Sindhi Bible 1962
|
| 1 |
| ۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ |
| 2 |
| تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جيڪڏهن ڪا زال حاملہ ٿئي، ۽ پٽ ڄڻي، تہ اها ست ڏينهن ناپاڪ رهندي، جهڙيءَ طرح هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ ناپاڪ رهندي آهي. |
| 3 |
| ۽ اٺين ڏينهن انهي ڇوڪر جي بدن جي کل جو ختنو ڪيو وڃي. |
| 4 |
| ۽ اها زال پنهنجي پاڪ ٿيڻ تائين ٽيٽيهہ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي؛ ۽ جيستائين سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا نہ ٿين، تيستائين ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لائي، نڪي پاڪ مڪان ۾ اچي. |
| 5 |
| پر جي هوءَ ڌيءَ ڄڻي تہ هوءَ ٻہ هفتا ناپاڪ رهندي، جيئن هوءَ پنهنجي ماهواريءَ جي ڏينهن ۾ رهندي آهي: ۽ ڇاهٺ ڏينهن ڇِلي ۾ رهي. |
| 6 |
| پوءِ جڏهن سندس پاڪ ٿيڻ جا ڏينهن پورا ٿين، تڏهن پٽ جي لاءِ توڙي ڌيءَ جي لاءِ، هڪڙو يڪسالو گهيٽو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ هڪڙو ڪبوتر جو ٻچو يا هڪڙو ڳيرو، گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، جماعت واري تنبوءَ جي در تي ڪاهن وٽ کڻي اچي: |
| 7 |
| ۽ هوءَ خداوند جي حضور ۾ اها قرباني چاڙهي ۽ هن جي لاءِ ڪفارو ڪري؛ تہ پوءِ هوءَ پنهنجي رت وهڻ مان پاڪ ٿيندي. اهو قاعدو ويم واريءَ زال جي واسطي آهي، پوءِ هن جو ٻار پٽ هجي توڙي ڌيءَ هجي. |
| 8 |
| پر جي انهيءَ زال کي گهيٽي جيتري وسعت نہ هجي، تہ پوءِ هوءَ ٻہ ڳيرا يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا آڻي؛ هڪڙو سوختني قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ: ۽ ڪاهن هن جي لاءِ ڪفارو ڪري تہ پوءِ هوءَ پاڪ ٿيندي. |
| نوٽس محفوظ ڪريو |
https://beblia.bible:81/BibleAudio/sindhi/leviticus/012.mp3
27
12