آءٌ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجي پاڪ نالي کي پڌرو ڪندس ۽ وري اڳتي پنهنجي پاڪ نالي جي بيادبي ٿيڻ نہ ڏيندس، تڏهن قومون ڄاڻي وٺنديون تہ آءٌ ئي خداوند ، بني اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.
ايتري قدر جو هنن کي جھنگ مان ڪابہ ڪاٺي آڻڻي نہ پوندي، نڪي ٻيلن مان ڪو وڻ وڍڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هو انهن هٿيارن کي ئي باهہ ۾ ٻارڻ جي ڪم آڻيندا رهندا. هو انهن کي ئي لٽيندا ۽ ڦريندا جن کين لٽيو ۽ ڦريو هو. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“
جڏهن اهي ملڪ مان لنگھندا، تڏهن منجھائن ڪنهن کي بہ جيڪڏهن ڪنهن انسان جي هڏي ڏسڻ ۾ ايندي تہ هو ان جي ڀرسان هڪڙو نشان کڙو ڪندو، انهيءَ لاءِ تہ جڏهن قبرون کوٽي دفن ڪرڻ وارا اچن تہ هو انهيءَ کي اتي ياجوج جي لشڪر واري ماٿريءَ ۾ دفنائي ڇڏين.
خداوند فرمايو تہ ”جڏهن آءٌ ياجوج جي لشڪر کي سزا ڏيندس، هائو، جڏهن آءٌ پنهنجي ڪيل فيصلي تي پنهنجي قدرت سان عمل ڪري ڏيکاريندس، تڏهن دنيا جي سڀني قومن آڏو منهنجي عظمت ظاهر ٿي پوندي.
پوءِ غير قومن وارا ڄاڻي وٺندا تہ ڇا جي ڪري مون بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو هو ۽ کين سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو هئم، جن مان ڪن کي جنگ ۾ قتل ڪيو ويو ۽ ڪن کي جلاوطن ڪيو ويو هو. اهو سڀ ڪجھہ انهيءَ ڪري ٿيو جو بني اسرائيل نافرمان ٿي بدڪاري ڪئي ۽ منهنجي خلاف گناهہ ڪيا هئا.
پر هاڻي آءٌ خداوند خدا سڄي بني اسرائيل قوم تي رحم ڪندس. هائو، آءٌ يعقوب جي اولاد جي خوشحالي وري بحال ڪندس ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پاڪ نالي جي عظمت کي ضرور قائم رکندس.