اوهان منهنجي لاءِ پيش ڪيل خوراڪ يعني قربانين واري چرٻي ۽ رت پيش ڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ مون کي نہ مڃيندڙ اڻطهريلن ماڻهن کي منهنجي مقدس هيڪل جي چوديواريءَ اندر وٺي آڻي منهنجي هيڪل کي پليت ڪيو آهي. اوهان پنهنجا اهڙا ڪراهت جهڙا ڪم ڪري مون سان ٻڌل عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي.
اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت جون سڀيئي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ صحيح بندوبست نہ ڪيو. پر انهيءَ جي بجاءِ اوهان منهنجي هيڪل جي خدمت لاءِ غير واسطيدار ماڻهن کي مقرر ڪيو آهي.
سو مون خداوند خدا جو حڪم آهي تہ هاڻي اڳتي ڪوبہ مون کي نہ مڃيندڙ اڻطهريل ماڻهو منهنجي هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو. هائو، بني اسرائيل منجھہ رهندڙ اهڙو ڪوبہ ڌاريو ماڻهو هيڪل ۾ داخل ٿي نہ سگھندو.‘“
خداوند مون کي وڌيڪ فرمايو تہ ” لاوين کي ئي منهنجي هيڪل ۾ خدمت ڪرڻي آهي. پر ڪي لاوي مون کي ڇڏي ٻين بني اسرائيل وارن سان گڏجي گمراهہ ٿي بتن جي پوڄا ڪرڻ لڳا، تن لاوين کي آءٌ سندن بدڪاريءَ جي سزا ضرور ڏيندس.
انهيءَ هوندي بہ هو مقرر حد تائين منهنجي مقدس هيڪل جا خدمتگار ٿي رهندا. هو هيڪل جي لنگھن جي نگهباني ڪندا ۽ هيڪل جي خدمت چاڪريءَ جو ڪم بہ ڪندا. هو ماڻهن جي پاران ساڙڻ واريون قربانيون ۽ ٻيون ذبح ڪرڻ واريون قربانيون بہ ڪهندا ۽ انهن ماڻهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ هيڪل وٽ حاضر رهندا.
جيئن تہ گذريل وقت ۾ لاوي بني اسرائيل جي بتن جي پوڄا ڪرڻ ۾ سندن رهنمائي ڪندا رهيا، جنهن ڪري هو بني اسرائيل قوم کي بدڪاريءَ ڏانهن وٺي ويا، تنهنڪري آءٌ خداوند خدا انهن کي سزا ضرور ڏيندس.
هو نڪي ڪنهن رنزال سان ۽ نہ وري ڪنهن طلاق ڏنل عورت سان شادي ڪن، بلڪ هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنوارين ڇوڪرين سان شادي ڪن، يا وري انهيءَ رنزال سان شادي ڪن جيڪا ڪنهن ڪاهن جي رنزال هجي.
جڏهن ڪو جھڳڙو کڙو ٿئي تڏهن ڪاهن منصف ٿين ۽ منهنجي شريعت مطابق انصاف ڪن. هو منهنجي سڀني مقرر ڪيل عيدن تي منهنجي شريعت ۽ قاعدن قانون تي عمل ڪرائين ۽ منهنجي سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ٿيڻ نہ ڏين.
ڪاهنن کي گھرجي تہ هو ڪنهن بہ مئل ماڻهوءَ کي ڇهي پاڻ کي پليت نہ ڪن. البت هو رڳو پنهنجي پيءُ، ماءُ، پٽ، ڌيءُ، ڀاءُ يا ڪنواري ڀيڻ جي لاءِ پاڻ کي ناپاڪ ڪري سگھن ٿا.
هر فصل جي پيداوار جو پهريون حصو ڪاهنن جو هوندو. ان کان سواءِ هر نذراني جو پهريون حصو ڪاهنن کي ملندو ۽ هر دفعي اناج جي پچايل شين مان پهريون حصو بہ ڪاهنن کي ڏنو ويندو، تہ جيئن بني اسرائيل قوم تي برڪت نازل ٿئي.