×

مقدس ڪلام توريت، زبور

هوسيع ٣

1
خداوند مون هوسيع کي وري فرمايو تہ ”اي هوسيع! وڃ، تنهنجي اها زال جيڪا تو کي ڇڏي ٻين کان زناڪاري ٿي ڪرائي، تنهن سان تون رابطو ڪري وري محبت رک. اهو مون خداوند جو مثال ٿيندو، جهڙيءَ طرح آءٌ اسرائيل وارن سان محبت ٿو رکان، توڙي جو اهي ڦري ٻين معبودن جي اڳيان جھڪيا آهن ۽ بتن آڏو ڪشمش جون ٽڪيون خوشيءَ سان نذراني طور پيش ڪن ٿا.“
2
سو مون چانديءَ جي پندرهن سڪن ۽ هڪ سؤ پنجاهہ ڪلوگرام جَون جي عيوض اها عورت پنهنجي لاءِ خريد ڪئي.
3
تنهن هوندي بہ مون کيس چيو تہ ”تون هاڻي گھڻي وقت تائين رڳو منهنجي انتظار ۾ رهہ ۽ آءٌ بہ تنهنجي ويجھو ڪونہ ايندس بلڪ تنهنجي انتظار ۾ رهندس. ان وقت تائين تون ڪنهن ٻئي سان وڃي نہ سمهج. هائو، تون ڪسب هرگز نہ ڪرائج.“
4
بلڪل ساڳيءَ طرح اسرائيل وارا بہ گھڻي عرصي تائين بادشاهہ، حاڪم، قربانيءَ ، کوڙيل بتن، فال وجھڻ لاءِ استعمال ٿيندڙ بتن ۽ مذهبي وڳي کان سواءِ رهندا.
5
پوءِ اهو وقت ايندو جڏهن اسرائيل وارا خداوند جو خوف ڪندي وري سندس آڏو توبهہ‌تائب ٿيندا ۽ خداوند پنهنجي خدا ۽ پنهنجي بادشاهہ دائود جي گھراڻي جا طالبو ٿي رهندا، تڏهن مٿن خداوند جو فضل ٿيندو.
Sindhi Muslim Bible 2022
Muslim Sindhi Bible The Pakistan Bible Society, 2022 --- Scripture taken from the Holy Bible in Muslim Sindhi, 2022 The Pakistan Bible Society.
:
نوٽس محفوظ ڪريو