان ٿو، تڏهن بہ هو منهنجي دعائن تي ڪو ڌيان نہ ٿو ڏئي. |
|
| 9 |
|
| منهنجي هر ڪوشش ناڪام ٿي وڃي ٿي. هائو، خدا وڏا وڏا پٿر رکي منهنجيون راهون بند ڪري ڇڏيون آهن. |
|
| 10 |
|
| هن رڇ وانگر منهنجي تاڙ ۾ ويهي، هائو، شينهن وانگر ڳجھيءَ جڳهہ مان نڪري مون تي حملو ڪيو. |
|
| 11 |
|
| هن مون کي منهنجي راهہ تان گهلي چيري ڦاڙي ڇڏي ڏنو آهي. |
|
| 12 |
|
| هن پنهنجو تيرڪمان ڇڪي مون کي پنهنجي تيرن جو نشانو بڻائي ڇڏيو. |
|
| 13 |
|
| هن پنهنجي ترڪش جي تيرن سان، منهنجي اندر کي پروڻ ڪري ڇڏيو آهي. |
|
| 14 |
|
| سڀيئي ماڻهو مون تي کل ٺٺولي پيا ڪن. سڄو ڏينهن هر ڪو مون سان چرچو مسخري ڪندو پيو رهي. |
|
| 15 |
|
| خدا منهنجي زندگيءَ ۾ ڏک ئي ڏک ڏيئي ڇڏيا آهن. هائو، هن منهنجي زندگي زهر بڻائي ڇڏي آهي. |
|
| 16 |
|
| خدا مون کي خاڪ ۾ ليٿڙايو آهي، بلڪ پٿريلي زمين تي منهن ڀر اڇلائي ڇڏيو اٿس جنهن ڪري منهنجا ڏند ڀڄي پيا آهن. |
|
| 17 |
|
| هاڻ مون کي امن وَ سلامتي جي ڪا اميد نہ رهي آهي، ۽ مون کان وسري ويو آهي تہ خوشحالي ڇا ٿيندي آهي. |
|
| 18 |
|
| سو مون سمجھي ڇڏيو آهي تہ منهنجي جيڪا اميد خداوند ۾ قائم وَ دائم هئي، سا بلڪل ختم ٿي ويئي آهي. |
|
| 19 |
|
| پنهنجي مشڪلاتن ۽ بيگھر هجڻ تي سوچڻ سان ايترو تہ ڏک ٿو ٿئي جو ڄڻ تہ آءٌ زهريلو پاڻي ٿو پيئان. |
|
| 20 |
|
| بلڪ آءٌ انهن سڀني ڳالهين بابت هميشہ سوچيندو ٿو رهان، تنهنڪري منهنجي دل سدائين اداس پيئي رهي. |
|
| 21 |
|
| تنهن هوندي بہ جڏهن آءٌ خدا جي باري ۾ هيءَ ڳالهہ ياد ڪريان ٿو، تڏهن مون ۾ آس ۽ اميد وري موٽيو اچي. |
|
| 22 |
|
| خداوند جي شفقت ابدي آهي، ۽ سندس رحم ڪرڻ ڪڏهن بہ بند نہ ٿو ٿئي. |
|
| 23 |
|
| جيئن روزانو نئين سر صبح جو تازگي هوندي آهي تيئن ئي سندس شفقت قائم وَ دائم آهي. بيشڪ خداوند جي وفا ڪيڏي نہ گھڻي آهي! |
|
| 24 |
|
| سو منهنجي دل چوي ٿي تہ جيئن تہ خداوند پنهنجي لاءِ مون کي وقف ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري منهنجي اميد آسرو انهيءَ ۾ ئي آهي. |
|
| 25 |
|
| جيڪي خداوند تي توڪل ٿا رکن ۽ سندس ئي طالبو آهن، تن سڀني تي هو ڏاڍو مهربان آهي. |
|
| 26 |
|
| اسان لاءِ اهو ڪافي آهي جو اسين صبر سان انتظار ڪريون، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان کي مصيبتن کان بچائيندو. |
|
| 27 |
|
| بلڪ انسان لاءِ اها ڳالهہ بهتر آهي، جو هو پنهنجي جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ئي صبر ڪرڻ سکي. |
|
| 28 |
|
| جڏهن جوانيءَ ۾ مشڪلاتون اچن، تڏهن بجاءِ ٻين کي ٻڌائڻ جي خاموشيءَ سان صبر ڪري. |
|
| 29 |
|
| هن کي ٻاڏائيندي زمين تائين منهن جھڪائڻ گھرجي، تہ من اميد آسري جي ڪا صورت نڪري. |
|
| 30 |
|
| توڙي جو جوانيءَ جي ڏينهن ۾ ڳلن تي چماٽون هنيون وڃن، يا بيعزت ڪيو وڃي، تہ بہ هن کي اهو سڀ ڪجھہ برداشت ڪرڻ گھرجي. |
|
| 31 |
|
| پروردگار اسان کان هميشہ لاءِ منهن نہ موڙيندو. |
|
| 32 |
|
| جيتوڻيڪ هو اسان کي گھڻا ئي ڏک ڏئي ٿو، تہ بہ پنهنجي واعدي وفائي ڪندي هو رحم بہ ڪري ٿو. |
|
| 33 |
|
| پروردگار ڏک ڏيڻ پسند نہ ٿو ڪري، نڪي هو انسان کي ايذائڻ ٿو چاهي. |
|
| 34 |
|
| پروردگار ڄاڻي ٿو تہ قيد ۾ اسان کي روحاني اذيتون ڏنيون وڃن ٿيون. |
|
| 35 |
|
| خدا تعاليٰ کي اهو بہ معلوم آهي تہ اسان جي حقتلفي ڪئي ٿي وڃي. |
|
| 36 |
|
| هو اهو بہ ڏسي ٿو تہ عدالت ۾ انصاف کي بگاڙيو ٿو وڃي. |
|
| 37 |
|
| هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟ |
|
| 38 |
|
| نيڪي هجي توڙي بدي، سڀ خدا تعاليٰ جي حڪم سان ئي ٿئي ٿو. |
|
| 39 |
|
| هاڻ جڏهن تہ اسان جي جيئري ئي اسان کي پنهنجي گناهن جي سزا ملي ٿي، تہ پوءِ ڇو اسين شڪايت ڪريون؟ |
|
| 40 |
|
| انهيءَ جي بجاءِ اچو تہ اسين پنهنجي چال چلت بابت سوچ ويچار ڪريون، ۽ پوءِ وري خداوند آڏو توبهہتائب ٿيون. |
|
| 41 |
|
| اچو تہ اسين پنهنجي دل جي گھراين سان خدا جي حضور ۾ دعا لاءِ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چئون تہ |
|
| 42 |
|
| ”اي خداوند! بيشڪ اسان گناهہ ڪندي تنهنجي خلاف بغاوت ڪئي، ۽ تو اسان کي معافي نہ ڏني. |
|
| 43 |
|
| تو اسان جي پٺيان پئي اسان کي قتل ڪري ڇڏيو. تو پنهنجي غضب وچان اسان تي قياس نہ ڪيو. |
|
| 44 |
|
| تو پاڻ کي ڪڪرن پٺيان لڪائي ڇڏيو، انهيءَ لاءِ تہ اسان جون دعائون تو تائين نہ پهچي سگھن. |
|
| 45 |
|
| تو ٻين قومن منجھہ اسان کي گند ڪچري جهڙو ڪنو ڪري ڇڏيو. |
|
| 46 |
|
| اسين پنهنجي سڀني دشمنن آڏو، بيعزت ۽ کل ٺٺوليءَ جو سبب بڻياسين. |
|
| 47 |
|
| اسان تي مصيبت ۽ تباهي نازل ڪئي ويئي، ۽ اسان خوف ۽ دهشت ۾ زندگي پيا گذاريون.“ |
|
| 48 |
|
| آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن. |
|
| 49 |
|
| تيستائين لڳاتار وهندڙ واهيءَ جيان، منهنجي اکين مان سدائين لڙڪ وهندا رهندا، |
|
| 50 |
|
| جيستائين تون خداوند عرش عظيم کان هيٺ نهاري اسان جي مدد ڪرين. |
|
| 51 |
|
| جڏهن آءٌ ڏسان ٿو تہ يروشلم جي عورتن سان ڇا ٿو ٿئي، تڏهن منهنجي دل غم سان ڀرجيو وڃي. |
|
| 52 |
|
| جيڪي بنا ڪنهن سبب جي منهنجا دشمن بڻيا، تن مون کي پکين وانگر شڪار ڪيو. |
|
| 53 |
|
| هنن مون کي جيئرو ئي اونهي کوهہ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ۽ انهيءَ جي منهن کي پٿر سان بند ڪري ڇڏيو. |
|
| 54 |
|
| پاڻي منهنجي سر کان مٿي ايترو تہ چڙهي ويو آهي، جو آءٌ سمجھان ٿو تہ هاڻ آءٌ ٻڏي مرڻ وارو آهيان. |
|
| 55 |
|
| سو اي خداوند! کوهہ جي تري مان آءٌ تنهنجو نالو وٺي پڪاريان ٿو. |
|
| 56 |
|
| تون منهنجيون دانهون ٻڌڻ کان پنهنجو منهن نہ موڙ، پر اچي منهنجي مدد ڪر ۽ مون کي بچاءِ. |
|
| 57 |
|
| اڄ ئي منهنجو فرياد ٻڌ، ۽ ويجھو اچي مون کي دلاسو ڏيئي چئُہ تہ ”گھٻراءِ نہ.“ |
|
| 58 |
|
| هائو، اي پروردگار! تون مون کي اچي ڇڏاءِ، ۽ منهنجي حياتي بچائي وٺ. |
|
| 59 |
|
| اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو. هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي. |
|
| 60 |
|
| جيڪي بہ سازشون هنن وير وٺڻ لاءِ جوڙيون آهن، تن سڀني تي غور ڪر. |
|
| 61 |
|
| هائو، اي خداوند! جيڪي ملامتون اهي مون تي ڪن ٿا، ۽ جيڪي بڇڙائيءَ وارا منصوبا اهي منهنجي خلاف جوڙين ٿا، سي سڀ تون ڄاڻين ٿو. |
|
| 62 |
|
| اهي مون کي گھٽ وڌ پيا ڳالهائين، ۽ سڄو ڏينهن پاڻ ۾ منهنجي خلاف سازشون پيا جوڙين. |
|
| 63 |
|
| صبح کان وٺي رات تائين اٿندي ويهندي اهي مون تي ٽوڪ ٺٺولين وارا راڳ ڳائين ٿا. |
|
| 64 |
|
| سو اي خداوند! اهي جيڪي ڪجھہ ڪن ٿا، تنهن موجب کين سزا ڏي. |
|
| 65 |
|
| هائو، تون انهن تي ملامت ڪر. ۽ کين غمن ۾ مبتلا ڪري ڇڏ. |
|
| 66 |
|
| اي خداوند! پنهنجي غضب وچان سندن پيڇو ڪندي روءِزمين تان سندن نالو نشان ئي مِٽائي ڇڏ. |
|
|
|
|