|
| 1 |
|
| اي خداوند، ياد ڪر تہ اسان تي ڇا آيو آهي: نظر ڪر ۽ اسان جي خواري ڏس. |
|
| 2 |
|
| اسان جو ورثو ڦيرائي ڌارين کي ڏنو ويو آهي، ۽ اسان جا گهر بيگانن کي. |
|
| 3 |
|
| اسين يتيم ۽ بي پدر آهيون، اسان جون مائون بيوہ زالن جهڙيون آهن. |
|
| 4 |
|
| اسان پنهنجو پاڻي بہ ملهہ ڏيئي پيتو آهي؛ اسان جون ڪاٺيون بہ اسان کي وڪڻي ٿا ڏين. |
|
| 5 |
|
| اسان جا پٺيان پوندڙ اسان جن ڪنڌن تي آهن: اسين ٿڪجي پيا آهيون، ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون. |
|
| 6 |
|
| مانيءَ جي ڍءُ ڪرڻ لاءِ اسان مصرين کي، ۽ اسورين کي هٿ ڏنو آهي. |
|
| 7 |
|
| اسان جن ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا ۽ اُهي نابود ٿيا آهن؛ ۽ اسان هنن جا گناهہ کنيا آهن. |
|
| 8 |
|
| ٻانها اسان تي حڪم ٿا هلائين: اسان کي انهن جي هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي. |
|
| 9 |
|
| بيابان جي ترار جي خوف کان پنهنجو ساهہ بچائي، اسين پنهنجي ماني هٿ ڪريون ٿا. |
|
| 10 |
|
| ڏڪار جي ساڙيندڙ گرميءَ کان، اسان جي کل تنور جهڙي ڪاري آهي. |
|
| 11 |
|
| صيون ۾ زالن سان ۽ يهوداہ جي شهرن ۾ ڪنوارين ڇوڪرين سان هنن زور زبردستي ڪئي آهي. |
|
| 12 |
|
| هنن جي هٿان امير سوريءَ چڙهيا: بزرگن جي منهن جي هنن عزت نہ رکي. |
|
| 13 |
|
| جوان ماڻهن جنڊ کنيا، ۽ ٻار ڪاٺين جي بار هيٺ آٿڙجي ڪِريا. |
|
| 14 |
|
| بزرگن دروازي تي ويهڻ ڇڏي ڏنو ۽ جوان ماڻهن ڳائڻ وڄائڻ کان بس ڪئي. |
|
| 15 |
|
| اسان جي دل جي خوشي بند ٿي ويئي آهي؛ اسان جو ناچ بدلجي ماتم ٿي پيو آهي. |
|
| 16 |
|
| ڇٽ اسان جي مٿي تان ڪري پيو آهي: افسوس آهي اسان جي حال تي! جو اسان گناهہ ڪيو آهي. |
|
| 17 |
|
| انهيءَ ڪري اسان جي دل ماندي آهي؛ انهن ڳالهين ڪري اسان جي اکين ۾ ڌنڌ آهي؛ |
|
| 18 |
|
| ڇالاءِ جو صيون جو جبل ويران آهي، لومڙيون انهيءَ تي پيون گهمن. |
|
| 19 |
|
| اي خداوند تون هميشہ قائم آهين؛ تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي هلندو هلي. |
|
| 20 |
|
| ڇو تون اسان کي هميشہ لاءِ وساري ٿو ڇڏين، ۽ هيترو سارو وقت اسان کي ترڪ ٿو ڪرين؟ |
|
| 21 |
|
| اي خداوند، تون اسان کي پاڻ ڏانهن ڦيراءِ، تہ اسين ڦرون؛ اسان جا ڏينهن قديم زماني وانگر نئين سر جاري ڪر. |
|
| 22 |
|
| پر تو اسان کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي، تون اسان تي ڏاڍو ڪاوڙيل آهين. |
|
|
|
|