|
| 1 |
|
| اي اسان جا خداوند! اسان تي جيڪي مصيبتون آيون، تن تي تون غور ڪر. اسان تي نظر ڪري ڏس تہ ڪيئن نہ اسان کي خوار خراب ڪيو پيو وڃي. |
|
| 2 |
|
| تنهنجي طرفان ڏنل ميراث تي ڌارين قبضو ڪيو آهي، ۽ اسان جي گھرن ۾ بہ ڌاريا ماڻهو ٿا رهن. |
|
| 3 |
|
| اسان جي پيئرن کي ماري اسان کي يتيم ڪيو ويو آهي، ۽ هاڻي اسان جون مائرون بيسهارا رننزالن جيان آهن. |
|
| 4 |
|
| اسين پاڻي بہ ملهہ جو ٿا پيئون، ۽ ڪاٺيون بہ بها سان وٺي ٻاريون ٿا. |
|
| 5 |
|
| اسين ڏينهن رات لوڙيون ٿا ۽ ڪوبہ آرام ڪونہ اٿئون، تنهنڪري ڏاڍا ٿڪجي پيا آهيون. |
|
| 6 |
|
| اسان جيئري رهڻ ۽ کاڌي حاصل ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي مصرين ۽ اشورين ڏانهن معاهدي لاءِ پنهنجو هٿ ڊگھيريون ٿا. |
|
| 7 |
|
| اسان جي ابن ڏاڏن گناهہ ڪيا، پر اهي مري کپي ويا. هاڻ انهن جي گناهن جي سزا اسان کي ڀوڳڻي ٿي پوي. |
|
| 8 |
|
| جيڪي اسان تي حڪمراني ٿا ڪن، سي ڪنهن ٻئي جا غلام آهن، ۽ اسان کي سندن هٿان ڇڏائڻ وارو ڪوبہ ڪونهي. |
|
| 9 |
|
| بيابان جي ڏڪار واري حالت ۾ رهندي اسين موت جي منهن ۾ وڃي کاڌو حاصل ڪريون ٿا. |
|
| 10 |
|
| بک جي ساڙيندڙ باهہ سبب، اسان جي کل تئي جهڙي ڪاري ٿي ويئي آهي. |
|
| 11 |
|
| صيئون ۾ توڙي سڄي يهوداہ ملڪ ۾، اسان جي زالن ۽ ڌيئرن کي بيحرمت ڪيو ويو آهي. |
|
| 12 |
|
| اسان جي حڪمرانن جا هٿ ٻڌي کين ٽنگيو ويو آهي، ۽ اسان جي بزرگن سان شرمناڪ سلوڪ ڪيو ٿو وڃي. |
|
| 13 |
|
| اسان جي نوجوانن کان غلامن وانگر پٿر پيهايا ٿا وڃن. ۽ اسان جي ٻارن کان ڪاٺين جو ايترو تہ ڳرو بار کڻايو ٿو وڃي جو اهي ٿاٻڙجي ٿا ڪرن. |
|
| 14 |
|
| اسان جي اڳواڻن کي شهر جي دروازي وٽ ويهي فيصلا ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، ۽ اسان جي نوجوانن مان ڳائڻ وڄائڻ ختم ٿي ويو آهي. |
|
| 15 |
|
| اسان جي دلين مان خوشيون ختم ٿي ويون آهن، ۽ اسان جو ناچ روڄ راڙي ۾ بدلجي ويو آهي. |
|
| 16 |
|
| اسان جي حڪمراني اسان کان کسي ويئي آهي. اسان جي اهڙي حالت اسان جي گناهن جي ئي ڪري ٿي آهي. ڪاش! اسان جي قوم گناهہ نہ ڪري ها. |
|
| 17 |
|
| انهيءَ ڪري اسان جون دليون ڏاڍيون غمگين آهن، ۽ اسان جي اکين اڳيان ڌنڌ ڇائنجي ويو آهي. |
|
| 18 |
|
| صيئون جبل ايترو تہ ويران ۽ کنڊر بڻجي ويو آهي، جو انهيءَ تي لومڙيون پيون گھمن ڦرن. |
|
| 19 |
|
| پر تون اي خداوند! هميشہ هميشہ تائين حڪمران رهندين. هائو، تنهنجو تخت پيڙهي بہ پيڙهي قائم رهندو. |
|
| 20 |
|
| پوءِ تو اسان کي هيتري وقت کان ڇو وساري ڇڏيو آهي؟ ڇو تو وڏي عرصي کان اسان کي ڇڏي ڏنو آهي؟ |
|
| 21 |
|
| اي خداوند! تون اسان تي رحم ڪري وري اسان کي پنهنجو ڪر. تون اڳي وانگر اسان کي پنهنجيون نعمتون وري عطا ڪر. |
|
| 22 |
|
| ڀلا ڇا تون اسان کان ايتري قدر ناراض ٿي اسان کي هميشہ جي لاءِ ٺڪرائي ڇڏيندين؟ |
|
|
|
|