Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| ۽ خداوند مون کي چيو تہ اڃا بہ وڃ، وڃي هڪڙي زال سان محبت رک، جا پنهنجي يار جي پياري ۽ زناڪار هجي، جهڙي طرح خداوند بني اسرائيل سان محبت رکي ٿو، جيتوڻيڪ هو ڦري ٻين معبودن ڏانهن منهن ڪن ٿا، ۽ ڪشمش جون ٽڪيون پسند ڪن ٿا. |
| 2 |
| تڏهن مون اهڙي زال چانديءَ جا پندرهن سڪا، ۽ جَوَن جو ڏيڍ خومر ڏئي خريد ڪئي: |
| 3 |
| ۽ مون هن کي چيو تہ تون مون وٽ گهڻن ڏينهن تائين رهہ؛ ڪڃري ٿي نہ گذارج، ۽ نہ ڪنهن جي زال ٿج: ۽ آءٌ تنهنجي لاءِ ائين ئي ڪندس. |
| 4 |
| ڇالاءِ جو بني اسرائيل گهڻا ئي ڏينهن بادشاهہ کان سواءِ، ۽ حاڪم کانسواءِ، ۽ قربانيءَ کانسواءِ، ۽ کوڙيل ٿنڀ کانسواءِ، ۽ اُفود يا ترافيم کانسواءِ رهندا. |
| 5 |
| تنهن کانپوءِ بني اسرائيل موٽندا، ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود کي ڳوليندا؛ ۽ پوين ڏينهن ۾ ڊپ سان خداوند وٽ سندس فضل لاءِ ايندا. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/hosea/003.mp3
14
3